پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل جي مھراڻ ڪالوني مان اغوا ٿيل نينگر عابد پٺاڻ جي آزادي لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي، پنوعاقل پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي مختلف علائقن کان آيل پٺاڻ برادري ماڻھو جا ماڻھو وارث ۽ شھري موجود آھن، مغوي نينگر جي والد نورالدين پٺاڻ جو چوڻ آھي ته پوليس طرفان ورتل 24 ڪلاڪن جي مھلت ختم ٿي چڪي آھي پوليس رڳو ٺلھا آسرا پئي ڏي، جڏھن ته ايس ايس پي سکر جو چوڻ آھي ته نينگر جي بازيابي لاءِ ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آھن رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ڪارروائيون ھلندڙ آھن جلد نينگر کي بازياب ڪرايو ويندو .