احساس جو قلمڪار ۽ وِيچار وانُ، خليل جبران صرف هڪ شاعر نه هو، نه ئي رڳو هڪ ليکڪ هو، پر اهڙو مفڪر هو، جنهن کي انسان جي روح سان مخاطب ٿيڻ جي قوّت عطا ٿيل هئي. هو نه قومن جي سرحدن ۾ قيد هو، نه مذهبن جي دائرن ۾ محدود رهيو. سندس فڪر آفاقي هو. سندس دل سڀني لاءِ ڌڙڪندي هئي ۽ سندس قلم هڪ اهڙي روشني هو، جنهن سان اڄ به سندس پڙهندڙ جو روح روشن ٿئي ٿو. خليل جبران قلمڪار هئڻ سان گڏ هڪ تحرڪ ۽ هڪ انقلاب آهي، جنهن جي تحريرن ۾ اهڙي صداقت جي لهرَ وهندي محسوس ٿئي ٿي، ڄڻ ڪو انسان جي اندر سان مخاطب ٿي کيس پنهنجو پاڻ ڳولي لهڻ لاءِ تيار ڪندو هجي.
مون خليل جبران کي پڙهندي محسوس ڪيو آهي ته خليل جبران جي فڪر جو بنياد انساني روح تي رکيل آهي. اهڙو روح، جيڪو آسماني به آهي ۽ ڌرتيءَ سان ڳنڍيل به. هو نه فقط سوال ٿو اُٿاري، پر ان سوال جي خاموشيءَ ۾ به هڪ گونج به پيدا ڪري ٿو. سندس لفظن ۾ نه فقط معنيٰ آهي، پر معنيٰ جي اڳيان هڪ دروازو به آهي، جيڪو هر پڙهندڙ جي اندر ۾ ڌڪ ڌڪ ڪرڻ سان کلي پوي ٿو. خليل جبران لاءِ روحانيت ڪنهن خاص رسم، مذهب يا گروهه سان وابسته ناهي. سندس فڪر جي دنيا ۾ روحانيت هڪ ذاتي سفر آهي، جيڪو انسان پنهنجي اندر کان شروع ڪري ٿو. هو عقيدي جي نالي تي وڙهڻ کان پاسو ڪري ٿو ۽ اندر جي سڪون، خاموشيءَ ۽ سچ جي تلاش کي روحانيت جو نالو ڏئي ٿو. هن لاءِ “خدا” ڪا جُدا هستي نه، پر انساني فڪر، محبت ۽ صداقت ۾ لڪل هڪ تجلي آهي. هو روحانيت کي ويڙھيل لباس نٿو سمجهي، پر بي لباس آزادي ٿو سمجهي، جتي انسان پنهنجو پاڻ سان ايترو ويجهو ٿئي، جو هو سمجهي سگهي ته حقيقت عبادتن ۾ نه، پر نيتن ۾ آهي؛ لفظن ۾ نه، پر جذبن ۾ آهي.
خليل جبران جنهن محبت کي لفظن جو روپ ڏئي قلمبند ڪيو آهي، اها محبت ڪا جذباتي خواهش نه، پر هڪ بلند روحاني تجربو آهي. هو محبت کي ڪنهن جي قبضي ۾ رکڻ نٿو چاهي، بلڪه آزاد ڇڏي ڏيڻ سان محبت جي سچائيءَ کي ماپي ٿو. هن لاءِ محبت قرباني آهي ۽ اهو درد جنهن مان سڪون جنم وٺي ٿو. هو محبت کي صرف محبوب جي اکين ۾ نه ٿو ڳولي، بلڪه هر انسان، هر وجود ۽ هر فطري شئي ۾ ان جي موجودگي محسوس ڪري ٿو. سندس فڪر مطابق، محبت پنهنجي لاءِ ئي نه پر سڀني لاءِ آهي. محبت جو حقيقي روپ اتي ظاهر ٿئي ٿو، جتي انسان انا کان خالي ٿي وڃي ٿو.
خليل جبران جي سوچ ۾ آزادي جسماني بندشن کان وڌي، ذهني ۽ روحاني غلاميءَ جي خاتمي تائين وڃي ٿي. سندس لفظن ۾، “جيستائين انسان پنهنجي خوف، لالچ ۽ انا کان آزاد نٿو ٿئي، تيستائين ڪنهن ٻئي آزاديءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي”. هو آزاديءَ کي فقط سياسي يا سماجي تحريڪ نٿو سمجهي، بلڪه انسان جي اندر جي انقلاب سان جوڙي ٿو. خليل جبران جي نظر ۾ آزاد انسان اهو آهي، جيڪو پنهنجو سچ پاڻ ڳولي، پنهنجي فڪر تي هلڻ جي همت رکي ۽ پنهنجي وجود کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري.
خليل جبران جي تحريرن ۾ مذهب نه ڪنڊن سان ڀريل ڪو رستو آهي، نه ئي ڪنهن خاص روايت جي غلامي! هن لاءِ هر اهو عمل پوتر آهي، جيڪو سچ، محبت ۽ انصاف جي بنياد تي ڪيو وڃي. هو انسان کي هميشه پنهنجي ذات جو مسافر تصور ڪري ٿو. سندس نظر ۾ زندگي هڪ سفر آهي، جنهن ۾ هر لمحو سبق آهي ۽ هر احساس هڪ نئون صفحو. خليل جبران جُون تحريرون اهڙو آئينو آهن، جيڪو ڪٿان به ٽٽل ناهي ۽ هر دفعي پڙهندڙ کي هڪ نئون چهرو ڏيکاري ٿو. پڙهندڙ جو پنهنجو چهرو… سندس فڪر جو وڻ ايترو ڦهليل آهي، جو ان جي ڇانوَ ۾ هر دل پنهنجي ئي درد جِي سرگوشي ٻڌي سگهي ٿي.
خليل جبران 6 جنوري 1883ع تي لبنان ۾ جنم ورتو. هن جو ننڍپڻ غربت ۽ وڇوڙن جي درد کي محسوس ڪندي گذريو. جنهنڪري سندس دل نرم، دماغ سجاڳ ۽ روح حساس بڻجي ويو. جڏهن سندس خاندان لبنان مان امريڪا لڏي ويو، تڏهن خليل جبران ٻه دنيائون ڏٺيون، هڪ مشرقي تهذيب، جيڪا جذباتي ۽ روحاني هئي ۽ ٻي مغربي، جيڪا فڪري ۽ عقلي هئي. هن ٻنهي مان سکي پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. خليل جبران جا “پيغمبر”، “ڀڳل کنڀڙاٽيون”، “المواڪب”، “ٽي ديوتا”، “انسان ۽ شيطان”، “سِپُون”، “موت ۽ زندگي”، “مرشد جو پيغام”، “سودائي”، “پهاڙن ۾ پڪارَ”، “غلامي”، “مون ۾ محبت آهي” ۽ ٻيا ڪيترائي شهرهء آفاق ڪتاب مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن، جيڪي سڀ احساس سان ڀريل، تصوّف ۽ فطرت سان قربت جو ذريعو ۽ عالمي ادب جو بي مثال شاهڪار آهن. خليل جبران 10 اپريل 1931ع تي نيويارڪ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس لفظ اڄ به جيئرا آهن. اڄ اسين سندس 94هين ورسيءَ تي کيس ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.