ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) صوبائي وزير شبير بجاراڻي پريس ڪلب پھچي سينئر صحافي لياقت کوسو سان سندس ڀيڻ ۽ ٽائيم نيوز رپورٽر عمران کوسو سان پڦي جي وفات تي تعزيت ڪئي. صوبائي وزير شبير بجاراڻي صحافين سان پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ايس ايس پي سان گفتگو پڻ ڪئي.ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته صحافي منهنجا ڀائر آهن، جن جي ساٿ سان امن دشمن قوتن جو مقابلو ڪري رھيا آھيون.