ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ واسين جي ۾محبوب اخبار روزاني پنهنجي اخبار جي ڇهين ۽ نيوز چينل ٽائيم نيوز جي پنجين سالگرهه ملهائي وئي. ان موقعي تي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا. تقريبن ۾ صحافين کانسواءِ شهرين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سٿ ايمانداري سان صحافتي فرض انجام ڏيڻ ۽ سنڌ جي اشوز تي کي ڀرپور نموني هاءِ لائيٽ ڪرڻ جو وچن ورجايو. سالگرهه جي مک تقريب پنهنجي اخبار جي هيڊ آفيس ڪراچي ۾ ٿي، جتي ٽائيم نيوز ميڊيا گروپ جي سرواڻ علي قاضي، ٽائيم نيوز جي ڊائريڪٽر نيوز اشفاق آذر، نور جوکيو، پنهنجي اخبار جي نيوز ايڊيٽر جاويد بوزدار، سارنگ خاصخيلي، سترام مهيشوري، فياض جوکيو، منصور نثار ٻرڙو، حميد سنڌو، عبدالرزاق ”عاصي“، عبداللطيف پٺاڻ، محمد حسن صديقي، ظهور بوزدار، زوهيب سومرو ، سني خاصخيلي، آفاق خاصخيلي، فيصل مـڱواڻو، سچل حسين، بلاول نثار ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. ٻئي پاسي ٽنڊوڄام پريس ڪلب اظهر علي لوچي ۽ ٽنڊوڄام پريس ڪلب جي صدر مظهر لاشاري، اعجاز ميمڻ، عرفان خشڪ، محمد خان جمالي، محسن مگسي، اياز سهتو، مير شاهنواز سميت ٻين صحافين ڪيڪ ڪٽيو، ڀٽ شاھه ۾ لطيف جي درگاھ جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ ٽائيم نيوز جي پنجين ۽ پنهنجي اخبار جي 6 ڇهين سالگرهه جي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ حيات تنيو، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ حبدار علي ميرجت، شهري اتحاد جي صدر وهاب پندراڻي، غلام رسول ڊومڪي، ايس اين پي اڳواڻ انور مغل، وشال پلياڻي، سني مالهاڻي، مولانا محمد عمر قادري، نصير احمد سيلرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪڙيوگهنور ۾ عبدالرسول سمون پاران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ، ڪوٺايل تقريب ۾عوامي جهموري پارٽي جي ڪامريڊ وشنو مل، ايس ٽي پي اڳواڻ ابوبڪر ڪڇي، ڊاڪٽر تلسي، امام بخش، سنڌ ڪولهي اتحاد جي مولچند ڪولهي، سينيئر صحافي ناز مٺو مل، ڄيٺو، آڪاش مهيشوري، عبدالرزاق مهيري، راهول ، شرڪت ڪئي.