پنهنجي پاران … قلمي ورثي جِي ناقدري ۽ اسانجا ادارا

0
35
پنهنجي پاران ... قلمي ورثي جِي ناقدري ۽ اسانجا ادارا

سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جو خزانو ايترو ته وسيع ۽ شاهڪار آهي، جو صدين کان وٺي هن خطي جا شاعر، اديب، فِڪشن نويسَ ۽ محقق پنهنجن لفظن جي روشنيءَ سان پڙهندڙن جا ذهن منور ڪندا رهيا آهن، پر افسوس جو انهن مان ڪيترائي اهڙا شاعر توڙي نثر نويسَ اسان کان وڇڙي ويا، جن جا قلمي خزانا به انهن کانپوءِ انهن جيان اسان کان وسري ويا آهن. افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته سنڌ جي گهڻن ئي قلمڪارن جا ڪتاب ڇپجڻ بدران اڏوهيءَ جي نذر ٿي رهيا آهن، انهن جا شعرن سان ڀريل ورقَ مٽيءَ جي ڍير هيٺ دٻجي ويا آهن ۽ ڪي قلمي نسخا بي پرواهيءَ جي ور چڙهي ويا آهن. منهنجي ذاتي معلومات موجب سنڌ جي اهم شاعر ۽ ماهوار “نئين زندگيءَ” سميت ڪيترن ئي ادبي رسالن جي ايڊيٽر رهندڙ سائين شعبان بخت جي شاعريءَ ۽ نثري تحريرن جو ڪوبه مجموعو ڇپجي نه سگهيو آهي. جنهن جُون نثري تحريرون ۽ شاعري سنڌ جي مڙني ادبي رسالن ۾ ته شايع ٿي، پر هڪ هنڌ سهيڙجِي نه سگهي. ڪيڏو سهڻو ڪلام آهي شعبان بخت صاحب جو:

چنڊ منهنجيُون ڏسي پسيل پنبڻيون،

بادلن ۾ لڪي رئڻ ٿو لڳي

رات شبنم سان روئي ٿي مون لئه

هر ستارو اکيون ڇنبڻ ٿو لڳي

ورهاڱي کانپوءِ بدايون مان سنڌ لڏي آيل سائين غلام حامد حيدر صديقي صاحب پنهنجي اصلي سڃاڻپ ۽ مادري زبان کي هميشه لاءِ ڇڏي سنڌي زبان کي پنهنجي ٻولي تسليم ڪري هتي “آذر ناياب” صديقيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تائين پهتو. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻيپور جو باني پڻ هو. سندس سنڌي شاعريءَ جو انتخاب “جَھلڪيون” جي نالي سان سکر مان غلام رسول ميمڻ ۽ “نقش” ناياب منگيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. پر اٺيتاليھه ورھيه گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪنهن به اداري اها ضرورت محسوس ناھي ڪئي ته آذر صاحب جو مڪمل قلمي مواد به يڪجا ڪري شايع ڪرائجي. آذر صاحب جي قادرالڪلاميءَ جي جھلڪَ ڏسو:

آهي سنڌي زبان “آذر” جي،

فخر آ جنهن تي سنڌ وارن کي

سنڌ ۾ جڏهن آڊيو ڪئسيٽ ڪلچر جو عروج هو، تڏهن سنڌ جي مشهور شاعرن جي ڪلامن جا بياضَ فنڪارن آڏو سدائين کليا پيا هوندا هئا. شيخ نظر محمّد “بسمل” اهڙن شاعرن مان هڪ هو. هُو گهڻو عرصو صحافت پڻ ڪندو رهيو. سندس نثر توڙي نظم ۾ لکيل بيشمار ڪاوشون اڄ به اشاعت جُون منتظر آهن. سندس لکيل غزل جون هيٺيون سٽون ڪمال جون آهن:

پهريون تو ڪيو ناز هُيو پنهنجي حُسن تي

هاڻي ٿو هاريِن لُڙڪَ ويٺو منهنجي ڪفن تي

شايد ته توکي ياد آئي منهنجي اَدا ڪا،

نالو ٿو لِکين پنهنجو اچي منهنجي چپن تي

سائين شاھه محمّد “ثاقب” منگي پنهنجي دؤرَ جو مشهور استاد، راڳ جو ڄاڻُو ۽ ڄاڻ جي کاڻ هو. سندس مضمون ۽ شاعري ڪثرت سان ماهوار “پيغام”، ماهوار “نئين زندگي” ۽ ٻين رسالن سميت روزاني “هلال پاڪستان” اخبار ۾ ڇپيل آهي. مرحوم کي هن دنيا مان گذر ڪئي 45 سال گذري ويا آهن، پر سندس قلمي مواد تي ڪنهن جي به اک نه ٻُڏي آهي، جو کڻي منظرعام تي آڻائي. سندس ڪافيءَ جو نمونو ڏسو:

تون وئين منهنجا پرين سڀ وصل جون تاتيُون ويون

رُوح ۾ رهجي رڳو ڪي برهه جُون باتيون ويون

تو بنا اڄ قيد ۾ ڦٿڪِي ٿِي گذري زندگي

تنهنجي جدائيءَ جُون گهڙيون ڄڻ ڪي هڻي ڪاتيون ويون

تو ڪيا گڏجي رهڻَ جا واعدا، سڀ ويا هَليا

سي قَسمَ تُنهنجا ڪٿي، تُنهنجيُون ملاقاتون ويون!

اتر سنڌ جو مشهور شاعر امان الله “مفلح” مهر به نظرانداز ٿيل شاعرن منجھان هڪ آهي. سندس ڪلام سندس اکيون بند ٿيڻ کانپوءِ ورلي ڪٿي ڇپيل نظر آيو آهي. نظر به ڪيئن اچي! شايد اهو ڪنهن وٽ به محفوظ ناهي. پر جيڪي ڪجهه ۽ جيترو به ڇپيل نظر اچي ٿو، تنهن کي ته محفوظ ڪيو وڃي.

ظالم! مان توکي ساهه کان پيارو ڪري ڏٺو

افسوس! مونکي آهه تو ڌاريو ڪري ڏٺو

ماکيءَ مکڻ کان توکي سمجهيم مٺو سڄڻ!

تو لُوڻَ کان وڌيڪ آ کارو ڪري ڏٺو

ايترو ئي نه پر سنڌ جي مشهور شاعر رئيس عبداللطيف ناپر جي شهادت کانپوءِ سندس ادبي باب ڄڻ هميشه لاءِ بند ٿي ويو. نه ته جڏهن فنڪار يڪتارو ۽ چپڙي کڻي سندس ڪلام کي ڳائيندا هئا، ته محفل کي جُھومائي ڇڏيندا هئا. ڇا ڪنهن وٽ رئيس عبداللطيف ناپر جُون تخليقون محفوظ آهن؟ ان ڳولا جي ڏس ۾ ڪنهن ڪيتري محنت ۽ ڪوشش ڪئي آهي؟

سندس ڪلام جو نمونو ڏسو:

گهر ڇڏيم، تو در پَيُم، هيءَ دل ڏنم ٻيو ڇا ڪيان؟

نياز سان ئي سر نِوايم چئه صنم ٻيو ڇا ڪيان؟

مونکي هتي لکندي ڏاڍو ارمان ٿو ٿئي ته حافظ خير محمد “اوحدي”، مولوي غلام مصطفيٰ “مصلح”، صوفي جهامنداس “عاشق”، جان محمد “جانڻ”، تاج محمّد “قاصر”، شفيع احمد “اؤج”، ڊاڪٽر نعيم “وجدي”، علي حسن “گدا” ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو گهڻو ڪلام ضايع ٿي ويو آهي. پروفيسر لطف الله بدوي، عثمان علي انصاري ۽ جهامنداس ڀاٽيا جي نثري تحريرن سان سنڌي ادب جي جهولي ڀريل آهي، پر سندن محنتون هڪ هنڌ گڏ ٿي ترتيب ۾ سامهون نه اچي سگهيون آهن. هيءَ ماجرا رڳو شاعرن تائين محدود ناهي، بلڪه نثر جي مختلف صنفن ۾ لکندڙ اديبن جي قلمي ميڙي چونڊيءَ سان پڻ ساڳيو حشر آهي، جنهن ۾ ڪئين ڪهاڻيڪارَ، مضمون نويسَ، محقق ۽ نقاد به اچي وڃن ٿا.

سنڌي ادب جي اهڙي صورتحال انتهائي افسوس ناڪ آهي. زندگين ۾ جن شاعرن پنهنجا جذبا ۽ احساس عوام لاءِ وقف ڪيا، مرڻ کانپوءِ سندن تخليقن کي محفوظ رکڻ، ڇپرائڻ ۽ نئين نسل تائين پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. پر بدقسمتيءَ سان اهي ادارا، جن کي رڳو ان ڪم جي سرڪاري بجيٽ ملي ٿي ته سنڌ جي علمي ۽ ادبي خزاني جي نشر ۽ اشاعت جو اهتمام ڪن، اهي ادارا اڄ تائين هن ذميواريءَ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ لاءِ تيار ناهن. ڇا سرڪاري سرپرستيءَ کانسواءِ، ذاتي سطح تي به ڪي اهڙا ادارا يا فرد موجود ناهن؟ جيڪي ان اهم ڪم لاءِ اڳتي اچن ۽ تخليقڪارن توڙي محققن ۽ ليکڪن جي حياتين ۾ ڪيل قلمي پورهئي کي ان ريت ضايع ٿيڻ کان بچائين؟

ڏک جي ڳالھه اها آهي ته اڄ به ڪيترائي املهه قلمي نسخا مناسب سار سنڀال نه هئڻ سبب ضايع ٿي رهيا آهن. سوال اهو آهي ته ڇا اسان سنڌ جي علمي ورثي کي اهڙي بيقدريءَ سان ختم ٿيڻ ڏينداسين؟ يا سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادبي ۽ ثقافتي ادارا يا ٻيا سرنديءَ وارا ان مسئلي جو حل ڪڍي مذڪوره ۽ ٻين وفات ڪري ويل شاعرن جا ڪتاب سرڪاري سطح تي خاص فنڊ مان شايع ڪرائي قيمتي تخليقن کي محفوظ ڪري مارڪيٽ ۾ آڻيندا؟ ان ڏس ۾ خانگي اشاعتي ادارا، يونيورسٽيون ۽ ادب سان لاڳاپيل تنظيمون به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ته ڪري سگھن ٿيون. جديد ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪندي، انهن ڪتابن کي ڊيجيٽل آرڪائيوز رستي پڻ محفوظ ڪري سگهجي ٿو، ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ اهي لکڻيون محفوظ ٿي سگهن.اسانجي ادبي ورثي جي بقا جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اسان انهن شاعرن ۽ اديبن جي ڪم کي ڪيتري سنجيدگيءَ سان وٺون ٿا. جيڪڏهن اسان اڄ به اهڙي لاپرواهيءَ کي جاري رکيو ته مستقبل ۾ اسان وٽ پنهنجي سڃاڻپ جو اهو علمي خزانو موجود نه رهندو. انڪري ضروري آهي ته اسانجا ادارا فوري طور تي هن معاملي طرف ڌيان ڏين ۽ سنڌ جي وڇڙي ويل شاعرن، اديبن توڙي محققن ۽ نقادن جي ڪتابن کي ٻيهر ڇپائڻ جو بندوبست ڪن. اهو ئي سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت جو بهترين طريقو هوندو.

[email protected]