پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل شھر ۾ گھر مان ڌاڙي کانپوءِ اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ محمد حسين آرائين کي پوليس بازياب نه ڪرايو، ايس ايس پي سکر وارثن وٽ پھتو، خبر موجب شھر ۾ گھر اندر ڌاڙي کانپوءِ اغوا ڪيل معصوم ٻالڪ محمد حسين آرائين کي گفتو گذرڻ باوجود پوليس ڏوهارين جي چنبي مان بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ڪالهه ايس ايس پي سکر امجد شيخ مغوي ٻالڪ جي وارثن وٽ پهچي والد اڪرم آرائين سان ملاقات ڪري ٻالڪ جي جلد بازيابي جي خاطري ڪرائي، ايس ايس پي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جنھن گينگ ٻار کي اغوا ڪيو آھي، ان تائين پوليس پھچي وئي آھي، ھاءِ پروفائل ڪيس آھي، نه رڳو سکر پوليس لاءِ پر سنڌ پوليس لاءِ به ھاءِ پروفائيل ڪيس آھي، ھن چيو ته گينگ ٽريس ٿي چڪي آھي، ٻار جي محفوظ بازبي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن، جلد بازيابي عمل ۾ اچي ويندي، ٻئي پاسي ٻالڪ جي امڙ پٽ جي ياد ۾ بيحال ٿي وئي، ٻالڪ جي امڙ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته هفتو ٿي ويو آهي پر پوليس معصوم پٽ کي بازياب ناهي ڪرايو، ھن آرمي چيف کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.