پنهنجي پاران … آخر ڏوهه ڪنهن جو آهي؟

0
53
پنهنجي پاران ... آخر ڏوهه ڪنهن جو آهي؟

 جڏھن ھڪ سماج مان ڪتابَ، علم ۽ فڪر جا مرڪزَ يعني لائبريريون ختم ٿيڻ لڳن، ته ان جو مطلب رڳو ڪتابن جي بي قدري ناھي، بلڪه اُهو عمل، علم جي جنازي نڪرڻ برابرآھي. ڪُتب خانا ڪنهن به قوم جي ذهني سرمائي، علمي ميراث ۽ فڪري برجستگيءَ جي علامت ھونديون آھن. اڄ جيڪڏھن اسين ڏسون ته ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ پراڻيون لائبريريون يا ته بند ٿي چُڪيون آھن، يا وري ڀُڳڙن مُٺ تي وڪامي رهيوُن آھن، ته اھو الميو صرف ڪتابن جي رديءَ ۾ وڪامجڻ جو ناھي، پر ايندڙ نسلن جي مستقبل جي تباهيءَ جو به آھي.

                 لائبريريون عام ماڻھن تائين علم جي رسائيءَ جو هڪ اهم ذريعو ھونديون آھن، جتي بنا قيمت جي علم دستياب هوندو آهي، جتي شاگرد، محققَ، اديب ۽ عام پڙهندڙ سکڻ لاءِ ايندا آهن. جيڪڏهن ڪتابن جون اهي بئنڪون وڪامجي وڃن، ته پوءِ سوال اُڀري ٿو ته “آخر ڏوھه ڪنھنجو آهي؟” ڏوھه اُن خانداني تربيت جو به آھي، جنهن ۾ ترجيحَ، تعليم ۽ علم نه پر مال ميڙڻ وڃي رهي آهي. ڏوھه اُن سماج جو به آھي، جيڪو علمي روشنيءَ جي اهم مرڪزن جي واڳ سنڀالڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آھي. ڏوھه اسان سڀني جو آھي، جن لائبريرين کي پنهنجي زندگين جو علمي مرڪز نه بڻايو.

ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ دوست جي گهر وڃڻ ٿيو، جنهن سالن کان بند پيل پنهنجي خانداني لائبريريءَ کي مناسب جاءِ ڏئي، وڏو خرچ ڪري پنهنجي والد ۽ پنهنجي جمع ڪيل علمي خزاني کي محفوظ ڪري گهڻي خوشي پئي ملهائي. ان ڪتب خاني جي ڪتابن کي ڏسڻ کانپوءِ ڪجھه ناياب ڪتابن جي حوالي سان ڳالھه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين ته کيس سندس ڪنهن عزيز جي ڪال آئي. ان کيس ٻڌايو ته، “آئون پنهنجي والد جي ڇڏيل ڪتابن مان تنگ ٿيو آهيان. هي پنج ست سؤ ڪتاب منهنجي مٿي جو سور بڻجي پيا آهن. انهن ڪتابن جي ڪري هر روز منهنجي گهر ۾ جهيڙو ٿي رهيو آهي. آئون اهي ڪتاب توکي مفت ۾ ڏيڻ ٿو چاهيان، توکي ڪهڙي ريت پهچايان؟” منهنجي دوست کيس گهڻو ئي سمجهايو ته “والد جي ڇڏيل ٻي وراثت (زمين، رقم ۽ سون توڙي جايون) توکي سڪون ڏئي رهيون آهن ۽ علم تنهنجي مٿي جو سور بڻيل آهي!؟” گهڻي سمجهائڻ کانپوءِ به کيس ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ۽ سندن گفتگو اچي ان نُڪتي تي ختم ٿي ته، “سڀاڻي سڀئي ڪتاب توکي موڪلي ڏيندس!” آخر اهڙي بيحس روّيي جو سبب ڇاھي؟ ڇا اهو سبب رڳو مالي ۽ اقتصادي آھي؟ جڏھن علم جي جاءِ تجارت، فڪر جي جاءِ فراغت ۽ مطالعي جي جاءِ ماڊرن دوڪانَ، سپر اسٽور يا آفيسون والاري وڃن، ته ان جو مطلب آھي ته معاشرو شعور جي واڌاري بجاءِ منافع پرستيءَ ڏانهن وڌي رهيو آھي. لائبريرين جُون لائبريريُون رديءَ ۾ وڪامڻ هڪ بنيادي سوچ جي تبديليءَ جو اشارو آھي، جتي قومون علم کان وڌيڪ زر، زمين، پئسي ۽ عارضي سهولتن کي اهميت ڏيڻ لڳن ٿيون.

هيءَ ڳالھه ڪا اڄ جي ناهي. خود مقامي ڪتب خانن جي ويجھي تاريخ ئي ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي وڏن وڏن نالي وارن اديبن، عالمن، شاعرن، صحافين ۽ باشعور دانشورن جون لائبريريون سندن اکيون ٻُٽجڻ کانپوءِ ٿورن پئسن ۾ وڪامجي ويون يا مفت ۾ رُلي ويون. ريگل بازار صدر ڪراچيءَ جي فُوٽ پاٿن سميت مختلف علمي ۽ ادبي دوستن وٽ سوين استعمال ٿيل ڪتابَ رديءَ ۾ وڪامجڻ لاءِ اچن ٿا. وڏن وڏن قلمڪارن جو گڏ ڪيل خزانو ڪڏهن ڪڏهن ڀڳڙن لپَ ۾ به ٿوڪَ جي حساب سان وڪامجي وڃي ٿو. ڪڏهن ڪنهن ان طرف سوچيو به آهي؟ ته ان عمل سان اسانجو مجموعي علمي نقصان ڪيترو ٿي رهيو آھي؟ ان جو جواب اِهو آهي ته اهو نقصان ناقابلِ تلافي آھي. لائبريريون صرف ڪتابن جا ڍير ناهن ھونديون، بلڪه اِهي اُھي تربيت جون جايُون آھن، جتي انسان سوچڻ، سمجهڻ ۽ سوال ڪرڻ سکندو آھي. لائبريريون وڪامڻ جو مطلب ايندڙ نسلن کان سندن ذهني ترقيءَ لاءِ علم سان سلهاڙجِي سگهڻ جو موقعو کسي وٺڻ برابر آهي. تحقيق جو دروازو بند ٿيڻ سان فڪر قيد ۽ مطالعو فقط خاص طبقن تائين محدود ٿي وڃي ٿو.

ياد رکڻ گهرجي ته لائبريريون علم جا خزانا آهن. اهي ذاتي هجن يا پبلڪ لائبريريُون، ڪنهن به خاص ماڻهوءَ يا طبقي لاءِ نه پر هر ذات، طبقي ۽ هر عمر جي ماڻھن لاءِ هُونديون آهن. جتي اڻ ڳڻيا فرد علم جي اُڃَ اُجھائڻَ لاءِ گڏ ٿيندا هجن، ان جاءِ جو ختم ٿيڻ بيچينيءَ کي وڌائي ٿو. لائبريرين کي ختم ڪرڻ علمي ڏوھه انڪري به آھي جو ايئن ڪرڻ سان تحقيق، تعليم ۽ فڪر جو بنيادي مرڪز ختم ٿئي ٿو. اهو ادبي ڏوهه انڪري آهي جو اُهي جايون شاعرن، اديبن ۽ تاريخ جي امينن جُون ھونديون آھن ۽ انهن کي وڪڻِي علم جي تقدس کي پائمال ڪيو پيو وڃي.

اڄ جي جاڳرتا واري دؤر ۾ اهڙي علمي بي قدريءَ سبب لائبريرين جو وڪامجڻ ان ڳالهه جي نشاني آهي ته اسان پنهنجي تاريخ، ادب، ثقافت ۽ فڪر کي پنهنجن هٿن سان پاڻ ضايع ڪري رهيا آهيون. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سماج جا ذميوار فردَ، اديبَ، استاد ۽ شاگرد گڏجي ڪتابن جي انهن خزانن ــ لائبريرين جي تحفظ لاءِ آواز اٿارين. ڇو ته لائبريري رڳو ڪتابن سَٿي رکڻ جي جاءِ ناھي، بلڪه اھا شعور جي روشنيءَ جو منبع آھي، جنهن جي وڪري ٿيڻ سان اونداهيءَ جو راڄ قائم ٿيندو ۽ روشني گھوگھاٽبِي.

haseebnayab14@gmail.com