پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب … پُنري جو دڙو … ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

0
30

  اسان جو قنبر ضلعو سنڌو ماٿريءَ جي آڳاٽن ماڳن وانگر سٿيو پيو آهي. هن ضلعي ۾ ڪيترائي ماڳ مڪان آهن، جن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. هرهڪ جي پنهنجي پنهنجي ساخت ۽ جوڙجڪ ۽ بيهڪ آهي. هر ماڳ پنهنجي نالي سان سڃاپجي ٿو. جن جا هيٺ نالا ڏنا ويندا. اهڙيءَ پَر پوري ضلعي کي ڇڏي ڪري وارھ تعلقي تي نظر ڪنداسين ته کوڙ سارا ڦٽل ماڳ سارسنڀال جي لاءِ سڏي رهيا آهن. تاريخ جا ورق ورائجن ٿا ته هن ڀاڱي ڏانهن ڪوبه ڪم ٿيل نظر نه ٿو اچي. هي ماڳ تحقيق جا گهڻائي گهرجائو آهن. اڄ اهڙي دڙي جي ڳالھه ڪيون ٿا،جنھن جو ذڪر صرف ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان سواءِ ڪنهن به اديب ۽ عالم نه ڪيو آهي.. ان دڙي جو نالو آهي، پنري جو دڙو..

                         هيءُ دڙو ايف پي بند کان اولھه طرف اٽڪل ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي حمل ڍنڍ ۾ واقع آهي.هن دڙي تي پهچڻ لاءِ ايف پي بند کان هيٺ اسڪوٽر تي وياسين. دڙي جي چوگرد هڪ کاهي آهي، اسڪوٽر ٻاهر بيهاري کاهي ءَ جي پاڻيءَ مان لنگهي دڙي تي پهتاسون. کاهي ءَ ۾ پاڻي گوڏي تائين اچي رهيو هو. ربن چولياڻي، ڪانڀو خان خاصخيلي ۽ حافظ محمد عظيم سيال گڏ هئا.

هيءُ دڙو بڊام جي دڙي جي ڏکڻ ۾ تقريبن پنجن سَوَن فوٽن جي مفاصلي تي آهي. بڊام ۽ پنرو جي دڙن جي وچ ۾ هڪ وڏي کاھي يا ڍوري آهي. جيڪا ٻنھي دڙن کي پاڻ کان ڌار ڪري ٿي. هن دڙي جي ايراضي اٽڪل اٺ (8) ايڪڙ ٿيندي. اهڙيءَ ريت زمين جي مٿاڇري کان دڙي جي چوڌاري وارو حصو ڏهاڪو فوٽ کن اوچو ٿيندو، پر دڙي جو وچ وارو ڀاڱو چار پنج فوٽ هيٺ ٿيندو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي بڊام ۽ پنري کي هڪ ئي نالي سان بڊاماڻي پؤنرو جو دڙو سڏي ٿو، پر ايئن نه آهي. پنرو جو دڙو ۽ بڊام جو دڙو ٻيئي الڳ الڳ نالن سان سڃاتا ۽ سڏيا وڃن ٿا. ٻنھي جي ڌار ڌار حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي. مذڪور ٻنھي دڙن جي نالن مان صاف ظاهر آهي ته بڊام جي پنھنجي حيثيت ۽ اهميت الڳ آهي ته وري پنري جو پنهنجو مقام آھي.

پنرو ۽ پؤنرو وري ٻه الڳ الڳ شخصيتون شمار ڪري سگهجن ٿيون. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنرو کي بڊام پؤنرو ڪري لکيو آهي، جيڪو درست نه آهي. چون ٿا ته پنرو ڪاڇي جو سردار هيو. پؤنرو، جنهن کي ڄام پؤنرو چيو وڃي ٿو، تنهن جي حڪومت ڏهين صدي عيسوي ڌاري ڪڇ تي قائم هئي. تحقيق ۽ عام روايتن ۽ کناکيڙ ۽ کوجنا مان پڌرو آهي ته اصل ۾ پنرو آهي، نه ڪِي پؤنرو!! جيئن ميمڻ صاحب لکيو آهي. هن دڙي جي اڄ تائين ڪا به کوٽائي وغيره ڪانه ٿي آهي. مذڪور دڙي تي ٺڪراٺو جام وکريو پيو آهي. هن دڙي مان ڪجھه مختلف شيون مليون آهن. جن مان هڪ ڏيئو، هڪ پٿر جو ٽَڪرو آهي، هڪ ٻه ٺڪريون آهن جن تي چٽسالي نظر اچي ٿي. ٻي هڪ اهڙي چيز آهي جنهن کي آرپار سوراخ ٿيل آهي. پر هي شيون اوهان جي اڳيان آهن جن مان آڳاٽي دور جو ڏس پتو ملي ٿو.

هن ٻنهي دڙن کان سواءِ هتي ٻيا به ڪيترائي ڦٽل ماڳ ۽ آثار آهن. جهڙوڪ : ڊانبي جو دڙو، ڊانبيءَ جو دڙو، راٻاريءَ جو دڙو، ڪارڙي جو دڙو، چوئل جو دڙو، وَيڙِ يا ويڙھ جو دڙو، سونُ تڙ جو دڙو، پير بهاول شاھ جو دڙو ۽ وارياسي جو دڙو وغيره وغيره.. هنن ماڳن کي ٻوڏن گهڻو ئي نقصان پهچايو آهي. اهڙيءَ طرح نَيُن جي پاڻي به هنن ڦٽل آثارن سان وڏي ويڌن ڪئي آهي. هي آڳاٽا آثار گذريل دور جي نشاندهي ڪن ٿا. سنڌ سرڪار ۽ آرڪيالاجي کاتي کي هن ڏِسَ ۾ ڪي ٺوس ۽ پڪا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن مذڪور ماڳن کي وقت سر ٻوڏن جي پاڻي ۽ جابلو پاڻيءَ کان بچائي سگهجي. حمل ڍنڍ ۾ پاڻي نه هجڻ دوران هنن دڙن تائين آسانيءَ سان رَسائي ڪري سگهجي ٿي.