پنهنجي سائنس ميرپورخاص واسيءَ جي ٺاهيل ٽيلي اسڪوپ

0
120
پنهنجي سائنس ميرپورخاص واسيءَ جي ٺاهيل ٽيلي اسڪوپ

 اسان جا ماڻهو ڪيڏا نه ٽيلنٽڊ آھن پر مسئلو صرف سھولتن گھٽ ھجڻ آھي اگر جي موقعا ۽ سھولتون ھجن ته اسان جا ماڻهو گھڻو ڪجھه ڪري سگھن ٿا. ھاڻ مقصد جي ڳالهه طرف اچون ٿا ته ھي تصويرن ۾ محنت ڏسي رھيا آھيو اھا مير پور خاص جي ڳوٺ سومار دل جي رھواسي رضا محمد دل جي آھي جنھن پنھجي محنت سان ٽيلي اسڪوپ ٺاھي آھي جيڪا توھان بلو ڪلر واري ٽيلي اسڪوپ ڏسي رھيا آھيو اھا ٽيلي اسڪوپ آھي ۽ چنڊ جي جيڪا تصوير ڏسي رھيا آھيو اھا به ان ٽيلي اسڪوپ تان موبائل ذريعي ورتي وئي آهي جنھن تي خرچ صرف ۽ صرف 2500 رپيا آيو آھي جڏھن ته اگر مارڪيٽ ۾ اھڙي ٽيلي اسڪوپ خريد ڪجي ته 10 ھزار تائين ملندي ھي رضا محمد دل جو پھريون تجربو ھيو جيڪو ڪامياب ويو،

هن جي ٺاهيل ھڪ ٻي ٽيلي اسڪوپ ڳاڙھي ڪلر  جيڪا ڏسي رھيا آھيو اھا وڌيڪ طاقتور آھي جنھن لاءِ پرائمري ۽ سيڪنڊري مرر ھتي نه پيا ملن جيڪي هو جن چائنا مان گھرائي رھيو آھي باقي PVC پائيپ وغيره ھتان ئي ملندا ان  ڪري ھن ٽيلي اسڪوپ ۾ ڪجھه وقت لڳندو مارڪيٽ ويليو ۾ اھڙي قسم جي ٽيلي اسڪوپ گھٽ ۾ گھٽ به 70 يا 80 ھزار ۾ ملندي پر ھن ته نئين ٽيلي اسڪوپ ته لڳ ڀڳ 25 کان 30 ھزار خرچ ايندو ٻڌائن جو مقصد صرف اھو ئي آھي ته اسان جا ماڻهو ڪنھن کان به گھٽ نه آھن صرف موقعا ملن. اسان دعاڳو آهيون ته هي نئين ٽيلي اسڪوپ ٺاهڻ ۾ به ڪامياب ٿئي. (محمد اسلم جي فيس بوڪ وال تان ورتل)