پنهنجي پاران … ڪربلا جو سانحو ۽ شاهه جو سُر ڪيڏارو

0
22
پنهنجي پاران ... ڪربلا جو سانحو ۽ شاهه جو سُر ڪيڏارو

حضرت امام حسين عه جي شهادت کي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين جي ادب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اسانجي سنڌڙيءَ جي سُونهاري شاعرَ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه به ڪربلا جي قضيي کي گَهِري ڏک سان رقم ڪيو آهي. ڪربلا جي مقتل گاهه ۾ امام عه جي ساٿين ۽ گهر ڀاتين جي صبر ۽ استقامت کان امام حسين عه جي عظيم شهادت تائين هر پهلوءَ تي لکندي سندس قلم اشڪبار نظر اچي ٿو. سندس بيتَ ڪربلا جي واقعي جي حقيقت کي بيان ڪن ٿا. سر ڪيڏاري ۾ هن جيڪو جنگ جو نقشو چٽيو آهي، سو حقيقت ۾ شاهه سائين رحه جي شاعراڻي ڪمال کي به ظاهر ڪري ٿو.

                 شاهه سائين ڪيئن نه ٻڌائي ٿو ته حضرت امام حسين عه ۽ سندس گهراڻي جا بهادر ڀاتي، باطلَ کي قيامت تائين وائکو ڪرڻ لاءِ يزيد جي سامهون اڏول بڻجي بيٺا. هو پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي، اسلام جي سربلنديءَ لاءِ اڳتي وڌيا ۽ يزيدي فوج جي گهڻائيءَ يا ظاهري طاقت، الله جي رسول جي پياري نياڻي بيبي فاطمه سلام الله عليها جي بهادر ٻچڙن کي ڪنهن به خوف ۾ مبتلا ڪونه ڪيو. هُو وقت جي ظالم ۽ جابر حڪمران جي غلط فيصلن ۽ حڪمن کي نه مڃيندي سندس مخالفت ۾ ثابت قدم ٿي بيٺا:

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھلِ بَيتَ آئِيا

ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا

سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، ھَھڙا سُورِھ سُپِرِين

اهڙيءَ ريت هڪ ظالم ۽ ڏاڍي، يزيد جِي طاقت کي پڻ حق ۽ سچ جي شاعر ڀٽائيءَ بيان ڪيو آهي. هُو ٻڌائي ٿو ته اهلبيتِ رسول صه جن جي آڏو تلوارون هيون، طاقت جو مظاهرو هو، لاتعداد لشڪر هو، بي رحم، ناحق ڪندڙ ۽ بي قياس يزيد جو حڪم هو. سندس قافلي ۾ لالچي، نامراد ۽ آزاريندڙ ماڻهو هئا، پر پوءِ به هر قسم جي سختيءَ کي منهن ڏيڻ جي طاقت رکندڙ امام حسين عه ۽ سندن ساٿين ڪربلا جي ميدان ۾ خيما کوڙيا. سامهون وارن پٿر دل ماڻهن جي اڳيان بي خوف بيٺا رهيا ۽ جنگ ڪندا رهيا، مگر لشڪر جي گهڻائي ۽ يزيد جو ڊپ مٿانئُن طاري ٿي نه سگهيو. ٿئي به ڪيئن ها! جو حق ۽ سچ کي اڄ تائين ڪوبه مِٽائي نه سگهيو آهي.

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون

جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون

مُنھن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو

ڪربلا جي ميدان ۾ بهادرن جي سامهون اُهي ماڻهو آيا، جيڪي ڪُوڙا ۽ ٺڳ هئا. هنن دنياوي لالچ جي عيوض نه ته دولت ۽ حڪومت حاصل ڪئي، نه ئي کين ڪڏهن سڪون ئي ملي سگهيو. ها! مگر هنن پنهنجي لاءِ دوزخ ۽ خدا جو عذاب خريد ڪري ڇڏيو. شاهه سائين فرمائي ٿو ته ڪربلا جو ميدان جنگ لاءِ تيار ٿيو آهي. جنگ ۾ بهادرن جو مقابلو ٿيو آهي. بهادرن جُون جھوليُون سندن لاشن سان لُڏنديون جو آيون ته روڄ راڙو مَچي ويو. عورتن پنهنجي مٿي ۾ مِٽي وجھندي پارَ ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا. هنن پنهنجن جي غم ۾ دانهن ڪُوڪَ ڪئي. هِهڙن بهادرن جي غم ۾ جنگ جو ميدان واويلا جو مانڊاڻ نظر اچڻ لڳو:

جِهمَندِيُون اَچَنِ، جهوليُون جُهونجهارَنِ جُون

پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ

پِٽِينِ پارَ ڪڍَنِ؛ رڻ گَجيو، راڙو ٿِيو

جڏهن اهلبيت ۽ سندن ساٿين جون عورتون، ڪربلا جي ميدان ۾ بهادرن جي سچائي ۽ امام حسين عه جي مٿان قربان ٿيڻ لاءِ سندن ثابت قدمي محسوس ٿيون ڪن، ته وڏي واڪي پنهنجن وَرن کي ٿيُون چون، ته ناڪاميءَ بدران سِرُ ڏئي شهيد ٿيڻ کي افضل سَمجهجو! اِيئن نه ٿئي جو توهان ناڪام ٿِي واپس اچو! اسان توهان جي شهادت کانپوءِ روئي پار ڪڍڻ گوارا ڪنديون سين، پر ڀَڄي اچڻ جا طعنا ڏاڍا ڏکيا آهن. اهي طعنا هميشه لاءِ جڏهن ته زندگي ڪجهه وقت لاءِ هوندي آهي. جيڪا (زندگي) شانائتي ۽ سوڀ ڀرِي هجي، ته شهيد کي امر ڪري ڇڏيندي آهي:

مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ!

ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَنڙا

ڪربلا جي ميدان ۾ هر قدم تي ثابت قدميءَ جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا. مٿئين بيت جيان شاهه صاحب هڪ ٻئي جاءِ تي ‘ڪيڏاري’ ۾ فرمائي ٿو ته هڪ بهادر جي وَنِي، پنهنجي سورهيه وَر کي چوي ٿي ته، “آئون امام حسين عه جي مٿان توهانکي قربان ٿيندي ڏسنديس ته سڪون حاصل ٿيندم. اگر اوهان جي پٺيءَ تي ڌڪ هوندو، ته لڄ ۾ مري ويندس”! هن بيت ۾ هڪ طرف ته وفاداريءَ جو حق ادا ڪرڻ جو درس نظر اچي ٿو، ته ٻئي طرف مردن جيان، سندن اڏول زالن جي بهادري ۽ ثابت قدمي!! سچ ته ڀٽائيءَ جو اهو انداز بهادرن کي سلام پيش ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. واقعي انسانيت اهڙن بهادرن جي اڄ به سلامي آهي ۽ انهن تي ناز ڪري ٿي:

’ڀَڳو’ آئوُن نه چَوان؛ ‘مارِيو’، ته وِسَھان

ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان

ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾

ميدانِ ڪربلا ۾ جڏهن حشر برپا ٿي ويو. مسڪينن، بکايلن ۽ اڃايلن جي قافلي کي جڏهن شهيد ڪيو ويو، يزيدي لشڪر انهن حق جي حامي ساٿين کي اذيتون ۽ تڪليفون ڏنيون، سندن ڌڙَ، سسيءَ کان ڌار ڪيا ويا، پوءِ به حُسيني قافلي جون عورتون غمزده هجڻ باوجود مطمئن ۽ ثابت قدم نظر آيون. شاهه سائين ٻڌائي ٿو ته سندن مُنهَن مٿي آهن. هُو پنهنجن جِي ياد ۾ پارَ ڪڍي روئي ته رهيون آهن، پر گڏوگڏ اهو اعتراف به ڪري رهيون آهن ته هنن بهادرن پنهنجي بهادريءَ سان سڀني کي سرخرو ڪري ڇڏيو آهي:

مُنهَن مٿاهان جن جا، سي پِٽيون ڪڍن پار

جيڏيون! جن جُھنجھار، اُجاري سڀ اڇا ڪيا

ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عه جي بهادريءَ سان گڏ سندن گهراڻي جي فردن ۽ باوفا ساٿين جي هر تڪليف ۾ استقامتَ کين اعليٰ ترين مقام ڏياريو. دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي توڙي سلامتي ڏياري. هو بهادريءَ سان لکين ماڻهن جي لشڪر سان وڙهندي خدا آڏو پنهنجي جان جا نذرانا پيش ڪرڻ ۾ سرخرو ٿيا. هنن امام حسين عه جي مٿان پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري حقيقت ۾ حق جي واٽ ۾ وڙهندي سوڀ حاصل ڪئي. تڏهن ئي ته جنت جُون حورون کين هار پارائن ٿيون:

ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِ

سائُنِ سِرَ فِدا ڪَيا، اَڳِيان اِمامَنِ

”يُجَاھِدُونَ فِى سَبِيل الله“، ڪَمُ اِھو ئِي ڪَنِ

حُورُون ھارَ ٻڌَنِ، سِھرا شَھيدَنِ کي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو هيٺيون بيت به امام حسين عه جي شهادت جو بيان آهي. شاهه سائين واضح ڪري ٿو ته ڪُوفِي يزيد جا حمايتي ٿي ويا. جن اهو قهر ڪيو، هنن جي ظلم جي ڪري امام حسين عه جنگ جي ميدان ۾ آيو. سندن مڪّار ارادن ۽ ڪُپت سبب ئي امام حسين عه شهيد ٿي ويو:

ڪُوفِيُنِ قَھِرُ ڪَيو، ٿِيا جَماتِي يَزِيدَ سين

پَلِيتَن کي پِڙَ ۾، وَرِنَھُ وَرِ پِيو

سَڌَرِ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِيو

حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت جو واقعو سموري انسان ذات لاءِ ڏک جو باب هجڻ سان گڏوگڏ صبر جو سبق به آهي. تاريخ گواهه آهي ته حضرت امام حسين عه جي شهادت تي زمين ۽ آسمان رُنا. انسانيت جو پيغام هر هنڌ عام ڪرڻ وارا ڪربلا جي ميدان ۾ ڪُسجي ويا، پر سندن شجاعت ۽ حوصلي جو مثال هر دؤر جي هر انسان لاءِ اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جيان آهي. ٻئي پاسي هڪ ظالم ۽ فاسقَ، يزيد جا حمايتي پل گهڙيءَ جي خوشي به ماڻي نه سگهيا. تاريخ ۾ اچي ٿو ته يزيد جي لشڪر کي ڪربلا جي واقعي کانپوءِ جيڪي اشرفيُون حاصل ٿيون هيون، اهي ڪاٺ ۾ تبديل ٿي ويون هيون.

جهيڙو لاھ، يَزِيدَ! عَلِيءَ عه جي اولادَ سين

سا نه پسندين عيدَ، جا هوندي مِيرَ حسين عه سِين

haseebnayab14@gmail.com