سوشل ميڊيا سيڪيورٽي جي ڳالهه اچي ته اسان مان کوڙ ماڻهو واٽس ايپ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏين ٿا، پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته ڪيئي مشهور ۽ مقبول شخصيتن جا انسٽاگرام اڪائونٽ به هيڪ ٿي چڪا آهن؟

انسٽاگرام تي هڪ پبلڪ اڪائونٽ جو مطلب آهي ته هر اهو شخص جيڪو توهان کي فالو ڪري يا نه ڪري، توهان جي پروفائل، ايتري تائين جو توهان جو مواد به ڏسي ۽ شيئر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، تنهنڪري واٽس ايپ سان گڏوگڏ انسٽاگرام سيڪيورٽي تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

اڄ اسان توهان کي ان حوالي سان وڌيڪ تفصيلي معلومات ڏينداسين، پوءِ اچو ته اڄ انسٽاگرام سيڪيورٽي بابت ڳالهايون.

ٽو فيڪٽر آٿينٽيڪيشن (ايف اي ٽو) آن ڪريو

انسٽاگرام تي ٽو فيڪٽر آٿينٽيڪيشن توهان جي پروفائل کي پاسورڊ کانسواءِ وڌيڪ محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، هي فيچر ان ايبل ڪرڻ کانپوءِ جڏهن به توهان جي پروفائل ڪنهن نئين ڊيوائيس تان لاگ ان ٿيندي ته ان صورت ۾ انسٽاگرام واهپيدار کان اهو ڪوڊ طلب ڪندو جيڪو توهان جي موبائيل يا تصديق ڪندڙ ايپ تي موڪليو ويندو.

پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجي انسٽاگرام پروفائيل جي سيٽنگز ۾ وڃي ٽو فيڪٽر آٿينٽيڪيشن کي ان ايبل ڪريو ۽ پوءِ هيٺين مرحلن تي عمل ڪريو.

اڻ وڻندڙ فالوورز کي محدود ڪريو

جيڪڏهن ڪو ماڻهو توهان کي سڌي ريت پيغام يا ڪمينٽس ذريعي پريشان ڪري رهيو آهي پر ان جي باوجود توهان ان واهپيدار کي بلاڪ نٿا ڪرڻ چاهيو ته اهڙي صورت ۾ پنهنجي پروفائيل تي Restrict فيچر استعمال ڪريو، هن فيچر ذريعي توهان ان صارف جي ٻڙڪ پوڻ بنا پنهنجي اڪائونٽ پروفائيل تائين پهچ محدود ڪري سگهو ٿا.

هن فيچر مان فائدو وٺڻ لاءِ ان واهپيدارن جي پروفائيل تي وڃو ۽ ڪنڊ ۾ ڏنل ٽن نقطن تي ڪلڪ ڪريو ۽ Restrict جي چونڊ ڪريو.

غير مهذب ۽ جارحاڻن تبصرن وارو فلٽر

انسٽاگرام پنهنجي واهپيدارن کي هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) يا چونڊ لفظن جي بنياد تي تبصرن مان غير مهذب ۽ جارحاڻي لفظ فلٽر ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، هن فيچر مان فائدو وٺڻ لاءِ سيٽنگز ۾ وڃي پرائيويسي چونڊيو، هاڻي ”هيڊن ورڊس“ تي ڪلڪ ڪري Hide Comments ۽ Custom Word Filter جو آپشن آن ڪريو.

ٽيگنگ ۽ مينشن کان بچو

ڪنهن به صارف جي اسٽوريز ۽ تبصرن ۾ ٽيگ ۽ مينشن ٿيڻ جهڙين حالتن کي ڪنٽرول ڪندي توهان اسپام پوسٽن تي اڻ وڻندڙ ٽيگنگ کان بچي سگهو ٿا.

هن فيچر کي فعال ڪرڻ لاءِ سيٽنگز ۾ وڃي پرائيويسي تي ڪلڪ ڪريو، ان کانپوءِ ٽيگس ۽ تبصرا چونڊي انهن ماڻهن جي چونڊ ڪريو جيڪي توهان کي فالو ڪري سگهن ٿا يا نه.

لاگ ان الرٽس فعال ڪريو

توهان جي اي ميل يا فون تي موڪليل وارننگ سان گڏ شڪي لاگ ان جهڙين ڪوششن کان باخبر رهڻ لاءِ سيٽنگز ۾ وڃي سيڪيورٽي آپشن تي ڪلڪ ڪريو، هاڻي لاگ ان ايڪٽيوٽيز ۽ Unknow لاگ ان جي جاچ ڪريو، انسٽاگرام مان اي ميل ذريعي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارو فيچر ” ٽرن آن“ ڪريو.

ياد رکو ته هڪ پبلڪ پروفائيل هجڻ جو مطلب قطعي اهو ناهي ته توهان سيڪيورٽي تي سمجهوتو ڪريو، تنهنڪري انهن پنجن سيٽنگز کي فعال ڪرڻ سان توهان پنهنجي پروفائيل، مواد ۽ فالوورز کي آن لائن خطرن کان محفوظ رکندي انسٽاگرام اڪائونٽ مان لطف اندوز ٿي سگهو ٿا.