پنهنجو آبادگار بونميل بايوڪمپوسٽ جا ڪڻڪ تي نتيجا

0
101
پنهنجو آبادگار بونميل بايوڪمپوسٽ جا ڪڻڪ تي نتيجا

 اڄ بونميل بايوڪمپوسٽ جا ڪڻڪ تي نتيجا ڏٺا سون، جتي 8 ٻوريون بونميل بايوڪمپوسٽ تر ۾  پندرنھن ڏينھن کانپوءِ ھڪ ٻوري اين پي ڪي ۽ ھڪ ٻوري يوريا وري ان جي پندرنھين ڏينھن ھڪ ٻوري يوريا، اوھان ڏسي سگھو ٿا جڏھن ته زمين ھلڪي ڪلراٺي پڻ آھي، جڏھن ڪو سائنسدان ڪا کوج ڪري ۽ تحقيقي بنيادن تي اھا کوج جڏھن آبادگارن کي استعمال ڪرائي ويندي آھي ۽ آبادگار ان مان مطمئن ھوندو آھي ته اھا ان سائنسدان جي لاءِ ڪنھن عبادت کان گھٽ ناھي، بونميل بايوڪمپوسٽ جي ريسپي جو ڪم ننڊي بنياد تي ڪري اڄ انکي آبادگارن تائين پهچائي چڪا آهيون، اڄ مان اهو چئي سگھان ٿو ته گھٽ قيمت تي ھي فاسفورس جو ھڪ بھترين سورس آھي، بيشڪ ان تحقيق کي مان انگريزي ۾ ڪنھن وڏي ڪتاب يا ميگزين ۾ ڇپرائي ڪو نه سگھيو آھيان پر اھا کوج منھنجي لاءِ فخر ۽ خوداعتمادي جي ڳالھه آھي جو اسان جو اھو آبادگار جيڪو لائبريرين جي زينت بڻيل تحقيقن تائين نٿو پھچي سگھي اھو ان کوج مان فائدو حاصل ڪري پيو، (سيد حسن راشد، سينئر سائنٽسٽ (سوائل فزيبلٽي) زرعي تحقيق سنڌ ٽنڊوڄام) فيس بوڪ وال تان ورتل