ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شامل سڪرنڊ جا شھيد

 

پاڪستان سميت دنيا ڀر ۾ ھر دور ۾ تحريڪون ھليون آهن پر پاڪستان اندر خاص ڪري سنڌ ۾ ھڪ اھڙي تحريڪ ھلي جنهن پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو. بي بي سي سميت دنيا جا ٻيا چينل، اخبارن جا صحافي ھر وقت ھن تحريڪ کي ھيڊلائنس ۾ ھلائڻ تي مجبور ٿي ويا ان تحريڪ جو نالو ايم آر ڊي ھو. ضياءُ الحق جي حڪومت جي مسلسل ظلم ۽ واعدي خلافي جي ڪري مجبور ٿي پ پ پ سميت 11 سياسي پارٽين ۽ بعد ۾ تحريڪ استقلال پارٽي سميت سڀني سياسي ليڊرن گڏجي 1981ع ۾ صدر جنرل ضياءُ الحق جي خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو. ايم آر ڊي تحريڪ جي زور شور کي ختم ڪرڻ لاءِ جنرل ضياءُ الحق نواز شريف کي اڳتي آندو ۽ کيس ناڻي کاتي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو. آھستي آھستي اھا تحريڪ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وئي، پر ايم آر ڊي تحريڪ جي باقاعدا شروعات 1983ع کان ٿي جنهن وقت شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت کي چار سال مس گذريا هئا. ماڻهن جي دل دماغ ۾ جنرل ضياءُ خلاف غم غصو ۽ نفرت وڌندي وئي. ھن تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي جنرل ضياءُ بينظير ڀٽو ۽ ان جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو سميت اھم اڳواڻن کي نظربند ڪري ڇڏيو ته جيئن تحريڪ نه ھلي سگهي ۽ ناڪام ٿي وڃي پر بينظير ڀٽو صاحبه بنا ڪنهن خوف جي نظربندي جي دوران عوام ڏانهن کليل خط لکيا ته ھو فوجي آمر ڊڪٽيٽر خلاف اٿي کڙا ٿين ۽ پنهنجي جدوجهد کي اڃا تيز ڪن. انھي وقت سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌين خاص ڪري پ پ پ جي جيالن ورڪرن پاڻ ملھايو. سنڌ ۾ سڀ کان اڳ نوشھرو فيروز ۾ ضياءُ جي آمريت خلاف ٿيندڙ جلوسن احتجاجي مظاهرن جي قيادت غلام مرتضيٰ خان ۽ غلام مجتبيٰ خان جتوئي ڪئي. آگسٽ 1983ع ۾ نواب شاھ شھر ۾ تحريڪ جي چڻنگ ٻري جتي ضياءُ جي حمايتي پوليس انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندي ڪيترن ئي نوجوانن کي موت جي ننڍ سمھاري ڇڏيو. 12 سيپٽمبر 1983ع تي خيرپور ناٿن شاھ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي دوران فوجي حڪومت 9 نوجوانن کي گولين جو کاڄ بڻائي شھيد ڪيو. ان ۾ ڪافي ماڻهن کي گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر موڪليو ويو. ظالم فوجي حڪمرانن طرفان اھو ظلم بند ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي، ھر اچڻ واري ڏينهن سنڌ ۾ فوجي ڊڪٽيٽر جا ظلم ۽ ان جي ونگار ۾ ھلندڙ فوج ۽ پوليس وارن طرفان ھر شھر ۾ ماڻهو مارڻ جو سلسلو جاري ھو. 29 سيپٽمبر 1983ع جي ڏھاڙي کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي جنهن عالم انسانيت کي لوڏي ڇڏيو ھو. جڏهن ھر ڪوئي ضياءُ الحق جي ظالم حڪمراني کان پنهنجي جان بچائڻ ۽ لڪڻ ۾ پورو ھو. ان وقت سڪرنڊ  ڀرسان ڳوٺ پنھل خان چانڊيو وٽ نيشنل ھاءِ وي تي ڳوٺاڻا پاڪ پروردگار جي پاڪ ڪلام جي تلاوت ڪري رھيا ھئا ته مٿن ظالم حڪمرانن حملو ڪري 14 ڪونڌر جھڙن جوانن کي گوليون ھڻي شھيد ڪيو. جنهن ۾ ڳوٺ پنھل خان چانڊيو جا رھواسي ٺارو خان چانڊيو، محمد صديق، محمد عرس، گلاب، علي شير چانڊيو، ميرو خاصخيلي، جانب، محمد ھاشم خاصخيلي، محبوب، الھ رکيو سولنگي، حسين بخش مڱڻھار ۽ امام بخش لاکو شھيد ٿيا ۽ بعد ۾ انهن جي لاشن جي بيحرمتي ڪندي گاڏين ۾ ھڪ ٻئي جي مٿان لاش اڇلائيندا ويا. باقي رھيل ماڻهن مان رئيس پنھل خان چانڊيو، حاجي الھه بخش لاکو، استاد محمد دين چانڊيو، طالب حسين ۽ سانوڻ چانڊيو سميت ڪافي ماڻهن کي گرفتار ڪري سکر جيل منتقل ڪيو ويو. آگسٽ 1983ع ۾ ضلع نواب شاھ ڀرسان منھڙو شھر ۾ فوج جي فائرنگ ۾ ھڪ ڳڀرو نوجوان شھادت جو جام پيتو. ان کان پوءِ جيڪب آباد ۽ دادو شھر مان پرامن جلوس نڪتا جنهن ۾ ڪافي ماڻهن کي شھيد ڪيو ويو ھو. ايم آر ڊي تحريڪ مسلسل چار سال ھلي جنهن جو گهڻي مان گهڻو زور صرف ھڪ صوبي سنڌ ۾ ھو، جنهن ۾ پ پ پ جا جانباز جيالا شھيد ٿيا ۽ لکين جيالن ورڪرن کي ضياءُ الحق جي آمريت کي للڪارڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪري مختلف جيلن ۾ موڪليو ويو، جيڪي ڪافي ڏينهن تائين جيل جون سختيون صعوبتون برداشت ڪندي آھستي آھستي آزاد ٿيندا ويا. آگسٽ 1984ع ۾ پ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير ڀٽو جي ويجهي ساٿي غلام مصطفيٰ جتوئي فوج جي دٻاءُ ۾ اچي اعلان ڪيو ته ايم آر ڊي تحريڪ کي ختم ڪيو ٿو وڃي، جيڪا بعد ۾ مڪمل طرح ختم ٿي وئي. ھن تحريڪ ۾ سرگرم رھندڙ ضلعي دادو کي ويٽنام جو لقب ڏنو ويو پر افسوس جو ھن تحريڪ ۽ ان ۾ شامل ٿيندڙ ھزارين شھيدن کي پ پ پ ۽ سنڌ حڪومت وساري ڇڏيو آهي. سنڌ سطح تي شھيدن جي لاءِ ڪا به يادگار نه جوڙائي انهن شھيدن جي خون سان ناانصافي ڪئي وئي آهي جو ان واقعي کي 41 سال گذري وڃڻ باوجود انهن شھيدن زخمين جا وارث اڄ به بک، بيروزگاري، بدحالي، مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. انهن شھيدن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ھر سال صرف ڳوٺ پنھل خان چانڊيو ۾ پ پ پ جي موجوده ايم پي اي شھيدن جي سرواڻ غلام قادر خان چانڊيو طرفان ضلعي سطح تي ورسي ملھائي ويندي آهي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ انهن شھيدن جي شھادت جو ڏھاڙو خاموشي سان گذري ويندو آهي. آخر ۾ پ پ پ جي ليڊرشپ ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪجي ٿو ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيڪي پ پ پ جا سپاھي زخمي ۽ شھيد ٿيا انهن جي وارثن جي پرگھور لڌي وڃي ۽ انهن شھيدن جي نالي تي سنڌ سطح تي ڪي يادگار جوڙايون وڃن ته جيئن ايندڙ نسل انهن شھيدن جي عظيم قربانين کي ياد ڪري سگهجي ڪٿي ائين نه ٿئي جو مستقبل جا نوجوان انهن شھيدن جي سڃاڻپ کان محروم ٿي وڃن.

 

مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ

 

استاد اھڙو جنھن جي شوق جو ڪو ملھه ناھي

 

ھر ھڪ ماڻھو گذر سفر جي لاءِ ھنر، محنت ۽ پنھنجي ڪاريگريءَ سان لڳاءُ رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته اھا ئي ھنن جي روزي آھي اھو ئي ھنن جو پورھيو آھي. پر ھن سنڌوءَ جي ڀوميءَ تي اھڙي ڪاريگر ھنرمند جو جنم ٿيو، جيڪو کٽ جو ڪاريگر نه پر کٽ واڻڻ جو عاشق آھي. جڏھن ماڻھو کي ڪنھن شيءِ سان عشق لڳي ويندو آھي، ته ھن کان دنيا جي چاھت مري ويندي آھي. ھن جي محبت، چاھت ۽ سڀ ڪجھه عشق ئي ھوندو آھي. يقينن! اھڙي طرح کٽن واڻڻ جو بادشاھ ڪاريگر استاد محمد حسين ملاح آھي، جنھن جو کٽن واڻڻ سان ايترو عشق آھي، جنھن جي ڪا انتھا ۽ حد ناھي. گھڻو ڪري ڏٺو ويو آھي، ته ھو گھوٽن جون کٽون مفت ۾ واڻيندو آھي. ايستائين جو اھا کٽ ڀلي ھفتو کائي پر پنھنجي شوق سان مفت ۾ واڻيندو آھي. ھو عام کٽون، رليءَ جي نقشن تي کٽون، نوٽڙي نون سارين سان، چوپڙ ۽ ٻيا ڪيترائي نمونا ٺاھڻ جو ماھر آھي. کٽ واڻڻ جي لاءِ واڻ پاڻ وڃي پنھنجي پسند جو وٺندو آھي. چاليھه دروازا، مومل جي ماڙي جي نموني تي چاھي ٿو ته سنڌ جو ڪو ڪاريگر ٺاھي ڏيکاري ته کيس سلام ڪندس. هو عورت کي پنھنجو استاد سمجھي ٿو. جيڪا رلي ٺاھي ٿي ۽ ڀرت ڀري ٿي. اھا ئي کين کٽ جي نقشي ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي. وڏي ڳالههه ته اھا آھي، جو پاڻ غير شادي شده آھي ۽ سندس اڪثر شاگرد به اڃا تائين غير شادي شده آھن. استاد محمد حسين ملاح 1955ع ۾ ضلعي شھيد بينظير آباد (نواب شاھ)، تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ ڇتن شاھ ۾ جنم ورتو. سندس واڻيل کٽ تي ڪنھن جو ويھڻ ته ڇا پر ھٿ، پير رکڻ به پسند ناھي ڪندو. وري ڪاوڙ جو به ايترو تکو ۽ تيز آھي، جو ڪنھن شخص سندس واڻيل کٽ تي پير رکيو ته ان جو پير ائين محسوس ڪندو آھي، ڄڻ سندس ڇاتيءَ تي پير رکيو آھي. پوءِ اھا کٽ اتي ئي ڇڏي ھليو ويندو آھي. سندس اڌ ۾ ڇڏيل واڻيل کٽ کي ٻيو ڪو ڪاريگر ٺيڪ نه ڪري سگھندو. الله تعاليٰ ھن کي کٽن جي عشق جي ڪري کٽن واڻڻ جي انگ انگ جي خبر ڏني آھي. مارچ 2024 جي ڳالهه آھي ته استاد محمد ملاح اسماعيل ٽانوري جي اوطاق تي گلن واري ماربل جو نقشو ڏٺو، جيڪو پاڻ ڪجھه ڏينھن ۾ ڳوٺ سونو ڏاھريءَ ۾ سومر موچيءَ جي کٽ تي نقشو تيار ڪري، سانوڻ راڄپر کي ٻڌايو ته مان ھي ماربل جو نقشو ڏسي آيو ھيس ۽ اھو ئي نقشو کٽ کي ڏنو اٿم. توھان ھُن کي ڪو به نقشو ٺاھڻ جو چئو، استاد پنھنجي پوري ڪوشش ڪري ان نقشي کي ٺاھي ڏيکاريندو.

استاد محمد حسين ملاح آھي، ته بادشاھ ڪاريگر پر سندس هنر جو ڪو قدر ناهي ٿيو. ان جو سبب اهو ئي آھي ته ھن جي طبيعت فقيراڻي، ويس ليڙون ليڙون ٿيل ۽ غربت جي لڪير ۾ ھجڻ جي ڪري کيس اھا مڃتا ناھي ملي سگھي، جنھن جو ھو حقدار آھي. کيس مختلف علائقن جا کٽن جا شوقين ڳوليندا رھندا آھن. پر استاد جي خوبي اها آھي، جو کٽ ڀلي کڻي امير ھجي يا غريب جي واڻـڻِي شوق سان آھي. جڏھن هن کان نالي جو پڇندا آھيون ته چوندو آھي، مون کي پنھنجي نالي تي ناز آھي سھڻي محمد ۽ سھڻي حسين ٻنھي جو ۽ ان جي آل جو نوڪر آھيان. استاد جي مطابق کٽن واڻڻ ۾ تاني جي چوڪڙين ۾ چوڏھين ۽ سورھين جو کوڙو پاڻ ۾ نه ٿو ڀچي. ان جي ڪري اھي ٻئي ڏکيا کوڙا آھن. پاڻ ھڪ ڳالهه ھر ھر ورجائيندو رھندو آھي “ھنر بادشاه آھي، علم وزير، اتم کيتي، نيچ نوڪري، وڌندڙ واپار”. آھي پٽي پڙھيل پر سندس ڳالهيون ڪنھن ڏاھي کان گھٽ ناھن!. چوي ٿو ته پڙھيل اڻپڙھيل کي عقل ۾ ماريندو آھي. ايوب جي بادشاھيءَ ۾ پٽي پڙھيس. جنرل ايوب جي بادشاھيءَ ۾ تعليم تي ايترو زور ھو جو استاد شاگردن کي گھلي اسڪول ۾ آڻيندا ھئا، نه ته شاگردن جا والدين جيل ۾ ھوندا ھئا. وڏو امن امان ھو. ھر شاگرد کان ھي سوال ڪندو آھي ته رپئي ۾ اٺ آنا، چوانيون، ٻيانيون، آنا، ٽڪا، پيسا گھڻا آھن. کيس کٽن واڻيندي پنجويهن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آھي. عمر جي لحاظ کان ھاڻي استاد جي طبيعت ٺيڪ گھٽ رھندي آھي، تنھن جي باوجود به چوي ٿو ته ھنر بادشاه آھي ۽ ھنر واري ماڻھو جي دنيا محتاج ھوندي آھي. اسان کي گھرجي ته اھڙن ماڻھن جو قدر ڪيون. اھڙن وٽان ھنر سکون. اھڙن جي ٽيلنٽ کي اڳتي آڻيون. اھڙن مان ئي سنڌ جي ثقافت جي سونھن ايندي آھي.

 

طارق راڄپر/ سڪرنڊ

 

اسلام جي آڙ ۾ وحشت جي علامت

 

اسان جو پيارو دين اسلام ساري سنسار لاءِ سلامتي جي ضمانت ڏيندڙ مذ ھب آھي . اسلام دين جو باني اسان جو پيارو پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جو ھر عمل نه رڳو مسلمانن، بلڪ پوري انسانيت جي ڀلائي بھتري ڪاميابي ڪامراني جو واضح دليل آھي. پاڻ کليل لفظن ۾ فرمايائون ته ڪنھن جو ناحق قتل پوري انسانيت کي قتل ڪرڻ جھڙو سنگين ڏوھ آھي . سائين ته حيوانن پکي پرندن جبل ندين وڻ ٽڻ ٻوٽن ساري زمين پوري ڪائنات سان پيار سيکاريو . سائين جن رب پاڪ جا سچا رسول، نبي آخر الزمان ھئا. محبتن جا امين ظالمن کان باغي مظلومن جي لاءِ مسيحا ھئا درگذر ۽ معاف ڪرڻ جا صاحب ھئا. رستن تي ڪنڊا وڇائيندڙن کان به حال پڇڻ ويندا ھئا. پٿر ھڻي پاڪ جسم مان ناحق خون وھائيندڙن کي به دعائون ڏيندا ھئا. پاڻ بيواھن يتيمن بيمارن لاچارن جا ڀرجھلا ھئا. پاڻ پنھنجي دفاع لاءِ وڙھي ويندڙ ستاويھ جنگين جي اڳواڻي ڪيائون ۽ جنگ جو اصول ترتيب ڏنائون ته جيڪو اوھان تي ھٿيار سڌو نه ڪري ان تي حملو ناھي ڪرڻو. ميدان جنگ ۾ ڪنھن به عورت پوڙھي ننڍي ٻار بيمار زخمي ۽ امان گھرن واري کي ناھي مارڻو. ھٿيار ڦٽا ڪرڻ واري سان سٺو سلوڪ ڪرڻو آھي . پنھنجي سلطنت ۾ تمام اقليتن جي حفاظت ڪرڻي آھي. زوري مذھب تبديل ناھي ڪرائڻو. دين ۾ زبردستي ڪونھي. ھر انسان سان حسن سلوڪ قائم رکڻو آھي. منھنجي سائين ته انھن کي به معاف ڪيو جن سندن پياري چاچي حضرت امير حمزه کي شھيد ڪري دل جگر چٻاڙيو ھو. سائين جن جي اھڙي در گذر واري روش پيار پريت ۽ محبتون قائم ڪرڻ واري عمل کان متاثر ٿي ڪري پٿر دليون به ميڻ جيان پگھرجي ويون. منھنجو سائين ٻنھي جھانن جو سردار ھو هن جھڙو نه اڳ ڪو ڄائو نه وري ڪائي ماءُ اھڙو لال ڄڻيندي. پر افسوس جو اسان مسلمانن جي اڪثريت سائين جن جي ڏسيل واٽ تان ھٽي ڪري پنھنجي ٺاھيل نون دڳ پيچرن تي پنڌ پئي ڪري . ويھه واٽون وٺي به سائين جن سان دوستي جو دم ڀرين پيا، عاشق رسول ھجڻ جا دعويدار آھن. ھو جيڪي اڪيلي مذھب اسلام کان توھين ڏور پنھنجون نيون تحريڪون جماعتون ٺاھي الڳ الڳ نسبتون جوڙي پنھنجا نعرا نظريا خيال ارادا قائم ڪري پنھنجي ٽوپين پٽڪن جھنڊن جا نوان رنگ نکاري ٽيھتر فرقن ۾ ورھائجي ويا آھن. جيڪي پنھنجي ضد انا جھالت سبب اصلي اسلامي شريعت جو رت چوسي رھيا آھن. ھو سڀ ڪوڙو دوستي جو دم ڀري سائين جن جي سنت، سائين جن جي طرز زندگي اپنائڻ کان ڪوھين ڏور وڃي وڏا لشڪر جوڙي انسانيت جي لاءِ ڏاڍ ڏمر ڏھڪاءُ ۽ ڀوائتا بڻجي پيا آھن. رڳو شھرت جي بک مال ميڙڻ جو  نشو نھوڙي ويو آھي جو آخرت جو اونو وساري ويٺا آھن جو سادن سودن ماڻھن کي پنھنجي حقانيت ڪاني ڪرامت جا ڪوڙا خواب ڏيکاري لٽي ڦري لکڻ ڪروڙن اربن جا مالڪ بڻجي قارون کان به ڪيئي قدم اڳيان ھليا ويا آھن. ھنن ڪيترن ئي سادن سودن ماڻھن کي پاڻ سان ملائي ورتو آهي وڏي ڳالهه ته اھي عملدار جيڪي ڪاري وردي جي آڙ ۾ انسانيت سان ظلم ڪري رشوت عيوض مظلومن جا خون لوڙھي ھر رھزن قاتل سان ياريون نڀائيندڙ پنھنجي تمام پاپن کي ڌوئڻ لاءِ سندن ساٿاري بڻجي ويا ھنن ڊاڪٽر شاھنوازڪنڀر کي گرفتار ڪري ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو . ايڏي وڏي قھر بعد به وحشين جو پيٽ نه ڀريو ۽ انھن سندس لاش جو پيچو ڪيو ۽ ڳوٺ جي قبرستانن تي قبضو ڪري ويٺا. سندس والد کان لاش ڦري ساڙيائون ھڪ مسلمان سان ايترو انياءُ ڪيائون. ھاڻي گھڻو ٿيو پاڻ سنڌ کي ڪوفو ڪابل يا قنڌار بڻجڻ ڪونه ڏينداسون . ھاڻي منظم طريقي سان اوھان جي ھر وستي واھڻ گھٽي ۽ گھر ۾ رستا روڪ ٿيندي. مان سنڌ جي جوڌن جنگ جوان ڌرتي ماءُ جي غيرت مند ۽ سچن سپوتن کي دعوت ڏيندس ھي وطن اسان جو آھي هن جا وارث اسان آھيون. ھي لشڪرين کي ھشي ڏئي سنڌ کي تباھ ڪرڻ گھرن ٿا. پاڻ کي گڏجي سندن رستا روڪ ڪرڻي پوندي. ھي جنگ مانجھي فقير، ادي خوشبو لغاري ۽ سنڌونواز گهانگھرو جي ڪونھي، سڀني سنڌين جي آھي. آخر ۾ آئون سنڌ حڪومت خاص ڪري گھرو وزير کان مطالبو ڪندس ته ھن واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي ڊاڪٽر جي قتل ۾ ملوث پوليس عملدارن ۽ وحشت جو ماحول جوڙيندڙن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري سخت کان سخت سزائون ڏياريون وڃن ته جيئن لطيف سرڪار جي نگري سنڌ ۾ جنم وٺندڙ شدت پسندي جو ڪنڌ مروڙي سگھجي.

 

حافظ ممتاز علي لنجواڻي