پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل جي ڪچي ۾ مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، خبر موجب ڪچي جي رضا ڳوٺ ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مبين عرف ھاشم مھر مارجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آھي ته مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.