پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب .. ڌامراهه جو دڙو

0
37

 سنڌ ۾ ڪيترائي دڙا ۽ ڀِڙا موجود آهن،جيڪي پنهنجي بيوسيءَ کي ظاهر ڪري رھيا آھن. انھن مان “ڌامراھه جو دڙو” به هڪ آهي. اهڙيءَ ريت ڍنڍون ۽ ڍوررا به جھجھي انداز ۾ آهن، ان جون وٽيون ۽ پاسا معاشي ۽ معاشرتي مرڪز ۽ محور، تهذيب ۽ ثقافت جا گَهوارا ۽ کُٿاب هئا. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ تاريخ ۽ پنهنجي نج پج اصليت کي لوچڻو ۽  ڳولڻو آهي ته انهن دڙن ۽ ڀڙن تي پنهنجي جستجو ۽ جاکوڙ کي وسيع ڪرڻو پوندو. درياهن جا پراڻا پيچرا ۽ گم ٿيل پَيرا پڻ پرکڻا ۽ پروڙڻا پوندا. انهن جي وَٽين ۽ پاسن تي تاريڪيءَ جي تَھهَ ۾ تاراج ٿيل تهذيب ۽ تاريخ تان تفتيش ۽ تلاش ذريعي تَھَن جا تَھهَ لاهڻا هٽائڻا پوندا.

                         اڳي ته سهولتن لاءِ ماڻهو پيا سِڪندا هئا. ڇو ته سهولتن جي شديد اڻاٺ ۽ فقدان گهڻي کان گهڻو هو. ۽ ڪي علم جا ادارا به ايڪڙ ٻيڪڙ هئا. تعليم به پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان مس ٿي رهي هئي. منٽن جو سفر ڪلاڪن ۽ ڪلاڪن جو سفر ڏينهن ۾ ڏينهن جو سفر مهينا ۽ سال وٺي ويندو هو. اڄڪلھ ته آساني ئي آساني آهي. دشواريءَ جو ڪو نالو نشان ئي نه آهي. هر سهولت سامهون بيٺي آهي. اسان هڪ تهذيب يافته قوم آهيون ۽ اسان جو پنهنجو اتم ۽  شاندار ورثو آهي. ان ورثي جي سار سنڀال لهڻ اسان جو ئي قومي فريضو آهي. جيڪڏهن پنهنجي ورثي جي مالڪي نه ڪئي سون ته اسان کي سڌريل قوم سڏائڻ جو ڪو حق ئي ناهي. جڏهن انگريزن اسان جي سنڌ ملڪ ۾ پير پاتو ته انهن پنهنجي تحقيق جي دائري کي وسيع ڪيو ۽ رٿابنديءَ تحت اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. انگريز عالم ۽ اديب پنهنجي حال سارو اسان کي گهڻو ئي سرمايو ڏيئي ويا آهن. ان سرمايي کي سنڀالڻ به اسان جو ڪم آهي. انگريزن جون لکيل گزيٽيئرس ۽ ڪتاب اسان جي اڳيان نمايان آهن. انهن مان گهڻن جا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ۽ اڃا ڪيترن ئي ته ترجمن جي صورت نه ورتي آهي. هن سلسلي ۾ اين جي مجمدار، سرجان مارشل، ماٽيمر ويلر ۽ هينري ڪزنس وغيره اڳرا ۽ اڳڀرا رهيا آهن جن اهڙي اڙانگي ڪم کي اظهار ڪيو. جيڪو ڪم انگريز عالم ڪري ويا اسان ان کان وڌيڪ اڳتي ڪا به وک نه چُريا آھيون. ڏينهون ڏينهن ڪيترن دڙن جي لتاڙ ٿيندي رهي ٿي ۽ ڪيترا ته لتاڙجي ميسارجي زمين جي سنوت ۽ آباديءَ هيٺ اچي چڪا آهن. هيءُ هڪ اٺڪاٺيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي، پر وقت جو پڻ گهڻو گهرجائو آهي. ان سان گڏوگڏ هڪ خشڪ موضوع ۽ دل پسند پڻ آهي.

انگريز عالمن کان علاوه هن موضوع تي اسان کي سيد حسام الدين راشديءَ جو پھريون ڪيل پورهيو ملي ٿو،جنهن مڪلي ۽ ٺٽي بابت پنهنجي جاکوڙ ۽ جستجوءَ دوران بيمثال ڪم ڪيو. تاريخي ۽ تحقيقي مقالا لکيا. جيڪي الڳ الڳ ڪتابن ۽ خاص ڪري ٽماهي مهراڻ رسالي جي مختلف پرچن ۾  شايع ٿيل ملن ٿا. ان کان پوءِ محمد سومار شيخ، معمور يوسفاڻي، عبدالله ورياھه ۽ تاج صحرائي وغيره به نشانبر ۽ نمايان آهن. اهڙيءَ ريت مير محمد بخش ٽالپر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محمد حسين پنهور المعروف ايم ايڇ پنهور، حاڪم شاھ بخاري بدر ابڙو ۽ امام راشدي وغيره جا نالا وٺي سگهجن ٿا. سنڌ جي آڳاٽن ۽ ڦٽل آثارن ۽ ماڳن مڪانن جي باري ۾ مقالا گهڻو ڪري ٽماهي مهراڻ، ماهوار نئين زندگي ۽ سنڌالاجيءَ سنڌي ادب رسالي ۾ ڇپيل معلوم ٿين ٿا. وري هنن کان سواءِ ڊاڪٽر غلام محي الدين ويسر، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شر، ڊاڪٽر تسليم عالم ابڙو، عزيز ڪنگراڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙو، شيخ جاويد علي سنڌي  ۽ ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي(راقم) وغيره به هن ڏِسَ ۾ پاڻ پتوڙيندي نظر اچن ٿا.

اسان جي سنڌ ملڪ ۾ ڪيترائي آڳاٽا ۽ ڦٽل آثار دڙن ۽ ڀِڙن جي روپ ۾ دٻيل ملن ٿا، ته ڪي وري زمين تي اوچا ۽ اڏول بيٺل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهڙن دڙن مان “ڌامراھه جو دڙو” به ڪَرُ کنيو بيٺو آهي. هيءُ دڙو نهايت آڳاٽو آهي، جيڪو باڊھه کان اولھه طرف ٻن ميلن جو فاصلو رکي ٿو ۽ ڳوٺ سائينداد کوکر کان اوڀر پاسي پڻ ٻن ميلن جي وٿيءَ تي آهي. هن دڙي جي بلڪل ڀرسان ڏکڻ ۾ ڌامراھه واھه وهي ٿو، جنهن ڪري کيس “ڌامراھه جو دڙو” سڏيو وڃي ٿو. اين جي مجمدار لکي ٿو :

“باڊھه جي ڀرسان ضلعي لاڙڪاڻي جو مشهور و معروف دڙو ڌامراھه به موجود آهي. جنهن متعلق بئنرجي ۽ ڊڪشٽ به اطلاع ڏنو هو. ڏسڻ کان پوءِ اِهو معلوم ٿيو ته اِها ڪا ٻُڌ وَستي هئي. منجهس ٻُڌ اسٽوپا ۽ ڀڪشن جي رهڻ واسطي مڙهين جا کنڊر نظر ٿي آيا. (سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي ص94/ 1997ع)

هن دڙي بابت اين جي مجمدار وڌيڪ ڪابه معلومات ڏيڻ کان قاصر آهي. بس اِهي ٻه سِٽون تعارف طور لکي پيش ڪيون اٿس.

هيءُ دڙو مور مغيري  محمد اسماعيل کرل ۽علي محمد کرل جن سان گڏجي 25 نومبر 2017ع تي گهمي ڏٺم. هيءُ دڙو اٽڪل 150 جريبن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هن دڙي جا ٻه وڏا  حصا آهن،جن جي وچ وارو فاصلو اٽڪل پورو ڪلوميٽر ٿيندو. هي ٻيئي حصا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اوڀر ۽ اولھه طرف آهن. اولھه واري ڀاڱي کي مقامي ماڻهن اڇي دڙي جو نالو ڏنو آهي.اولهائيون حصو اوچائيءَ ۾ 30/ 35 فوٽ ٿيندو. اوڀر واري دڙي جي حصي کي وري ڳاڙهو دڙو سڏين ٿا. دڙي جي اولهائين حصي جي کوٽائي گهڻو وقت اڳ ٿيل معلوم ٿي. جنهن مان سمجهجي ٿو ته هيءُ رڳو مٽيءَ جو ٺهيل هوندو يا هن تي ٿانوَ پچايا ويا هوندا، ڇو ته هن مان صرف اڱر ۽ ڪاري خاڪ پَئَي ظاهر ٿي. اهڙيءَ ريت ٺڪرين جا ذرا پرزا وکريل نظر آيا. هن جي ڪجھه حصي تي ڳوٺ ٻَڌل آهي. ڪجھه حصو رهيل به اٿس، جنهن مان برسات جي مند ۾ سِڪا يا ٻيون اهڙيون وَٿون لڀيو پون. دڙي جي اوڀارئين حصي جي کوٽائي ٿيل نه آهي. (جنهن کي ڳاڙهو دڙو سڏيو وڃي ٿو). دڙي جي ٻنھي ڀاڱن مان هڪ رستو آهي، جيڪو اولهائين ڀاڱي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ٿو ۽ سڌو سنئون اوڀارئين دڙي تي پهچي ٿو. اسان ٻنهي دڙن کي چڱيءَ پَرِ جاچي ڏٺو. اوڀارئين دڙي جي آسپاس ٺڪراٺو ۽ پڪين سرن جا ٽُڪرا جام پکڙيل ڏسڻ ۾ آيا. هيءُ دڙو(اوڀاريون حصو)اوچائيءَ ۾ اٽڪل 40کان 45 فوٽ ٿيندو. ويڪر ۾ به چڱو خاصو آهي. آخر دڙي جي چوٽيءَ تي وڃي بيٺاسين. ۽ پڪيون سرون ڏسڻ ۾ آيون جن مان معلوم ٿيو ته هيءَ ڪا وڏي وسندي آباد هوندي جنهن کي ٻُڌ وستي سڏيو وڃي ٿو. هن لاءِ هينري ڪزنس لکي ٿو :

“باڊھه جي اسٽيشن کان ڇھه ميل پري ٻُڌ جڳهين جا گهڻي ايراضيءَ ۾ کنڊر پکڙيل آهن جن ۾ ڪي اسٽوپا ۽ ڪي مڙهيون آهن. وڏي دڙي تان اڪيريل سرون به ملن ٿيون. اِهو دڙو 40 فوٽ کن مٿي اوچو آهي ۽ ان جي شڪل ميرپور خاص واري دڙي جهڙي آهي. ڪي سرون “20” انچ  ڪي “18”انچ ڊگهيون ۽ ٽي انچ ٿلهيون آهن.”(سنڌ جا قديم آثار ص311 /1995ع)

اين جي مجمدار کان وڌيڪ هينري ڪزنس جو رايو آهي. اسان هن دڙي مان وڏي تڪليف سان ٻه سرون ڪڍي ورتيون. هڪ جو وزن 9 ڪلو ۽ ٿولھه ۾ ٽي کان چار انچ آهي ۽ ڊيگھه ۾ فوٽ جي برابر آهي. ٻيءَ سر جي ڊيگھه 18 انچ آهي ۽ ٽي انچ ٿولھه اٿس ۽ ويڪر ۾ 6 انچ آهي، هن جو وزن اٽڪل چار پنج ڪلو جي برابر ٿيندو.

هن دڙي جي اڄ تائين ڪا به کوٽائي وغيره ڪانه ٿي آهي. هن دڙي جي کوٽائي ٿيڻ گهرجي. ڇو ته منجهانئس دٻيل تاريخ تان لٽ لاهڻ جو هيءُ وقت آهي. هن حصي جي کوٽائي ٿيڻ سان قديم تاريخ نمودار ٿيڻ ۾ پڻ اڳڀرائي ٿيندي. آرڪيالاجي کاتي ۽ سنڌ سرڪار کي هن دڙي جي کوٽائيءَ ڏانهن ستت وک وڌائڻ گهرجي. ۽ لَٽيل تاريخ تان تاريڪيءَ جا تَهن مٿان تَھهَ پري ڪري ٻُڌ جڳهين ۽ مڙهين جي تاريخ کي وائکو ۽ پڌرو ڪرڻ گهرجي.

هيءُ دڙو پهرين وارھه تعلقي جي حدن ۾ شمار ڪبو هو ۽ جڏهن کان نئون ضلعو قنبر شهدادڪوٽ وجود ۾ آيو ته وارھه تعلقي کي ٻن حصن وارھه ۽ نصيرآباد ۾ ورهايو ويو. هن وقت هيءُ دڙو تعلقي نصيرآباد جي حدن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. (واٽس ايپ ميسيج)