پنهنجي پاران … حڪيم ڌنراج مل ۽ سنڌ طبيه ڪاليج

0
35
پنهنجي پاران ... حڪيم ڌنراج مل ۽ سنڌ طبيه ڪاليج

 ماضيءَ ۾ ٻين شهرن جيان شڪارپور شهر ۾ پڻ علاج جا اهم طريقا: “آيرويد” (جَڙين ٻُوٽين رستي علاج)، يوناني طب ۽ روحاني علاج هئا. يوناني طب جڏهن سنڌ ۾ زور ورتو ۽ هتان جي حڪيمن پنهنجي علم ۽ تجربي جي آڌار تي ماڻهن کي چاق ڪري مشهوري ماڻي ته سندن ناماچاري صرف سنڌ تائين محدود نه رهي، پر سنڌ کان ٻاهر به سندن هاڪ پهچڻ لڳي. هونئنءَ ته شڪارپور جو هر حڪيم پنهنجو مَٽ پاڻ هو، پر مير علي نواز علوي، حڪيم خاوند ڏنو منگي ۽ حڪيم ڌنراج مل جو نالو وسري نٿو وسري. حڪيم ڌنراج مَل کي طب جي شعبي ۾ ايتري دسترس حاصل ٿي، جو چون ٿا ته هو نبض تي هٿ مسَ رکندو هو ته مرض جي تپاس ٿي ويندي هئس. شڪارپور ڄائو ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيڪار، گوبند پنجابي پنهنجي ساروڻين “سکيا ساريم ڏينهڙا” ۾ سندس ساراهه ڪندي لکي ٿو: “دادوائي روڊ تي ڌنراج حڪيم رهندو هو، جو ان وقت تمام وڏو ڄاڻو حڪيم هو ۽ طب جو دواخانو هلائيندو هو”. (“شڪارپور سُونهن جو شهر” ــ ص: 212)

هاٿيدر کان ٿورو اڳتي دادوائي پير جي ڀرسان هڪ وڏي دروازي سان حويليءَ نمان گهر ۾ ديوان هاسانند پنجابيءَ جي گهر ۾ ڌنراج مل جو جنم ٿيو. شڪارپور جي “اوجهن” ۽ علمي درسگاهن مان علم حاصل ڪري شڪارپور جي مشهور حڪيم مير علي نواز علويءَ وٽ وڃي سکيا حاصل ڪيائين. استاد کان علم حاصل ڪري ادب ۽ احترام مان کانئس پنهنجو دوڪان کولڻ جي اجازت ورتائين. مير علي نواز علويءَ جي اجازت کانپوءِ دادوائي روڊ تي “اسرارِ صحت دواخانه” نالي مطب قائم ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ جو نامور شاعر سائين ‘نياز’ همايوني، سندس متعلق لکي ٿو: “پنهنجي کوجنا وسيلي، ديسي دوائن مان نفيس قسم جا جوهر تيار ڪيائين، جيئن وقت سِر هر ڪو آسانيءَ سان انهن کي استعمال ڪري سگهي. سندس فارميسي ديسان ديس مشهور هئي”. (“سنڌ جي طبي تاريخ” ــ ڀاڱو ٻيون ــ ص 640)

“حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابيءَ جنوري 1916ع کان شڪارپور مان ‘سُک جو سَنيهو’ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو، جيڪو 1947ع تائين مسلسل شايع ٿيندو رهيو”. (ٽه ماهي ‘مهراڻ’ نمبر 1 ۽ 2، سال 1970ع)  پهريان هن رسالي جي ادارت جا فرضَ حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابي پاڻ انجام ڏيندو هو، پر 1939ع کانپوءِ سندس پٽ حڪيم ڀڄن لال، ان رسالي جو ايڊيٽر ٿيو. تنهن وري “اسرارِ صحت دواخانه” جو نالو مَٽائي “صحت فارميسي شڪارپور” رکيو. هن رسالي جون پهريان 500 پوءِ هڪ هزار ڪاپيون هر مهيني “لڪشمي پريس” شڪارپور مان شايع ٿينديون هيون. حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابيءَ ڪيترائي طبي ڪتاب لکيا، جيڪي اڄ ڪلھه ته بالڪل اڻلڀ آهن، پر ماضيءَ ۾ نون حڪيمن لاءِ اونداهيءَ ۾ مشعل ثابت ٿيا. سندس ڪتاب شڪارپور سميت هند ۽ سنڌ ۾ هر گهر جِي زينت بڻيا. سندس ڇپيل ڪجھه ڪتابن ۾ “رسالو حقيقت”، “رسالهء حق”، “لذت الوصال” ۽ “طلسمِ حڪمت” شامل آهن.

حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابيءَ جو ديهانت شڪارپور ۾ ورهاڱي کان اڳ ٿيو. سندس قابل پٽ ڀَڄن لعل ۽ ڪشن داس ته حڪمت جي حوالي سان مشهور ٿيا، پر سندس ٻه پٽ، ڇَڳو مل ۽ گوبند رام، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ٿيا. ڇڳُومل پنجابي جنرل فزيشن ٿيو ۽ دادوائي روڊ تي ئي اسپتال هلائيندو هو. گوبندرام اکين جو ماهر ۽ سياستدان بڻيو ۽ شڪارپور ۾ پراڻي سول اسپتال جي عمارت جي ڀرسان پنهنجي ڪلينڪ هلائيندو هو. ورهاڱي کانپوءِ سندس سڀ پٽ شڪارپور کي آلين اکين سان الوداع چئي بمبئيءَ لڏي ويا. اهي چار ئي ڀائر هاڻ پرلوڪ پڌاري چڪا آهن، جڏهن ته سندن اولاد امريڪا ۾ رهي ٿو.

سنڌ طبيه ڪاليج شڪارپور:

حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابيءَ، پهرين آڪٽوبر 1939ع تي شڪارپور ۾ اسٽيشن روڊ تي، نيو فوجداري ڪورٽ جي ڀرسان “سنڌ طبيه ڪاليج” قائم ڪري، نون حڪيمن لاءِ سِکيا سان گڏ شهرين جي سُکَ جو پڻ وڏو سامان مهيا ڪري ڏنو. شڪارپور، جيڪب آباد ۽ سکر سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جا شاگرد، حڪمت پڙهڻ لاءِ شڪارپور اچڻ لڳا. حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابي، سنڌ طبيه ڪاليج شڪارپور جو پرنسپل پاڻ بڻيو، جيڪو شاگردن کان نالي ماتر في وٺي ڪاليج کي هلائڻ لاءِ گهڻو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو. اڳ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي سندس چارئي پٽ هئا، جيڪي پنهنجي والد سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهائيندا هئا، پر پوءِ جڏهن شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو ته هنن عبدالمجيد دريشاڻي، حڪيم احمد علي، حڪيم مولوي الاهي بخش اعواڻ، حڪيم ڪوي راج، حڪيم بواني داس، حڪيم پرسرام آرتمل ۽ حڪيم ترسومل ويڙهومل کي پڻ هن ڪاليج جي استادن طور پاڻ سان گڏ کنيو، جن کان شڪارپور مان طب جا شاگردَ علم حاصل ڪري حڪيم بڻجي پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن وڃي ماڻهن جو علاج ڪرڻ لڳا. لوڪرام ڏوڏيجا لکي ٿو: “طبي ڪاليج ۾ حڪيم ڌنراج ۽ سندس آڪھه وارا، نون حڪيمن کي ٽي سال پڙهائيندا هئا”. (“منهنجو شهر منهنجا ماڻهو” ــ ص 430)

سنڌ طبيه ڪاليج شڪارپور طرفان جڏهن مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي هئي ته هن ڪاليج جا فارغ التحصيل ٿيل شاگردَ جيڪي حڪيم بڻجي چڪا هوندا هئا، تن کي پڻ گهرائي انهن کان هفتو هفتو مريضن جو مفت علاج ڪرايو ويندو هو ۽ کين ماني ٽِڪي توڙي رهائش حڪيم ڌنراج مل هاسانند پنجابيءَ طرفان ڏني ويندي هئي.

هاڻي شڪارپور بدلجي وئي آهي! نه پراڻيون شاندار روايتون رهيون آهن، نه ئي وري پراڻيون عمارتون باقي بچيون آهن. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو وڏيءَ عمر جو ماڻهو هاڻي شڪارپور اچي به ته مشڪل سان اهي عمارتون ڳولي يا ٻڌائي سگهندو، جن ۾ اڳي ‘سنڌ طبيه ڪاليج’ ۽ ‘صحت فارميسي’ مريضن لاءِ آٿت ۽ شفا جو در هئا.

haseebnayab14@gmail.com