پنهنجي پاران … سماج کي سوجهرو ڏيندڙ هڪ شخص

0
32
پنهنجي پاران ... سماج کي سوجهرو ڏيندڙ هڪ شخص

 سائين حبيب الله مولا بخش “مسڪين” ڀٽو، شڪارپور جي سرزمين جو علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي حوالي سان روشن ستارو ٿي گذريو آهي، جنهن تعليم توڙي ادب جي ميدان ۾ پنهنجي خدمتن عيوض سموري سنڌ ۾ مڃتا حاصل ڪئي. سائين حبيب الله ڀٽو 17 نومبر 1917ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولا بخش “مسڪين” ڀٽو پڻ سنڌ جو نامور شاعر ۽ اديب هو، جنهنجي ڪلام جو مجموعو “ابيات ِ مسڪين” جي نالي سان 1941ع ڌاري “سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ” ڪراچيءَ (هاڻوڪي سنڌي ادبي بورڊ) ڇپرايو هو. سائين حبيب الله ڀُٽي ابتدائي تعليم شڪارپور جي ورنيڪيولر اسڪول نمبر 1 مان حاصل ڪئي ۽  1933ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان قاضي محله پرائمري اسڪول شڪارپور (جنهن کي “نادر وارو اسڪول” پڻ سڏيو ويندو هو) مان پاس ڪيو.

                 تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، ڀُٽو صاحب 15 مئي 1935ع تي، تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور شامل ٿيو. 1941ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان پهريون سال ۽ ڪجھه وقفي سان 1947ع ۾ سکر مان ٻيون سال، “استادن جي تربيت جو ڪورس” مڪمل ڪيائين. 1948ع ۾“نادر واري پرائمري اسڪول” شڪارپور جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. 1951ع کان 1955ع تائين ميرپور ماٿيلي، نوابشاهه ۽ جيڪب آباد ۾ ‘اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر’ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کانپوءِ 1955ع  ۾ پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور جي مشهور هاءِ اسڪول ۾ ‘اسسٽنٽ ماستر’ مقرر ٿيو، جتي لڳاتار 22 سالن جي ڊگهي تعليمي خدمت کانپوءِ پهرين نومبر 1975ع تي 58 سالن جي عمر ۾ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ ورتائين. هن لاڳيتا 4 ڏهاڪا تعليم کاتي جي ملازمت ڪندي تعليمي کيتر ۾ سنڌ جي نه وسارڻ جوڳي خدمت ڪئي ۽ اڻ ڳڻين شاگردن جا اندرَ اُجاريا.

سائين حبيب الله ڀٽو 1936ع ۾ ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو ۽ “حبيب” تخلص اختيار ڪيائين. سندس ادبي رهبر سندس والد مولا بخش “مسڪين” ڀُٽو ۽ مشتاق احمد ابڙو هو. سندس لکڻيون ان دؤر جي مختلف مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهيون، جن ۾ ماهوار “سنڌو”، “مُلا ميگزين”، “نئين زندگي”، “پيغام”، روزانه “الوحيد”، “هلال پاڪستان”، روزانه “عبرت” ۽ ٽه ماهي “مهراڻ” شامل آهن. شاعريءَ ۾ بيت، ڪافي ۽ غزل سندس دلچسپيءَ واريون صنفون هيون، جڏهن ته نثر ۾ هن مضمون ۽ افسانا چاهه سان لکيا. ڊاڪٽر بدر اڄڻ حبيب صاحب بابت لکي ٿو: “سائين حبيب الله ڀٽو ادب جي پراڻن پانڌيئڙن مان هو، جن ادب جا گَھڙا ڀريا آهن. سندس مضمون، مقالا ۽ ڪتاب اسانجي سامهون آهن. جيستائين سنڌي ادب زنده آهي، تيستائين سائين حبيب الله به زنده رهندو”. (ڪتاب: “جِھڄان جهانگين ڪاڻ” ــ  ص 76)

شاعريءَ ۾ سندس منفرد لهجي جو نمونو ڏسو:

هجر پنهنجي ۾ مونکي ٿا يار ماريو بيگنه!

عشق پنهنجي ۾ مونکي ٿا يار! ساڙيو بيگنه!!

روز شب راڙيون ڪريان تنهنجي پسڻ لئه اي مٺا!

نا وصل جي واڳ واري، يار ڳاريو بيگنه!

ــــــــــــ

غم و افسوس ۾ جانان! سدائين مبتلا آهيان

لهڻ لئه مان مِٺا تنهنجي سدا هر در گدا آهيان

اوهانجي سِرَ مٿان صدقي ٿيڻ لئه تيار هان مان ڀي

مٺا جاني! سندءِ درجو غلامِ پاسدا آهيان

سائين حبيب الله ڀٽو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي، جن مان سندس ڪجھه شايع ٿيل ڪتابن ۾ “رسولِ مقبول صلعم”، “اقوال ِ دانش”، “سنڌي ساهت ۽ مشهور مستشرقين”، “اسانجي جدوجهد”، “سنڌي بيت ۽ ان جي ارتقا”، “جاگرافي تعلقه شڪارپور”، “جاگرافي ضلع سکر” ۽ “سهڻو شهر شڪارپور” شامل آهن.

تدريسي ۽ ادبي خدمتن سان گڏ، سائين حبيب الله ڀٽو صحافت ۾ به سرگرم رهيو. هن سماجي خدمتن جي ڪري پڻ مڃتا ماڻي. پاڻ پنهنجي رٽائرمينٽ کان 4 سال پوءِ 1979ع ڌاري شڪارپور ميونسپالٽيءَ جي چونڊن ۾ حصو وٺي ڪائونسلر پڻ چونڊيو ويو هو. جنهن ۾ سوڀارو ٿيڻ بعد پنهنجي عمر جو آخري سال هن مقامي ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪيو. پاڻ “سنڌي ادبي سنگت” سان وابسته هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملازمت دؤران “سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن” (پ ٽ الف) جو پڻ سرگرم حصو هو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي حبيب الله صاحب لاءِ هڪ هنڌ لکي ٿو: “هُو جهڙو هو اندر جو اجرو، اهڙو ئي ٻاهران به صاف ۽ سٿرو رهندو هو… سندس رهڻي ڪهڻي سادي، پر سُونهن ڀري هوندي هئي. هو جهڙو هو خوش پوش، اهڙو ئي خوش خلق. اندر ۾ آنڌ مانڌ، ويچار ۽ ويچاءُ، سوچون ۽ سوداءُ، غم ۽ ڳڻتيون ڪنهن کي نٿا ٿين؟ ظاهر آهي ته حبيب الله ڀُٽي مرحوم جو وجود به انهن ڳالهين کان وانجهيل نه هوندو، پر ڪمال اهو، جو انهن جو ڪوبه آثار ۽ اهڃاڻ مون ڪڏهن به سندس چهري مان ظاهر نه ڏٺو… مرحوم سان منهنجو ڪيترن ئي سالن کان ساٿ رهيو. ادبي ۽ ثقافتي تحريڪن ۾ اسان گڏجي ڪم ڪيو. مون ڏٺو، ته هو نهايت وفادار، جفاڪش، محنتي ۽ مجاهدانه جذبو رکندڙ هو”. (ڪتاب: “جِھڄان جھانگين ڪاڻ” ــ ص: 24)

علم ۽ ادب جي هن غير معمولي خدمتگذارَ 63 ورهين جي ڄمار ۾، 18 اپريل 1980ع تي هن عارضي جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سائين حبيب الله “حبيب” مولا بخش ڀُٽي جي زندگي ۽ خدمتون شڪارپور ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم باب طور سدائين ياد رهنديون. سندس علمي، ادبي، تدريسي ۽ سماجي خدمتون اڄ به ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهن ۽ سندس لکڻيون ۽ تصنيفون سنڌي ادب جي سرمايي جو اهم حصو آهن ۽ رهنديون. اڄ اسان حبيب الله ڀُٽي صاحب کي سندس 45 هين ورسيءَ جي موقعي تي عقيدت مان ياد ڪريون ٿا.

 haseebnayab14@gmail.com