پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب … وارهه جا ڪردار … ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

0
51

ڀَلَي ڏنو ڀوڳائي

 وقت تيزيءَ سان بدلبو رهي ٿو. اڳي واهڻن ۽ وستين ۾ ڏاڍو مزو هوندو هو. وڏي کل ڀوڳ ۽ چرچا گهٻا ڪيا ويندا هئا. ماڻهن ۾ ميٺ محبت، سهپ ۽ پنهنجائپ جو ته مادو به نهايت جھجھو هوندو هو. ڪنهن تي ڪوبه خوامخواه چَٿر يا جُلھه۽ طنز يا ٽوڪ ڪندو ھو، ان کي به کل خوشيءَ سان قبول ڪندا هئا. موٽ ۾ وري کل جو جواب کل۾ ۽ ٽوڪ جو جواب ٽوڪ واري انداز ۾ ڏيندا هئا. هڪ ٻئي سان محبت ۽ انس پڻ زياده رکندا هئا. ڪوبه ڪنهن سان ٻاڙو ڪونه ٻوليندو هو. ڳوٺن ۾ رات جو اوطاقن تي ڪچهريون ٿينديون هيون، جو هرڪو ئي ڪچهريءَ مان لطف اندوز ٿي مزو ماڻي هليو ويندو هو.هيءُ اهو دور هو، جو لوڪ ادب سان لاڳاپيل جنسن کي ڪچهريءَ جي زينت بڻايو ويندو هو. ڪنهن ڏور ڏني ته وري ڪنهن ڏٺ ۽ ڏهس جي پچار ڪئي، ڪنهن سينگار سوريو ته ڪنهن وري مولود ۽ مداحون ڇيڙي ڪچهريءَ تي سَڪتو طاري ڪري پئي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت هرڪنهن پنهنجي پنهنجي علم ۽ فهم موجب پنهنجو پنهنجو فن ٻڌائي داد حاصل پئي ڪيو، ته ڪنهن وري پنهنجي فن وسيلي ڪچهريءَ وارن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ٿي ڇڏيو. اهڙن مزاحيه ماڻهن جو هن جديد دور ۾ وڏو ڪال ٿو ڏسجي. اڄ ڪلھه ته اهڙيون ڪچهريون صرف نالي ۾ وڃي رهيون آهن،جن کي ياد طور ورجايو وڃي ٿو.

هن ويجهي دور ۾ پريل مسخرو به پنهنجي مسخريءَ ذريعي گهڻو مشهور ٿيو پر پڇاڙيءَ ۾ زندگي ڏاڍي ڏکيءَ حالت ۾ گذاريائين. اٽڪل 15/20 سال مس ٿيندا جو وڏيءَ عمر ۾ هن فاني دنيا مان انتقال ڪري ويو. اهڙن ماڻهن کان اسان جي حڪومت ۽ ثقافت کاتو بنھه لاتعلق رهندو آيو آهي،جن کي اهڙن ماڻهن جي ڪابه ڄاڻ نه آهي ته اهي پنهنجي فن ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان پنهنجو نالو ڪمائي ويا. عوام جون دليون ڪيئن کٽيائون ۽ انهن کي ڪهڙيءَ ريت وندرايائون.

هن وقت ڪيترا نالا مشهور آهن پر منجهن ڀلي ڏني واري بوءِ ئي ڪانه آهي ۽ نه وري ڪو پريل واري پريت کان واقف آهن . پريل مسخرو به هن بيان جو حصو بڻجي ويو. ڪو نر نيهي هجي جو مسخرن جي شخصيت ۽ فن تي ڪجھه لکي ۽ سندن ياد کي تازو ڪري ۽ تاريخ جو حصو بڻائي.

ڀلي ڏنو ڪير ۽ ڪٿان جو هو ۽ ڪهڙيءَ ريت مقبول ۽ مشهور ٿيو ۽ شهرت ماڻيائين ته ڀلي ڏنو ذات جو ابڙو هو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀلي ڏنو ڀوڳائيءَ جي نالي سان نهايت مشهور آهي. هيءُ تعلقي وارھه جي ڳوٺ کنڊوءَ جو ويٺل هو. عبداﷲ متعلم رسالي “اديب سنڌ” ۾ لکي ٿو

 :“ ڀلي ڏني کي فوت ٿئي اٽڪل ٽيهارو سال ٿيندا. سندس عمر 60/65 سال هئي. شڪل شباهت ۾ ملان دوپيازي جو ثاني چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. بدن ڀريل، چيلھه لچڪيدار، مٿو صافن صاف (گنجو)، ته ڏاڙهي چاپُهين! ڀرون اٺ وانگر وڏيون ۽ اکيون وري عجيب، هٿن جا چالا ۽ طرز بيان اهڙو هوس جو ڪهڙو به خوش طبع ماڻهو ڏسڻ سان کلي ويهندو هو اکين ڦرڙائڻ ۽ اشارن ۾ اهڙو ڪمال هوس جو حاضرين مجلس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. ”(جون – 1951ع)

هن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سال 1920/25ع ڌاري ڀلي ڏني جي عمر 65-60سال هئي يعني سندس ولادت اٽڪل 60- 1855ع ٿي هوندي. سندس حليو مبارڪ سندس ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ عمر رسيده بزرگ رٽائرڊ استاد اعزاز علي ابڙي کان هن ريت معلوم ٿيو. هو ٻڌائي ٿو :

“ڀلي ڏنو قد ۾ ڊگهو پر پورو ۽ وڻندڙ، جسم ۾ مضبوط، رنگ پورو، ڏاڙهي سونهاري باشريعت، راست گو ۽ هڪ طاقتور انسان هو.” ڀلي ڏني کي هڪ پٽ گل محمد نالي ٿيو،جنهن کي علي نواز نالي پٽ ٿيو. جنهن اڳتي هلي ڀلي ڏني واري فن کي برقرار رکيو ۽ عوام ۾ مٽر جي نالي سان نروار ٿيو. هن به پنهنجي فن ۾ چڱو نالو ڪمايو ۽ شهرت ماڻيائين. پر ڀلي ڏني جي ڀوڳن جي ڳالھه ئي ٻي هئي. مٽر کي ٻه پٽ گل محمد ۽ ڀلي ڏنو نالي ٿيا. ڀلي ڏنو استاد ٿيو ۽ بنا اولاد جي هيءُ جهان ڇڏيائين. گل محمد کي هڪ پٽ نالي نذير احمد ٿيو. نذير احمد جوانيءَ ۾ نوري آباد اسٽاپ تي ايڪسيڊنٽ ٿيو ۽ ساھ ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. نذير احمد کي هڪ پٽ جو اولاد ٿيو جو صغير سنيءَ ۾ حيات آهي.

ڀلي ڏني ۽ مٽر مسخري بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هن ريت لکي ٿو :

“هيءُ سنڌ جو تمام وڏو مسخرو ٿي گذريو آهي،جنهن کي عام توڙي خاص ماڻهو پسند ڪندا هئا. هيءُ پهريون مسخرو هو، جنهن مسخريءَ کي اميرن جي درٻار مان ڪڍي عوامي محفلن ۾ آندو ۽ عوام جي وندر جو باعث بڻيو.

هو خانداني مسخرو هو ۽ کيس اهو فن پنهنجي پيءُ علي نواز عرف مٽرمسخري کان مليو هو. علي نواز نوابن ۽ سردارن جي محفلن جو مسخرو هو ۽ عوام ۾ ان جو نالو ايترو مشهور ۽ مقبول نه هو. ڀلي ڏني هن فن کي عوام جي ڪچهرين ۾ آندو. عوام ۾ ڏاڍو مشهور ۽ مقبول ٿي ويو.

هو نهايت پڪو چرچو ڪندو هو ۽ ڪو گندو لفظ واتان نه ڪڍندو هو. واپارين کي اڪثر ڪري وڏي واڪي چوندو هو، “ايترو ڪجھه گڏ ڪيو، جيڪو لڏڻ وقت کڻي سگهو. ”جيتوڻيڪ کيس اميرن وٽان وڏا وڏا انعام ملندا هئا، پر ان مان ڪجھه به بچائي نه رکندو هو. هو روزي نماز جو پابند هو،۽ ديني ڪمن ۾ وڏي مدد ڪندو هو. سندس وڏو ڪارنامو کنڊو ڳوٺ (تعلقو وارھه) واري ٽن قبن واري جامع مسجد آهي، جيڪا هن پنهنجي پيسن مان ٺهرائي هئي. سندس قبر به ان مسجد ۾ آهي.

هڪ دفعي مسجد جوڙائڻ جو خيال آيس. اهڙو پڪو پھه ۽ اٽل ارادو ڪري مسجد شريف جي چندي گڏ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کان نڪري پيو. ان ريت ڳوٺ خير محمد ڪرٽيي(تعلقو قنبر) جي زميندار وٽ لنگهي ويو. زميندار کانئس حال احوال ورتا ۽ حال احوال ڏنائين کيس چندي کان کُتو جواب ڏنو. هن اتي ڪجھه به ڪونه ڪڇيو، پر سندس ڳوٺ ۾ ئي ڪنهن اوطاق تي رهيو. رات جو مسخري ڪندي ڪندي ماڻهن کي کل ۾ کيرو ڪري وڌائين. آخر ۾ ڪرٽين جي ساراھه ۾ هن ريت ٻول ٻوليائين ته، ادا ڪچهري مون ڏي غور ڪري خيال سان ٻُڌو ۽ هيءُ گفتو دل سان ياد ڪجو، ڪو وقت ايندو جو اوهان مون کي ياد ڪندؤ، سو ٻُڌو:

“بابي ۽ مون ڪيو ھو باغ، ان ۾ پوکياسين گدرا،هنداڻا،ميها ۽ ونگا. اچي پيو مينهن، باغ به لڳو ڀلو. وَلين جو اچي پِتا جھليا، جو پَٽي پَٽي کڻي ٿڪجي پؤ. ليڪن ڀَلَ جي ڪري گدري جي ولين کي اهڙو ڪو مرض لڳو، جو گدرن جي بدران گهڻائي ڪرٽ ۽ ڪرٽيون ٿيون. اسان به انهن ڪرٽن ۽ ڪرٽين کي وڪڻڻ شروع ڪيو. آني ڪرٽ، ٽَڪي ڪرٽي جام وَڪيون،پر پيسي پائيءَ تي به کپايونسين. آخر اهڙا اچي بيزار ٿياسون، جو مفت ۾ به ڪرٽي ڪو ڪونه پيو وٺي. ”

ماڻهو رؤنشي ڪوڏيا ۽ تماشبين، جو ٻُڌڻ سان ڀلي ڏني کي ته وڏو ساراهيائون. چؤطرف هوڪرا ۽ ڪوڪرا پئجي ويا. گهڻا ته کلي کلي کيرا ٿي پيا. وڏي ڌوم مچي وئي. کل جو ٻٽڪو پئجي ويو. هڪ ماڻهوءَ وڃي وڏيري کي سربستو ۽ پيرائتو احوال ڪري ٻُڌايو، ته مسخري ڀلي ڏني واھ جا تعدي ڪئي آهي! جو ذات واري هڪ به نه ڇڏي اٿس. اڳتي ته الائي ڇا ڇا ڪندو.؟ وڏيري سڄي حقيقت ٻُڌي، ڀلي ڏني کي پاڻ وٽ گهرائي، گهڻو نذرانو ڏيئي خوش ڪيائين.

ڀلي ڏنو نواب غيبي خان کان وٺي مير صاحبن تائين مقبول ۽ مشهور هو. ميرن وٽ سندس ڪافي عزت هئي ۽ ان سان گڏ هلندي پڄندي به هيس. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن ماڻهن تائين سندس چڱي خاصي پهچ هئي. مسخريءَ جي ڪري ايترو ته مشهور ٿيو، جو ڳوٺ وارن کي پڻ پنهنجي فن ڏانهن مائل ۽ قائل ڪري وڌائين،جنهن ڪري سندس ڳوٺ جي ماڻهن کي کل ڀوڳ ۽ چرچي گهٻي کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه ايندو هو. اهڙي ئي اعتبار کان سندس ڳوٺ کنڊوءَ کي مسخرن جو ڳوٺ ڪري سڏيو ويندو هو. آخر ڪار ڳوٺ تان اهو نالو ميسارجي ويو، جنهن جو سبب ڀلي ڏني هڪ ٽن قبن واري مسجد تعمير ڪرائي. اڄ به اها مسجد ٽهِ قبائين سڏجي ٿي. ان کان پوءِ مولوي عبدالرؤف ۽ مولوي عبدالغفور ڀائرن علم جي روشنيءَ جي ڪري کنڊو ڳوٺ هنڌين ماڳين مشهور ٿيو. کنڊوءَ ۾ وڏو مدرسو هو.

ڀلي ڏني کي ٻني ٻارو ڪونه هو،پر سندس گذر سفر جو ذريعو مسخري هئي ۽ مسخريءَ جي ڪري ئي وڏي شهرت ماڻيائين. ليڪن پنهنجيءَ عمر ۾ خير جا ٻه وڏا ڪم ڪيائين. هڪ ته ميڙا چونڊي ۽ چندا چاري ڪري عاليشان ٽه قبائين مسجد جوڙيائين ۽ ٻيو ڪم کوھه کوٽايائين. اهي سندس ٻئي ڪم سندس ياد تازي ڪن ٿا ۽ اڄ به صحيح ۽ سالم حالت ۾ آهن.

ڀلي ڏني جا ڀوڳ ۽ ٽوٽڪا، گهڻائي گفتا اڄ به ماڻهن کان ڪين وسريا آهن. سندس اهڙن ٽوٽڪن ۽ گفتن مان ڪجھه نمونا حاصل ٿيا آهن، جيڪي هن ريت آهن :

1.هڪ دفعي سر نواب غيبي خان چانڊيي کيس ڪچهريءَ لاءِ گهرايو. ڪچهري ڪندي نواب صاحب کي مزاحيه چرچن ۽ ڀوڳن سان اهڙو ته موهيائين، جو خود نواب غيبي خان هڪ ڀلو گهوڙو انعام طور سندس حوالي ڪيائين. گهوڙي جي پوئين حصي تي هڪ وڏو ڳوڙهو هو، پر نواب ان کان بي خبر هو. آخر ڀلي ڏنو اهو گهوڙو ڪاهي ڳوٺ آيو. ڳوٺ پهچندي ئي، واريءَ سان هڪ لوٽي ڀري گهوڙي جي ڪنڌ ۾ ٻَڌائين. ستت ئي موٽي نواب غيبي خان جي هلندي ڪچهريءَ ۾ گهوڙي تي سوار ٿي، حاضر ٿيو. پهچڻ سان نواب صاحب جو سلام ڪيائين. “نواب صاحب گهوڙي جي ڪنڌ ۾ ٻَڌل وڏي لوٽي ڏسي، کانئس سبب پڇيو، ته هيءُ ڇا ڪيو اٿئي!” تنهن تي جواب ۾ چيائين ته عالي جناب! گهوڙي جي ڄاڻ ٿو ماريان، متان سواري ڪندي پوئتي نه اڇلائي ڇڏي!”اهو گفتو ٻُڌندي ئي نواب صاحب ان پنهنجي نوڪر تي گرم ٿيو، ۽ ڀلي ڏني کان اهو ڏنل گهوڙو واپس وٺي، خاص پنهنجي سواريءَ جو بهترين گهوڙو سندس حوالي ڪيائين.

2.ڳالھه ٿا ڪن ته هڪ دفعي ڳوٺ کنڊوءَ کان، آريجن جي ڳوٺِ گڏھه تي چڙهي پهتو،ته وٽس زميندارن جو هڪ ٽولو لنگهي آيو. کيس چيائون ته “هن گڏھه ننڍڙي ڦر، پٺيان ڪهڙو آواز ڪڍيو آهي.” کين چيائين ته:اي صاحبان! ننڍڙو ڦر ناناڻا ڏسي سرائيڪي ٿو ڪري. جنهن تي زميندار بيحد شرمسار ٿيا. ”ايئن ئي ڀلي ڏني کان هار کائي واپس وريا.

5.ڳالھه ٿا ڪن ته هڪ دفعي ڀلي ڏنو درياھه جي هُن پار ڪنهن ڳوٺ ۾ ويو. وضو ڪري ان ڳوٺ جي مسجد ۾ داخل ٿيو. ڇا ڏسي ته هڪ غلام، طالبن /شاگردن کي عربيءَ جي تعليم ڏيئي رهيو آهي. ڀلي ڏني نُک (تڏو) سوري،هون هون ڪري نماز پڙهڻ شروع ڪئي. مولوي صاحب کٿابين کي سبق ڏيڻ بند ڪري، ڪتاب ڏسڻ لڳو، ته چيائين ته مان ته هڪ ئي آهيان ۽ مهمان مولوي صاحب ڀُليو آهي. ڀلي ڏنو سلام ورائي اٿي بيهي رهيو ۽ وري هون هون ڪري فرض پڙهڻ شروع ڪيائين. فرض پڙهي پورو ڪرڻ کان پوءِ سُنت ۽ نفل به ساڳيءَ طرح ادا ڪيائين. جنهن کان پوءِ چادر مٿي تي وجهي مراقبو شروع ڪيائين. شاگردن ڏٺو ته اسان جي استاد، اسان کي سدائين غلط درس ڏنو آهي ۽ سبق وٺڻ کان انڪار ڪيائون. مولوي صاحب حيرت ۾ پئجي ويو. شاگردن کي چيائين ته پُٽ! مون ته سڄي عمر پڙهايو آهي. ۽ سموري عمر پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري اٿم. پر ايئن ڪڏهن به نه ٿيو آهي. جنھن تي شاگردن وراڻيو ته اڳي به ايئن ئي پڙهايو اَٿَوَ، جيئن هاڻي غلط ٿا پڙهايو. اڄ کان پوءِ اسان درس وٺڻ کان بس ڪئي. جڏهن مولوي صاحب سخت پريشان ٿيو، تڏهن ڀلي ڏني معلم کي نهايت حيران ۽ پريشان ڏسي، دعا گهري، مسجد کان ٻاهر نڪرڻ لڳو ۽ ٻاهر نڪري جُتي پاتائين. مس ته مولوي صاحب به تڙتڪڙ ۾ اٿي وڃي، سندس ٻانهن کان جهلي، کانئس پڇيائين ته “اوهان جو اسم مبارڪ ڇا آهي؟” جواب ۾ کيس مرڪندي چيائين ته “منهنجو نالو ڀلي ڏنو مسخرو آهي.”مولوي کيس ڀاڪر ۾ قابو ڪري، واپس وٺي اچي پاڻ وٽ ويهاريائين. ٿڌو ساھه ڀري، شاگردن کي مخاطب ٿي چيائين ته “سڄي ڳوٺ وارن کي اطلاع ڪيو ته ڀلي ڏنو خان اچي چڪو آهي. اوهين هت اچي سندس زيارت ڪيو. بعد ۾ کيس پورا ٽي ڏينهن مهمان طور ترسايو ويو.”ڀلي ڏنو مسخريءَ سان گڏ راڳ جو به سٺو ڄاڻو ۽ ماهر هو. هڏ ڪاٺ ۾ به مضبوط ۽ ٿلهو متارو جوان هو. سندس سر تي هڪ ناچو آرام سان نچي سگهندو هو جيتوڻيڪ سندس ڌنڌو مسخري ۽ راڳ ويراڳ ڪرڻ هو، تڏهن به سندس دل خدا تعاليٰ ڏي نهايت مائل ۽ راغب هئي. ايتري قدر جو پنهنجي ٺهرايل مسجد شريف اڳيان پنهنجي قبر به پاڻ ئي کڻائي ڇڏي هئائين. آخر ۾ قبر ۾ گهِري راڳ به ڪيو هئائين. پاڻ نيڪ نيت، حق گو، حق پرست، خوش طبع، خوش مزاج، مزيدار، سچار ۽ ايماندار ۽ متقي به هو. اهڙيءَ ريت روزي نماز جو پابند گهڻو هو. سندس پيڙهيءَ مان علي نواز عرف مٽر به نالي وارو مسخرو ٿي گذريو آهي.اڄ تائين ڀلي ڏني جا ڀوڳ ۽ ٽوٽڪا مشهور آهن جو ماڻهو سندس گفتا ۽ ٽوٽڪا ورجائي پنهنجي دل وندرائيندا آهن. سندس مقبوليت ۽ مشهوري ڇا چئجي؟ جو سنڌيءَ ۾ عام ڪري هيءُ پهاڪو ڏيندا آهن ته: “تون ته ڪو ڀلي ڏنو مسخرو آهين.”

هي سندس ٺهرايل مسجد شريف جو اندريون ۽ ٻاهريون ڏيک آهي.