پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل جي صحافي منيب انڍڙ مٿان پوليس پاران وڌيڪ 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي سٽي ٿاڻي تي پرائيويٽ ماڻھو جي فرياد تي پلاٽ جو مسئلو ڄاڻائي صحافي منيب انڍڙ ۽ سندس ڀاءُ سميت ٽن مامن ۽ ھڪ ماروٽ تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پوليس صحافي جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪري گھر ۾ گهڙي صحافي جي مامي ۽ ماروٽ کي گرفتار ڪري ورتو، پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيل ٻنهي ايف آءِ آرز ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته منيب انڍڙ صدر پاڪستان لاءِ غير اخلاقي، توھين آميز ۽ ڌماڪائڻ واريون سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکيون،  صحافي مٿان ايف آءِ آر ۽ سندس گهر تي پوليس جي چڙهائي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري راڻا عظيم سميت سول سوسائٽي جي ماڻهن، سياسي ۽ سماجي ڌرين توڙي عام شهرين پاران سخت مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن جي يو آءِ اڳواڻ اڳواڻ راشد محمود سومرو پريس ڪانفرنس دوران صحافي منيب انڍڙ مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي.