پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ويجهو ڪراچي کان پنجاب طرف ڏيڍ ڪروڙ ماليت جو سريو کڻي ويندڙ ٽرالر کي روھڙي ڀرسان قومي شاھراهه تي ويگو  ۾ سوار وردي پھريل اھلڪارن طرفان روڪڻ کانپوءِ ڊرائيور کي يرغمال بڻائي رستي ۾ ٻڌي ڦٽو ڪرڻ کانپوءِ ٽرالر ڦر ڪري ويا، ڳجھي اطلاع تي پوليس سانگي وٽ قومي شاھراهه تي ڪارروائي ڪري ٽريڪٽر تي لوڊ ٿيندڙ سريو ھٿ ڪري ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ ٻن چوڪيدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته ٽرالر ڊرائيور ڄام ارشد جو چوڻ ھو ته روھڙي ٽول پلازا کي ڪراس ڪرڻ کانپوءِ ويگو سوار پوليس جي وردي پھريل اھلڪارن روڪي يرغمال بڻائڻ کانپوءِ ٽرالر ڦر ڪري فرار ٿيڻ کانپوءِ مونکي رستي ۾ اکيون ٻڌي ڇڏي ڏنو، سرئي جو مالڪ گدام تي پھچي ڪري تصديق ڪئي ته سرئي جي ماليت ڏيڊ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، سانگي پوليس جو چوڻ آھي ته گدام تي لوڊ ٿيندڙ ٽريڪٽر ڊرائيور گلشير انڍڙ سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جن کان پڇا ڳاڇا ھلندڙ آھي.