سجاول: ٻيلي تعلقي جي ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت نه هجڻ جي ڪري ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن، ان اسڪول جي عمارت 16 اپريل 1964ع ۾ تعليم ٿي هئي جيڪا 2010ع جي مهاٻوڏ ۾ تباهه ٿي وئي پر سرڪار جي نا اهلي سبب اها عمارت ٻيهر تعمير ناهي ٿي سگهي جنهن ڪري ٻارڙن جي پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي، مقامي چونڊيل نمائندن، انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي وڃي.
(علي رضا شاهه جو واٽس ايپ ميسيج)