لاهور(م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاران صوبي ۾ سستي بجلي ۽ سولر نظام لڳائڻ کانپوءِ پنهنجو گهر- پنهنجي ڇِت اسڪيم آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پنجاب کي ڏسي ٻين ماڻهن جون ڊوڙون لڳي ويون، پنجاب هر شيءِ ۾ قيادت ڪري رهيو آهي، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ هارين کي زمين ڏني، هاڻي هوءَ پنجاب ۾ بي گهر ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏيندي يا گهر ٺهرائڻ لاءِ آسان قسطن تي قرض ڏنو ويندو، جِن وٽ زمين جو ٽڪرو آهي، اُنهن کي وياج بنا قرض ڏنو ويندو، 15 لک روپين تائين قرض 7 سالن ۾ ادا ڪرڻو هوندو، قرض ادائگي جي قسط وڌ کان وڌ 14 هزار روپيا ماهوار رکي ويندي.