پاڪستان جي نوجوانن لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مايوسيءَ ۽ بيوسيءَ جو پيغام آيو آهي. اسانجو ملڪ، جنهن ۾ دعويٰ ته اها ڪئي ويندي آهي ته اسانجي سڀ کان وڏي طاقت نوجوان نسل آهي ۽ نوجوان ئي قوم جو سرمايو آهن، اڄ انهن ئي نوجوانن لاءِ ننڍي ۾ ننڍي اميد جي دري به بند ڪئي وئي آهي. سرڪار پاران پيش ڪيل تازي بجيٽ 26ــ2025ع مان ديسَ واسين کي خوشحالي، ترقيءَ ۽ خاص ڪري نوجوانن کي روزگار جي حوالي سان خاص اميدون هيون ته هن ڀيري ڪجھه نه ڪجھه بهتر ضرور ٿيندو، نوجوانن کي پاڻ ڀَرو ٿيڻ جي حوالي سان ڪجهه آسرو ملندو ۽ شايد ڪنهن روزگار اسڪيم يا سهڪار جي صورت ۾ نوجوانن لاءِ ڪو خاص ‘يُوٿ ڊولپمينٽ پروگرام’ متعارف ڪرايو ويندو، پر هِن ڀيري به بجيٽ هميشه وانگر سَکڻن ۽ بي مقصد اعلانن جو ميڙ ۽ لفظن جو لُڙ ثابت ٿي. نه ڪا روزگار لاءِ نئين راهه، نه ڪا ترقي، نه ڪا عوامي خوشحالي ۽ نه ڪا قومي بهتريءَ جي ڳالھه! ملڪ جو نوجوان، ملڪ جي اندر ئي پنهنجي مستقبل بابت بي يقينيءَ جو شڪار ٿي پيو آهي.
اها ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالھه آهي جو هر ڀيري سرڪاري سطح تي جلسن، تقريرن ۽ بيانن ۾ نوجوانن کي ملڪ جو روشن مستقبل سَڏيو ته ويندو آهي، پر عملي طور تي انهن لاءِ ڪو به مستقبل نظر نٿو اچي. تازو بجيٽ ۾ تعليمي ادارن لاءِ مختص فنڊَ ويتر گهٽايا ويا آهن، فني تربيت جي پروگرامن لاءِ ڪا نئين رقم ناهي رکي وئي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن لاءِ ملازمتن جا درَ بند رکيا ويا آهن. ان کان وڌيڪ ڏک جهڙي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿيندي، جو هڪ ڊگري يافته نوجوان، جيڪو اڌ عمر تائين پنهنجي والدين جي خرچن تي تعليم حاصل ڪري ٿو، جڏهن قومي ادارن ۾ ملازمت لاءِ وڃي ٿو ته کيس تجربي جي کوٽ، سفارش نه هجڻ يا رشوت نه ڏيڻ ڪري نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو. اها قيامت پنهنجي جاءِ تي رهي، مٿان وري عمر جي حدَ، ناانصافيءَ جي هر حد کي پار ڪري ڇڏيو آهي. مطلب ته هاڻي جيڪڏهن اوهان 33 يا وڌ ۾ 35 سالن کان وڏا آهيو ته سرڪاري ملازمت جا اهل نٿا ٿي سگھو ۽ پوءِ وَتو پرائيويٽ سيڪٽر جا ڌڪا کائيندا، جيڪي اوهانجو خون چُوسي پنهنجي مرضيءَ جو معاوضو ڏيڻ لاءِ آتا آهن. جنهن ۾ اوهان جيترا سالَ رتُ سَتُ ڏيو، اوهانجو مستقبل به محفوظ ناهي.
اهو به عجيب الميو آهي ته جيڪي نوجوانَ پنهنجي وطن ۾ ڪا سڃاڻپ ٺاهڻ چاهين ٿا، اهي به مجبور ٿِي پرڏيهه ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا. ڇو ته هتي کين نه تحفظ ملي ٿو، نه عزت ۽ نه ئي پاڻ مڃرائڻ جو موقعو! روزانو اخبارن جي سرخين ۾ نوجوانن جي آپگھاتن، اغوا، بيروزگاريءَ سبب جرم جي دنيا ڀيڙو ٿيڻ ۽ تعليم ڇڏي ڏيڻ وارا قصا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، پر سرڪار ان صورتحال سان مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪي به اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سچ پڇو ته ملڪ ۾ نه روزگار آهي، نه ئي امن! نوجوان نه رڳو بيروزگار آهن، پر پنهنجي ذاتي تحفظ لاءِ به واجھائين ٿا. اسڪولن کان يونيورسٽين تائين، گهرن کان روڊن تائين، انهن لاءِ ڪٿي به ڪو اطمينان، ڪو اعتماد، ڪو تحفظ جو احساس باقي ناهي رهيو.
هن بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ روزگار جي حوالي سان ڪا اطمينان بخش پاليسي نه هجڻ، سندن صلاحيتن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ سرڪار لاءِ صرف خالي دعوائن تائين محدود رهڻ، ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهي ته هتي نوجوانن جو ڪوبه قدر ناهي ۽ کين رڳو چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ يا تقريرن ۾ ذڪر ڪرڻ جي حد تائين ئي ياد رکيو وڃي ٿو. جڏهن انهن بابت ڪجھه ڪرڻ جو وقت اچي ٿو ته ساڳئي سرڪار، ساڳين پاليسين سان سندن اميدن تي پاڻي ڦيري ٿي ڇڏي. ٻين ملڪن (ايتريقدر جو ‘ٽين دنيا’ جي ڪئين ملڪن ۾) نوجوانن لاءِ تعليمي ۽ سماجي ڀلائيءَ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ايجوڪيشنل اسڪالرشپ، امپلائمينٽ ۽ هيلٿ ڪارڊ اسڪيمون رائج آهن، انهن وانگر اسانجي ملڪ جا حڪمران بجيٽ ۾ نوجوانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو اعلان ڪرڻ کان لنوائين ڇو ٿا؟ ۽ ان جي ابتڙ سندن مستقبل تي وار ڪندي 40 هزار نوڪرين کي هڪ ڌڪ ۾ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ته پوءِ ملڪ جي نوجوان لاءِ سواءِ مايوسيءَ جي ٻيو ڪهڙو رستو ٿو بچي!؟ هُو هن مهانگائيءَ واري صورتحال ۾ ڪيئن پنهنجي جيئدان جو انتظام ڪري سگھي ٿو؟ ڪيئن پنهنجين ضرورتن کي پورو ڪري سگھي ٿو؟ ۽ ڪيئن پنهنجي مستقبل کي سنواري سگهي ٿو!؟
هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته هر تعليم يافته نوجوان جي بيچيني، دل جو درد ۽ سوچن تي ڇانيل نااميديءَ کي ختم ڪجي. جڏهن هڪ نوجوان پنهنجي ملڪ مان نه روزگار حاصل ڪري سگهي، نه امن، نه عزت، ته پوءِ اهو سوال پڇڻ جو حق ته ضرور رکي ٿو ته آخر اسانجي حصي ۾ حق آهي ڪهڙو!؟ ڇا صرف چُونڊن جي ڏينهن ووٽ ڏيڻ؟ ڇا صرف قرباني ڏيڻ؟ ۽ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس ڀرڻ، ڇا صرف پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ؟ اها حقيقت هاڻي لڪائڻ جهڙي ناهي رهي ته اسانجا نوجوانَ، حڪمرانن جي پاليسين مان مايوس ٿي چڪا آهن. هنن جو جذبو هاڻي احتجاج ۾ بدلجي رهيو آهي، سندن صبر هاڻي ختم ٿي رهيو آهي. معاشي ۽ معاشرتي اڻ برابري، مهانگائي، تعليمي ادارن جي زبون حالي، روزگار جي بند دروازن ۽ سرڪاري بيحسيءَ جي نتيجي ۾ موجوده نسل نااميد ۽ مڪمل مايوس ٿي رهيو آهي، جيڪو علي الاعلان چئي رهيو آهي ته حڪمرانَ پنهنجو يقين، ڀروسو ۽ توقع وڃائي چُڪا آهن.
جيڪڏهن اڃا به سرڪار کي احساس نه ٿيو ته پوءِ نتيجي ۾ اسانجو نوجوان نسل هڪ ڏينهن مڪمل طور تي ملڪ کي ڇڏي ويندو، يا وري غلط ۽ نوجوان دشمن پاليسين سبب اڄ جي حڪمرانن کي اليڪشن ۾ پنهنجي اختلافي ووٽ سان نوازي اپوزيشن ۾ ويهڻ تي مجبور ڪندو. نوجوانن سان اهڙو ظلم ڪرڻ يقيناً قوم لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. نوجوانن کي فقط ڏيکاءَ وارا اعلانَ نه پر عمل گهرجي، فقط واعدا نه پر موقعا گهرجن، صرف تقريرون نه پر پيشاوراڻي تربيت گھرجي ۽ سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي ته کين ملڪ اندر محفوظ، باعزت ۽ باوقار زندگيءَ جي اميد ڏني وڃي.
haseebnayab14@gmail.com