هڪ صدي اڳ جو زمانو، جڏهن نه سوشل ميڊيا هئي ۽ نه ئي ڊجيٽل پليٽ فارمز. تڏهن علم، ادب، سياست، سماجيات وغيره بابت سچ جي ڦهلاءَ جو واحد ذريعو رسالا ۽ اخبارون هيون. اهو ڇاپا خانن رستي اشاعت جو دؤر هو، جن ناشرن جي ڇاپي خانن مان لفظ نه رڳو بصارتون پڙهنديون هيون، پر اهي پڙهيلَ لفظَ دلين ۾ به گهر ڪندا هئا. هي ادارا نه رڳو لکڻ وارن کي سڃاڻ ڏيندا هئا، پر پڙهندڙن جي ذهني تربيت به ڪندا هئا. پر افسوس جو اڄ انهن مان ڪيترن پبلشرن جو نالو نشان ئي ميسارجي چڪو آهي. اهڙا اشاعت ڪارَ، جن جي هٿن ۾ هڪ صدي اڳ تائين علم جي مشعل هئي، اهي نه رڳو ڪتاب شايع ڪرائيندا هئا، پر فڪر، شعور ۽ سماجي تبديليءَ جي راهه پڻ هموار ڪندا هئا. سندن دفترَ ۽ ڇاپا خانا فڪر جا دانشگاهه هئا، جتي قلم، ڪاغذ ۽ ضمير گڏجي نوان لاڙا جنم ڏيندا هئا. انهن ادارن، پنهنجي دؤر جي شاعرن، اديبن، مفڪرن، عالمن ۽ قوم جي اڳواڻن جي فڪر کي عام ماڻهن تائين پهچايو. پر وقت جي گردش، ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي ۽ پڙهڻ جي عادت جو گهٽجڻ انهن ادارن جو مثبت اثر آهستي آهستي جِھيڻو ڪندو ويو. ڪيترن جي ڇپائي بند ٿي وئي، ڪجهه مالي بحران جو، ته ڪي وري بي قدريءَ جو شڪار ٿي ويا.
اڄ به ڪيترن پبلشرن جا نالا صرف پراڻن ڪتابن جي صفحن تي پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. سندن ڇپايل ڪي ڪتاب ڪنهن پراڻي پبلڪ لائبريريءَ ۾ يا ڪنهن علمي ۽ ادبي گهراڻي جي باقي بچيل ذاتي ڪتب خانن جي المارين ۾ ملن ٿا. اڄ جو نؤجوان نه انهن جي نالن کان واقف آهي، نه ئي انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪندي کين ياد ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ناشر ڪنهن دؤر ۾ سماج جي علمي اڏامَ جا پَر هئا، سي اڄ هڪ وسريل قصي جيان فقط ذڪر ۾ باقي رهجي ويا آهن. جن جو تذڪرو به ڪٿي ورلي ملي ٿو، پر انهن جي نه ڪا يادگيري باقي آهي ۽ نه ئي ڪو مڃتا جو نشان. پر سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا اسان پنهنجي علم ۽ ادب جي انهن محسنن کي وساري ڇڏيون؟ ڇا اسان نئين نسل کي سماج جي فڪري اڏاوت ۾ سندن حصي بابت نه ٻڌايون؟ ڇا اسانجي ذميواري ناهي ته اسان انهن ادارن ۽ انهن جي خدمتن کي محفوظ ڪريون؟ سندن اؤج ۽ عروج جو داستان عام ڪريون؟ ڇا اها اسانجي قومي، ادبي ۽ اخلاقي ذميواري ناهي ته جن علم جا ڏيئا ٻاريا، تن کي وري روشن ڪريون. ڇو ته قومون پنهنجي ماضيءَ کي ياد رکڻ، پنهنجن محسنن کي سڃاڻڻ ۽ پنهنجي بُڻ سان ناتو جوڙڻ سان ئي زندهه رهنديون آهن.
شڪارپور جي ناشرَ، مسٽر پوڪرداس ٿانورداس طرفان پهريون سنڌي ڪتاب جولاءِ 1889ع ڌاري ڇپايو ويو ۽ اشاعت جو اهو سلسلو ورهاڱي تائين هلندو رهيو. پير علي محمّد راشديءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: “جيڪڏهن سنڌي زبان اڄ حيات آهي ته ان جو هڪ سبب پوڪرداس جو ڇاپه خانو به آهي” (اُهي ڏينهن اُهي شينهن- جلد پهريون ــ ص: 342 ) مسٽر پوڪرداس جو اشاعتي ادارو جڏهن ترقيءَ جي بلنديءَ تي پهتل هو ته مسٽر شِوَلداس ٿانورداس 1910ع جي شروعات کان شڪارپور ۾ اُهي ڪتاب ٻيهر ڇپرائڻ شروع ڪيا، جيڪي مسٽر پوڪرداس طرفان شروعات ۾ ڇپايا ويا هئا. جاسوسي ادب ۽ فلمي ڪتابڙن جي اشاعت لاءِ خوبچند تاراچند سڀاڳچنداڻيءَ 1920ع ۾ “خُوبچند اينڊ سنز پبلشر شڪارپور” جي نالي سان شاهي بازار ۾ اشاعتي ادارو قائم ڪيو. ان اداري طرفان شڪارپور جي قلمڪارن جي ڪتابن سان گڏوگڏ سنڌ جي ڪيترن ئي قلم ڌڻين جا ڪتاب ڇپجي پڌرا ڪرايا ويا.
“ٿڌا سنگھه اينڊ سنز ڪتب فروش” طرفان مؤلودن، شعرن، قصن توڙي داستانن تي مشتمل ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪرڻ جي شروعات 1925ع کان ٿي. اهڙيءَ طرح شڪارپور جي اسڪول “هوپ فُل اڪيڊمي”، “چيلاسنگھه ۽ سيتلداس (سِي اينڊ ايس) ڪاليج” ۽ “ڌرم اپڪار ڊرامٽڪ سوسائٽيءَ” طرفان به اشاعتي سلسلو شروع ٿيو. “شڪارپور ميونسپل” به ماضيءَ ۾ گهڻي وقت تائين ڪتابچا شايع ڪرائيندي رهي. مسلم اجمل لائبريري شڪارپور وارن جي اشاعتي اداري “انجمنِ همدردِ اسلام” کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي! بولچند وسُومل راجپال وارو “سنڌي ساهت منڊل” به وساريل ورق آهي، پر وسارڻ جهڙو ناهي. “هريشچندر ساهتيه منڊل” 1935ع کان ڪم شروع ڪيو. ساڳئي سال کان “پرمانند ڀنڊار” بيگاري واھه شڪارپور کان شروع ٿيو ۽ ان پاران هندو ڌرم جا اڻ ڳڻيا ڪتاب ڇپايا ويا، پر انهن اشاعتن جا ٻيا ڇاپا اچڻ ته پري جي ڳالھه آهي، هاڻي ته ان اداري جو نالو به شل ڪنهن کي ياد هجي! ان سان گڏوگڏ ‘جذبات پبليڪيشن’، ‘مشعل پبليڪيشن’، ‘زندگي پبليڪيشن’، ‘نئين دنيا پبليڪيشن’، ‘مهراڻ پبليڪيشن’ ۽ ‘بيدار پبليڪيشن’ شڪارپور سميت ڪيترائي ٻيا اهم اشاعتي ادارا يادگيري جا گھرجائو آهن ۽ ان ڳالهه جا پڻ ته نؤجوان نسل آڏو سندن ماضيءَ ۾ ڪيل خدمتن کي ورجايو وڃي.
اڄ، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليمي ادارا، ادبي تنظيمون ۽ حڪومتون گڏجي ماضيءَ توڙي حال جي انهن علمي، ادبي ۽ اشاعتي ادارن جي خدمتن کي اجاگر ڪن. انهن تي تحقيق ڪرائي وڃي، ڪتاب لکيا وڃن ۽ جديد گھرجن آڌار ڊاڪيومينٽريز ٺاهي نؤجوانن کي ٻڌايو وڃي ته اسانجي ڄاڻ، فڪر ۽ سچ جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ ڪيئن اهي ادارا بي غرض ٿي رات ڏينهن هڪ ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته جيڪي پنهنجي محسنن کي وساري ڇڏين، سي تاريخ جي ڪُن ۾ پاڻ به ويسَر جي ور چڙهي وڃن ٿا. ڇا اسان تي اهو فرض نٿو بڻجي ته اسان انهن وسريل ادارن کي نئين نسل آڏو جيئرو ڪري پيش ڪريون؟
haseebnayab14@gmail.com