پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻالڪ بازياب نه ٿيو، والد لڙڪ لاڙي ويٺو

0
27
پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻالڪ بازياب نه ٿيو، والد لڙڪ لاڙي ويٺو
پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻالڪ بازياب نه ٿيو، والد لڙڪ لاڙي ويٺو

پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻالڪ بازياب نه ٿيو، مغوي جو والد پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس ٿي روئي ويٺو، پنوعاقل جي مھراڻ ڪالوني مان 8 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻالڪ عابد پٺاڻ بازياب ناھي ٿي سگھيو، مغوي جو والد سکر پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس ٿي روئي ويٺو، ھن چيو پوليس رڳو روز آسرا ڏئي رهي آهي، مغوي جي والد آرمي چيف، وزير اعظم، وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي پٽ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، هوڏانهن سول سوسائٽي پاران پنوعاقل ۾ بدامني خلاف ۽ ٻالڪ جي بازيابي لاءِ بينظير پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.