پنهنجي جدوجهد سان سنڌ جي نئين سياسي تاريخ لکندڙ اڳواڻ

0
64
پنهنجي جدوجهد سان سنڌ جي نئين سياسي تاريخ لکندڙ اڳواڻ

سنڌ جي زرخيز مِٽيءَ تي حلالي پُٽَ پيدا ٿيندا رھن ٿا. اھڙن حلالي فرزندن مان ھڪ رسول بخش پليجي 20 جنوري 1930ع ۾ ٺٽي ۾ جنم ورتو. رسول بخش پليجي پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز سنڌ مدرسي ۾ پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ڪيو. ان وقت برطانوي سامراجي حڪومت خلاف هڪ تحريڪ جاري هئي. پليجي صاحب برطانوي راڄ خلاف جدوجهد ۾ حصو ورتو ۽ ڪراچيءَ ۾ برطانوي فوج خلاف احتجاجن ۾ شريڪ ٿيو. سندس باضابطا سياسي سفر 1953ع ۾ سنڌي هاري ڪاميٽيءَ سان شروع ٿيو. وڪالت دوران، هُو سنڌي هاري ڪاميٽيءَ جي اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي چونڊ مهم ۾ شامل ٿيو. هِي تجربو سندس سياسي سوچ تي تمام گهڻو اثرانداز ٿيو. قمبر شهدادڪوٽ جي چونڊن دوران، هڪ پاسي طاقتور مقامي جاگيردار نواب غيبي خان چانڊيو هو، جنهن کي سڄي سنڌ جي زميندارن ۽ نوابن جي حمايت حاصل هئي، ۽ ٻئي پاسي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو، جنهن سان هارين ۽ مزدورن جو ساٿ هو، جيڪي جهنڊا هٿن ۾ کڻي انقلابي گيت ڳائيندي چونڊ مهم هلائي رهيا هئا. ھن وارھ ۾ وڃي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي چونڊ مھم ھلائي.

1964ع ۾، پليجو صاحب نيشنل عوامي پارٽي (NAP)  ۾ شامل ٿيو ۽ ان جي حيدرآباد واري شعبي جو صدر بڻيو. بهرحال، جڏهن ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽي (DAC) جو اتحاد ٺهيو، ته جماعت اسلامي پنهنجي شرڪت کي ان شرط سان مشروط ڪيو ته ون يونٽ اسڪيم جي خاتمي جو مطالبو ڇڏي ڏنو وڃي. ان موقف سان اختلاف ڪندي، پليجي انهن کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان پوءِ، هن جي ايم سيد سان گڏجي بزمِ صوفياءِ سنڌ جو بنياد وڌو ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ان سان گڏوگڏ، هُو سنڌي ادبي سنگت ۾ به سرگرم رهيو. رسول بخش پليجو ڪجهه وقت لاءِ سنڌ متحده محاذ سان به جڙيل رهيو، پر 1969ع ۾ ان کي ڇڏي ڏنو. 4 مارچ واري شاگرد تحريڪ ۾ اهم حصو ورتو. 1970ع ۾ هن “ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپيو” مهم شروع ڪئي ۽ سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمينن جي نيلاميءَ خلاف “نيلامي بند ڪريو” تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي.

رسول بخش پليجي صاحب جي سڄي زندگي اڻ ٿڪ جدوجهد ھئي. هن ون يونٽ اسڪيم خلاف تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ 1975ع ۾، پليجو حيدرآباد سازش ڪيس ۾ بلوچ ۽ پشتون اڳواڻن جو وڪيل بڻيو، جنهن سبب ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کيس جيل موڪليو. جيل دوران، پليجي، ڀٽي جي حڪمرانيءَ جي انداز تي تنقيد ڪندي هڪ ڪتابڙو “جيل ڀڃو” لکيو. رسول بخش پليجي صاحب جو خيال هو ته ان وقت جون موجوده پارٽيون سنڌي ماڻهن جي بنيادي قومي، طبقاتي، جمهوري، ثقافتي، سماجي ۽ معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام هيون. هن محسوس ڪيو ته سنڌ ۾ هڪ نئين انقلابي تنظيم جي ضرورت آهي، جيڪا عوام جي اصل نمائندگي ڪري ۽ دُنيا جي پورهيت دوست عالمن، مفڪرن ۽ دانشورن جي اصولن تي هلي. ڊگهي ڪوششن کان پوءِ، 5 مارچ 1970ع تي حيدرآباد ۾ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ويو. پارٽيءَ جي شروعاتي قيادت ۾ مير علي بخش ٽالپر صدر، محمد فاضل راهو نائب صدر ۽ رسول بخش پليجو جنرل سيڪريٽري طور شامل هئا. آڪٽوبر 1979ع ۾، راهوڪي ۾ هڪ تاريخي هاري ڪانفرنس منعقد ٿي، مارشل لا خلاف وڏو اتساھ بڻي. ان کان پوءِ، بدين ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن تي فوجي ڪوڙا لڳايا ويا ۽ پليجي صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. پليجي صاحب جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ (MRD) جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جتي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ اهم حصو ورتو. سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سخت سزا ڏني وئي. جمهوريت جي حمايت ۾ جدوجهد ڪرڻ سبب، ھن ڇهه سالن کان وڌيڪ وقت مختلف جيلن ۾ گذاريو، جن ۾ لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل شامل آهي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل کيس ‘ضمير جو قيدي’ قرار ڏنو.

1986ع ۾ عوامي تحريڪ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (NDP)، پنجاب ڊيموڪريٽڪ فرنٽ ۽ مزدور ڪسان پارٽيءَ سان گڏجي هڪ نئين پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي (ANP) قائم ڪئي. ANP جي مرڪزي قيادت ۾ خان عبدالولي خان مرڪزي صدر، محمد فاضل راهو مرڪزي نائب صدر ۽ رسول بخش پليجو مرڪزي جنرل سيڪريٽري طور شامل هئا. جنرل ضياءُ الحق جڏهن ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا نافذ ڪيو، ته پليجي صاحب ان آمراڻي حڪومت خلاف سخت موقف اختيار ڪيو ۽ هڪ قومي مهم شروع ڪئي. ان مهم جي نتيجي ۾ ٻه کاٻي ڌر جا اتحاد، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ عوامي ڊيموڪريٽڪ الائنس، قائم ٿيا. جنرل ضياءُ جي دور ۾ ميڊيا تي پابنديون لڳايون ويون ۽ پليجو صاحب انهن پابندين جي خلاف مزاحمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن “ڀٽو بچايو” تحريڪ پڻ شروع ڪئي. هُو بنگلاديش ۽ بلوچستان ۾ غير قانوني فوجي آپريشن خلاف پڻ سرگرم رهيو ۽ جنرل ضياءُ الحق خلاف صحافين جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

1986ع ۾، پليجو MRD جو ڪنوينر بڻيو. 1988ع ۾، وزيراعظم محمد خان جوڻيجي طرفان افغان جنگ تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ هن مضبوط موقف پيش ڪيو. پليجو سنڌ جي پاڻيءَ جي وسيلن جي استحصال خلاف سخت مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جي عوام کي انڊس درياءَ جي مسئلي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ مهم هلائي. هن ڊگها مارچ ۽ ڪمون شهيد وٽ سنڌ-پنجاب بارڊر تي تاريخي ڌرڻو منظم ڪيو، جتي بينظير ڀٽو سميت قومي اڳواڻن شرڪت ڪئي. 1990ع ۾، جڏهن ANP اسلامي جمهوري اتحاد (IJI) ۽ متحده قومي موومينٽ (MQM) سان اتحاد ڪيو، ته پليجي صاحب ان فيصلي سان سخت اختلاف ڪيو ۽ استعيفيٰ ڏئي عوامي تحريڪ کي ٻيهر بحال ڪيو. رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي سياسي سرگرمين ۽ مختلف حڪومتن تي تنقيد ڪرڻ سبب پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو جيل ۾ گذاريو. 1969ع: ون يونٽ تحريڪ دوران، کيس 9 مهينا قيد ڪيو ويو. 1973ع: ڀٽي جي حڪومت دوران، “تحريڪ” رسالي ۾ تنقيدي مضمون لکڻ ۽ 1973ع جي آئين تي تنقيد ڪرڻ سبب دفاع پاڪستان رولز (DPR) تحت 6 مهينا جيل ۾ رهيو. 1975ع: ٻيهر DPR  تحت، 11 مهينا قيد رهيو. 1976ع: حيدرآباد سازش ڪيس ۾ وڪيل جي حيثيت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سبب 14 مهينا جيل ۾ رهيو. 1978ع: مارشل لا ريگيوليشن 16 تحت، ڀٽي جي موت واري سزا خلاف احتجاج ڪرڻ تي 6 مهينا قيد رهيو. 1979ع: ڀٽي جي ڦاسيءَ کان اڳ ۽ بعد ۾، مجموعي طور 6 مهينا جيل ۾ رهيو. 1980ع واري ڏهاڪي: جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (MRD) دوران هُو 6 ۽ اڌ سال کان وڌيڪ جيل ۾ رهيو.

مجموعي طور، رسول بخش پليجو صاحب 11 سالن کان وڌيڪ مختلف جيلن، جهڙوڪم ڪوٽ لکپت ۽ سنڌ جي ٻين جيلن ۾ قيد رهيو. هن کي جنرل ايوب خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ضياءُ الحق، ۽ جنرل پرويز مشرف جي آمراڻي دورن ۾ قيد ڪيو ويو. 1981ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل کيس “ضمير جو قيدي” قرار ڏنو. پليجي صاحب سنڌ جي پاڻي ۽ ٻين وسيلن کي بچائڻ لاءِ 1991ع: سکر کان ڪراچي، 1995ع: حيدرآباد کان ڪراچي 2001ع: ڀٽ شاهه کان ڪراچي 2005ع: سکر کان ڪراچي 2009ع: ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي 2017ع: اسلام ڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪيا، جنھن ۾ لکين ماڻھن شرڪت ڪئي. سندس پارٽي عوامي تحريڪ اڄڪلھ ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌوءَ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ خلاف ڀرپور حقيقي جدوجھد ھلائي رھي آھي. ڪير پڇي ته پليجي صاحب جو وڏو ڪارنامو ڪھڙو آھي، ان جو جواب آھي ته سنڌي سماج کي عوامي تحريڪ جھڙي انقلابي تنظيم جو تحفو ڏيڻ. اڄ پليجي صاحب جي 95 هين سالگرھ تي سڄي سنڌ کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

[email protected]