پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان قومي شاهراهه تان پيرسن جو لاش ھٿ، اسپتال منتقل، خبر موجب سانگي قومي شاھراهه تي سانگي واسي پيرسن نديم جتوئي جو لاش ھٿ آيو، پوليس پهچي پيرسن جي لاش کي کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو، سانگي پوليس جو چوڻ ھو ته پيرسن جو موت روڊ ڪراس ڪرڻ دوران ڪنھن گاڏي جي ٽڪر سبب ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، پيرسن جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا.