قصو ملڪي سياست جو، مولانا کان مراد علي شاھ تائين!

 

(حصو ٻيون)

 

ايتري قدر جو آصف زرداري صدر پاڪستان سان گڏوگڏ سپريم ڪمانڊر جي حيثيت رکي ٿو ۽ جڏهن سندس ايوان صدر واري سگھ ۽ سندس سياسي سگھ سميت بندوق ٻنهي هٿن سان مولانا صاحب کي هٿ ۾ ڏني وڃي ته پوءِ اهو مولانا فضل الرحمان جنهنجي جماعت جو اهم نقطو عدم تشدد جي سياست آھي ته هو اڳتي بجاءِ ڪنهن تشدد ۽ انارڪيءَ واري سياست جي هو سياسي استحڪام واري سياست طرف جهڪاءُ کائيندو. لازمي آھي ته ان جو مظاهرو مولانا صاحب گذريل ڏينهن سٺي طريقي سان ڪيو ته (فارم 47 ھجي يا 45، اھا ئي حڪومت آھي ڪم ان کان وٺڻو پوندو). ان وچ ۾ تيزيءَ سان جيڪي سياسي اڳڀرائي ٿيندي نظر اچي رهي آھي سا پڻ بجاءِ سنڌ ۾ وزيراعليٰ جي تبديليءَ جي بلوچستان حڪومت ۽ ڪي پي ڪي حڪومت جو بحران ٿيندي نظر اچي رهيو آھي. بلوچستان جي رتوڇاڻ يا قتلام عام کان پوءِ بلوچستان جي وڏي وزير جي اسلام آباد ياترا ۽ واپسي تي ڏوراپن وارا سندس بيان ٻڌائن ٿا ته هو اڄ نه سڀاڻي جو مهمان آھي. اقتداري حلقن جي ويجهو رهندڙ ذريعن جو چوڻ آھي ته قومپرست اڳواڻ سردار اختر مينگل جي استعيفيٰٰ به ڪنهن سياسي ڳجھ کان خالي ناهي. سندس استعيفيٰ جي پويان بلوچستان جي گورنري يا اڳتي هلي وڏ وزارت ڪڻي ۾ نڪري سگهي ٿي. اهڙي نموني محمود خان اچڪزئي ۽ مولانا وچ ۾ رابطي ۾ رهندڙ سردار اختر مينگل ايترو سياسي اٻوجھ ناهي جو هو پنهنجي عوام جي مليل مينڊيٽ کي استعيفيٰ حوالي ڪري. صدر آصف علي زرداري جي ڏنل بندوق واري تحفي جي سياسي حڪمتي عملي جي نتيجي ۾ مولانا صاحب، محمود اچڪزئي ۽ سردار مينگل کي هڪ پيج تي آڻي بيهاريو آھي. ان سموري جڙندڙ سياسي صورتحال ۾ سياسي ۽ اقتداري نقصان سمجھ ۾ اهو پيو اچي ته اقتداري نقصان نواز ليگ جو ٿيندو ۽ سياسي طور تي ڪمزور پي ٽي آءِ ٿيندي. انهن سڀني خيالن کان پوءِ به اڳتي هلي ڪجھ به ٿي سگهي ٿو. ڇو ته سياڻا چون ٿا ته سياست ممڪنات واري راند آھي. اهڙيءَ طرح سياسي شطرنج واري راند ۾ ڪڏهن ڪڏهن آصف علي زرداري جيڪو گهاٽي جو سياسي سودو ڪري به فائدو کڻندو آھي کي سو سياسي سوڀ سان گڏ اقتداري سوڀ ڪجھ عرصي لاءِ برقرار رکي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي. اهڙي نموني ۾ جيڪڏهن مولانا مرڪزي حڪومت ڏي وڌيڪ جهڪاءُ رکي سياسي ۽ پارلياماني واسطا وڌائي ٿو ته سندس پارٽيءَ کي وفاق ۾ 2 وزارتون ۽ ڪي پي ڪي جي گورنر شپ ملي سگهي ٿي. سياسي حلقن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسندڙ حلقن جو خيال آھي ته سنڌ جي سياست تي مفاهمتي بنيادن تي سياسي راند کيڏندڙ آصف علي زرداري پنهنجي نئين سياسي مفاهمتي فارمولي سان وقتي طور سنڌ ۾ ٿيل پارٽي اندر ۽ سنڌ حڪومت اندر بغاوت کي روڪڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. مولانا فضل الرحمان جي پارلياماني سياست ۽ مراد علي شاھ جي اقتداري سياست جا انگ اکر ئي پنهنجا آھنم جن کي سمجهڻ لاءِ بقول سينيئر سياستدان جاويد هاشمي جي ته پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي. آصف علي خان زرداريءَ جي سياسي ۽ اقتداري چونڊ ڪنهن وڏي حڪمت کان خالي ناهي هوندي. سا ڪيتري هلي ٿي سو ته مستقبل جو سوال آھي ۽ ايندڙ وقت ئي ثابت ڪندو پر سنڌ ۾ وڏ وزارت جي ڪرسيءَ تي ٽيون ڀيرو سيد مراد علي شاھ جي چونڊ ڪرڻ سندس سياسي ڏاهپ جي نشاني ٿي سگهي ٿي پر سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪرشپ تي ڪنڌرا صالح پٽ تڪ تان هيٽڪ ڪندي چونڊجي آيل نوجوان عوامي نمائندي سيد مراد علي شاھ جيان انجنيئر سيد اويس قادر شاهه جي چونڊ به مفاهمتي سياست نه پر نج سياسي ڏاهپ جو ڏس ڏئي ٿي. هن وقت سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي لاڳيتو چوٿون ڀيرو حڪومت هلي رهي آھي، جنهن جي خزاني جون لاڳيتو واڳون موجوده وڏي وزير انجنيئر مراد علي شاھ حوالي آھنم هن وقت صوبائي کاتن ۽ صوبائي معاملن تي پڪڙ رکندڙ مراد علي شاھ کي هٽائڻ بابت چوٻول آھن ۽  اطلاعن موجب اهو ايئن قطعي ڪونهي ته ڪو مراد علي شاھ کي هٽائن ٿا، ها باقي جيڪڏهن ڪا اڻٽر سياسي صورتحال ٿئي ٿي ته پوءِ سياسي حڪمتي عمليءَ موجب ڪا تبديلي آڻي سگهن ٿا، باقي هن وقت سيد مراد علي شاھ ڀلي ڪنهن گادي نشين جيان پير مير يا گادي نشين ڪونه آھي پر سندس جي سياسي انٽيليجنشيا هن کي مضبوط ڪيون اچي پئي. اهڙي نموني جيڪڏهن صفا پيپلز پارٽي قيادت کي ڪا مجبوري ٿي ته پوءِ نثار احمد کهوڙو جهڙو سينيئر اڳواڻ ۽ نوجوانن ۾ سرگرم عوامي نمائيندو موجوده اسپيڪر انجنيئر سيد اويس قادر شاھ پري ناهي. ان سموري صورتحال ۾ ملڪ جي سياسي ۽ اقتداري رمزن کي نظر ۾ رکي وقت اچڻ تي ڳالهيون سامهون اچي سگهن ٿيون.

 

رحمت الله ٻرڙو/ ڪراچي

 

دادو واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪرايو!

 

تازين برساتن کان پوءِ واھي پانڌي جو جوھي-دادو ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن سان ملائيندڙ روڊ هن وقت تائين کنڊر بڻيل آهي، انهن ڳوٺن ۾ دودو خان لغاري، فتح محمد بروهي، ڄام ٻٻر، ماڻا خان جوساڻي، سيوو جمالي، پريو جمالي، علي بخش لغاري، بکر جمالي، صاحب خان لغاري، بخشل رستماڻي ۽ کيرٿر بلوچستان جي حدن سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي سفري سھولتون ڏيندڙ روڊ ۾ هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آهن ۽ روڊ مڪمل تباھ آهي. شھر طرف ايندڙ ويندڙ ماڻھو وڏين تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن. 20، 25 منٽن واري سفر ۾ ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. ڪاڇي جي ڳوٺ ۾ ايمرجنسي ۾ مريضن کي اسپتال کڻي وڃڻ دوران روڊ جي حالت خراب هجڻ ڪري ڳوٺاڻا وقت سر اسپتال نٿا پهچي سگهن ۽ مريض رستي ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا. برساتي موسم ۾ ھتان جا رھواسي ٻٽي عذاب ۾ اچي وڃن ٿا. روڊ تي گپ گاري ۽ کڏن سبب گاڏي ته ڇا ماڻهو پنڌ به نٿا هلي سگھن. اسڪول ويندڙ شاگرد پڻ وڏين تڪليفن کي منھن ڏين ٿا.

 

امتياز احمد لغاري/ يوسي واھي پانڌي

 

06 سيپٽمبر يوم دفاع جي پروگرام جو اکين ڏٺو حال احوال!

 

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سرائي پيارو خان ۾ 06 سيپٽمبر يوم دفاع جو ڏهاڙو ملهايو ويو، پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، تلاوت جو شرف عبدالحفيظ منڱريو حاصل ڪيو، تلاوت کان پوءِ نعت رسول مقبول ﷺ جو شرف قاصر نواز ڳاھي حاصل ڪيو. ڪاليج جي شاگردن ھن ڏينھن جي مناسبت سان پنھنجون پنھنجون تقريرون پيش ڪيون. يارھين ڪلاس جي شاگرد اسد علي منڱريو يوم دفاع جي حوالي سان پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اڄ جي ڏينھن يعني 06 سيپٽمبر 1965 عيسوي تي اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت رات جي اونداھيءَ ۾ اسان جي ملڪ تي حملو ڪيو پر ان حملي کي اسان جي ملڪ جي جانباز فوجي جوانن ناڪام بڻايو ۽ دشمنن کي شڪست ڏني. ٻارھين ڪلاس جي شاگرد احد حسين چاڪراڻي 06 سيپٽمبر يوم دفاع بابت پنھنجي تقرير ۾ چيو ته 1965 عيسوي جي جنگ ۾ ميجر جنرل عبدالعزيز ڀٽي سميت ٻين فوجي جوانن جي جي قربانين کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي، جن لاڳيتو 06 ڏينھن ۽ 06 راتيون دشمنن سان وڙھندا رھيا ۽ نيٺ شھادت ماڻيائيون. يارھين ڪلاس جي شاگرد قاصر نواز ڳاھو پنھنجي تقرير ۾ چيو ته وطن جي محبت ايمان جو جزو آھي. 06 سيپٽمبر يوم دفاع لاءِ اسان جي ھيروز جون ڏنل قربانين تي اسان کي ناز آھي. پروفيسر عبدالستار کوکر يوم دفاع جي پروگرام جي مناسبت سان پنھنجي تقرير ۾ چيو ته پاڪستاني قوم شروع کان وٺي متحد آھي ۽ انشاءُالله متحد رھندي، پاڪستاني عوام ۽ فوج 1965 عيسوي واري جنگ ڀارت کان کٽي اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسين چاھي ڀارت کان آباديءَ جي حساب سان، ھٿيارن جي حساب سان گھٽ ڇو نه ھجو پر اسان جي ملڪ جي عوام ۽ پاڪ فوج جا جذبا مضبوط آھن. يوم دفاع جي پروگرام ۾ گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور جي پروفيسر عبدالحميد سھتي صاحب خصوصي شرڪت ڪئي. يوم دفاع جي پروگرام ۾ ڪاليج جي ٻين پروفيسرن فرحت عباس سھاڳ، پروفيسر سجاول حسين ڳاھو، پروفيسر حسن وساڻ، پروفيسر عمر الدين ڀيلار، پروفيسر احسان ملاح، پروفيسر نثار احمد ٺيٻو ۽ ٻين پنھنجي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو آخر ۾ ڪاليج جي پرنسيپال پروفيسر محمد نواز مھر يوم دفاع جي حوالي سان پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اسين وچن ٿا ڪريون جيسيتائين اسان جي سسيءَ ۾ ساھ ھوندو تيسيتائين اسان جي ملڪ ڏانھن جي ڪو ميري اک سان ڏسندو ته سندس اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان زندہ باد پاڪ فوج زنده باد جا استادن ۽ شاگردن نعرا لڳايا.

 

ستار سنڌي/ ڪنب

 

پنهنجي نظرياتي ورڪرن جي سار لهو!

 

پاڪستان پيپلزپارٽي خاص طور ٽنڊوالھيار جي تنظيمي فيڪٽري ۾ ڪيترن تيار ٿيل وفادار ورڪرن ۽ بھادر ڪارڪنن جي ھمت افزائي ڪندي کين بغير ڪنھن اوچ نيچ جي عھدا ڏيڻ جي ضرورت سمجھي وڃي ٿي. ھاڻ ڪارڪن به پنهنجي وفاداري ۽ لاڳيتو وابستگين جي کين عھدا ڏيڻ جون خواھشون ڪرڻ لڳا آھن، جيڪي پارٽي جي سگھ خاطر ۽ گروپ بندي کان ھٽي جائز حق رکن ٿيون. اميد آهي ته مقامي قيادت پ پ ڪارڪنن جي سينيارٽي ۽ وفاداري کي ڏسندي ضلعي توڙي سٽي جي باڊي لاءِ ورڪرن کي عھدا ڏئي سندن قدر داني ڪئي ويندي.

 

منظور ڪالرو/ ٽنڊوالھيار

 

پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي اهميت!

 

پاڪستان ۾ زراعت ملڪي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ملڪ جي وڏي آبادي زراعت تي دارومدار ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اها ماهر ۽ غير ماهر مزدورن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري ٿي. ان سان گڏ، زراعت ملڪ جي اقتصادي استحڪام جي ڪرنگھي جي هڏي به آهي، جنهن سان چانور، ڪپهه، ميون ۽ ڀاڄين جهڙين زرعي پيداوار جي برآمدات ۾ اضافو ٿئي ٿو. زراعت بک ۽ غذائي قلت کوٽ ڪرڻ ۽ ماڻهن لاءِ خوراڪ جي معقول مقدار ۽ متوازن غذا کي يقيني بڻائي ٿي. ان کان سواءِ، زراعت سرحد پار واپار ذريعي علائقائي سهڪار ۽ اتحاد ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اها قابل تجديد توانائي جو ذريعو آهي ۽ تحقيق ۽ ترقي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي. ان کان سواءِ اهو حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ سياحت جي واڌاري ۾ مددگار ثابت ٿئي پئي. زراعت هڪ ثقافتي ورثي جي علامت آهي، تنهن ڪري، پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ نھايت ڌيان ۽ اثرائتي پاليسين تي عمل جو هجڻ لازمي آهي.

 

سٻاجهي/ نوشھرو فيروز

 

لغڙن سان ٿيندڙ معصومن جو قتلام بند ڪرايو!

 

(حصو پهريون)

 

اولاد رب العالمين جي ڏنل عظيم نعمتن مان ھڪ نعمت آھي ۽ سندن جي سٺي پرورش ڪرڻ والدين جي اھم ذميواري آھي. جڏھن ماءُ کي ٻار جو اولاد پيدا ٿيندو آھي ته ھو پنھنجي ور سان گڏ وچن ڪندي آھي ته ھن کي ڳاڙھو گھوٽ ڪنداسين، سندس کي موڙ ٻڌي ھٿن تي محبت جي مھندي ھڻنداسين. سندس جي خواھشن جي تڪميل لاءِ پاڻ کي بکيو رکي به سندس کي سکيو رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وري جڏھن انھن کي نياڻيءَ جھڙي نعمت رحمت جھڙو اولاد ٿيندو آھي ته ھن جي ڄمڻ جي ڏينھنءَ کان وٺي سندس جي ڏاج گڏ ڪرڻ جي لاءِ پورھيو ڪري رپيو رپيو گڏ ڪندا آھن. جيڪڏھن اھو ئي سندن جو اولاد ماءُ کي پيري پئين گھر کان ٻاھر نڪري ۽ گھر واپس نه اچي ته ماءُ جو ساھ سسيءَ ۾ اٽڪيل ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن ھميشه لاءِ ئي نه موٽي ته پوءِ ته انھن جي لاءِ جيئري ئي دوزخ جھڙو منظر ھوندو آھي. سندن جو خوشيون، خواهشون، خواب اڌورا اڌورا رھجي ويندا آھن. ساڳيءَ طرح اھڙا واقعا پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ فيبروريءَ جي مھيني کان وٺي مارچ جي مهيني ۾ ٿيندڙ لغڙن جي اڏام جي ڪري ٿيندا آھن، جن جو اثر سنڌ جي جوانن تي پڻ ٿيو آھي. ڪيترائي جوان، ننڍڙا ٻار لغڙن جي اڏام جي ڪري موت جو سبب بڻيا آھن. لغڙن جو تھوار خوشيءَ جو تھوار نه پر موت جو راڪاس ۽ موت جو پيغام آھي. جنھن جي ڪري مائرن جو اولاد موت جي منھن ۾ ھلي ويندو آھي ۽ سندن جا ڏٺل ۽ سوچيل خيال ۽ خواب چڪناچور ٿي ويندا آھن. لغڙن جي اڏام والدين کي ڏکن جو سواءِ ڪو سک ناھي ڏنو. موت کان سواءِ ٻيا ڪيترائي دردناڪ ۽ خوفناڪ واقعا اسان جي نظرن جي سامھون آھن پر افسوس ڪرڻ بدران اسان ڪجھ به نه ڪري سگھيا آھيون، اڄ ڪلهه جي دور ۾ ته لغڙن جي اڏام ھڪ فيشن ۽ ٽرينڊ بڻجي ويو آھي ۽ روڊن، گھٽين، گلين، پاڙن، گھرن ۽ ھجوم ۾ لغڙ اڏائڻ ثواب جو ڪم بڻجي ويو آھي. حڪومت جيئن ٻين ڪمن تي نوٽيس وٺندي آھي پر ايڪشن ناھي کڻندي، ھن معاملي سان به ساڳي حالت آھي، لغڙن جي اڏام ڪري ڪيترائي ٻار پڻ موت جو شڪار بڻجي ويا آھن ۽ ان کان وڌيڪ تعداد ۾ معذور ۽ اپاھج بڻيل آھن. ڪيترائي ٻار لغڙ اڏائڻ جي دوران گٽرن ۾ ڪرن ٿا موٽر سائيڪلن، ڪارن ۾ لڳن ٿا ۽ ٻي ماڙ تان ڪري زخمي به ٿين ٿا. ڪڏھن ڪڏھن ته بجليءَ جي ٿنڀن تي لغڙ ڦاسڻ جي ڪري ٿنڀن جي ويجھو وڃن ٿا، ان کان سواءِ جھيڙا جهٽا پڻ ٿين ٿا. اھڙا کوڙ سارا واقعا انٽرنيٽ تي توھان کي گھڻي مقدار ۾ ملندا. (جاري)

 

طارق راڄپر/ سڪرنڊ

 

مصري فقير نه وسرندڙ امر راڳي!

 

(حصو پهريون)

 

سنڌ ڌرتيءَ ھميشه انمول ھيرا پنهنجي محبت ڀري کاڻ مان پيدا ڪيا آھن جن محبتن ۽ ڏات جي ڪري سنڌ امڙ سدا سرھي رھي آھي ڪراچيءَ کان ڪشمور توڙي ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين پنهنجي پياري سون ورني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمندي جڏهن ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڀونءِ هالا طرف رُخ ڪبو ته اُتي سروري درگاهه جا استاد ۽ مدرسا امن ۽ آشتيءَ واري سبق ڏيڻ ۾ صدين کان مصروفِ عمل ڏسجي رهيا آهن، هِن درگاهه تي مخدوم نوح سرور هالائيءَ کان ويندي اڄ ڏينهن تائين جا درگاهه ڌڻي هر دور ۾ امن، آشتي ۽ آجپي جو پيغام ڏيندا رهيا آهن ساڳي درگاھ جي معلمن جي ڊگھي صف ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري ڪافي گو شاعر، گھڻ رُخي شخصيت ۽ مٺڙي توڙي ٻاجھاري انسان مخدوم سائين محمد زمان طالب الموليٰ جي شفقت ڀريو ڇَپر ۽ ڇانورو پڻ نظر اچي ٿو. مخدوم صاحب جي اُن ٻاجھ ڀري ڇانوَ ۾ رهي جيڪي به طالب الموليٰ جا طالب رهيا، تن ٻين اخلاقي امرن سميت شاعري توڙي سُر سنگيت جا سبق به ضرور پروڙيا آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي اُن محبتن واري مڪتب اندر، قرب وارن ڪلاسن جي برهه وارين بئنچن تي ويهي جن سلوڪ جي صاحبن سڪ سَندا سبق پڙهيا، اُنهن ۾ نامياري صوفي راڳي ۽ شاعر مصري فقير جنهن جو آواز مصريءَ کان به مٺو هو! جنهن جو نالو به ملي ٿو. مصري فقير 1929ع ڌاري سنڌ جي ضلعي نوابشاهه ۾ تعلقي سڪرنڊ جي هڪ ڳوٺ لقاءَپور ڀرسان ڳوٺ ڪنب ليمان ۾ فقير الله ڏني مڱڻهار جي گھر ۾ اکيون کوليون. مصري فقير ڪُل ڪتابي تعليم چار درجا پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جنهن دوران پڙهڻ سان گڏ اسڪول جي هم نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺي ترانا، نغما ۽ نعتون پڻ پوري چاھ سان چپن ۾ چورڻ لڳو چَون ٿا ته سندس آواز ننڍپڻ کان ئي بيحد سُريلو هوندو هو، جنهن ڪري اسڪول جا استاد به سندس آواز کي ساراهيندا هئا. پنهنجي مُنهن ڪلام آلاپيندي اڳتي هلي سنگيت ۾ سُونهن جي اهميت کي به سمجھي ورتائين، جنهن لاءِ نوابشاهه ويجھو قاضي احمد وڃي پنهنجي وقت جي سُريلي راڳي پياري فقير ميراثيءَ کي استادي لاءِ عرض ڪيائين ٻئي طرف کان مهربان استاد مٿس مهرباني ڪندي پنهنجي شاگردن جي صف ۾ آڻي ويهاريو جتي مسلسل محنت ۽ رياض سان ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل موسيقي سميت هارمونيم، يڪتاري ۽ ڍولڪ وڄائڻ جو هنر پڻ سکيائين. اڳتي هلي پٽن ۽ ڀائرن جي تعليم خاطر سڄي ڪٽنب سميت سن 1959ع ڌاري مصري فقير پنهنجن اباڻن ڪکن کي الوداع چئي تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگھڙ جي شھر سرهاڙيءَ ۾ مستقل طور تي سڪونت اختيار ڪئي، مصري فقير سنگيت جي سکيا واسطي قرب جا ڪشالا ڪاٽي جڏهن عملي ميدان ۾ قدم رکيو تڏهن پاڻ 20-21 ورهين جو ڳڀرو نوجوان هو، هي اُهو دور هو جڏهن تازو ورهاڱو ٿي چُڪو هو ۽ نئين ملڪ ۾ ٻين ڪيترين ئي ڏکيائين سان گڏوگڏ ابلاغ جا ذريعا به محدود حد تائين موجود هئا. (جاري)

 

اســد زرداري/ سرھاڙي

 

برسات متاثرن جي سار لهو!

 

ڪنڊيارو سميت سنڌ جي برسات جي متاثرن کي گهر ٺاهڻ لاءِ رقم نه ملي سگهي آهي، پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ تازين مون سون جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. لکين ماڻهو پنهنجن گهرن ۽ زندگي جي جمع پونجي کان محروم ٿي چڪا آهن. حڪومت طرفان متاثرن لاءِ امدادي پيڪيجز جو اعلان ڪيو ته ويو هو پر بدقسمتيءَ سان ڪيترن ئي متاثرن کي اها رقم بروقت مهيا نه ٿي سگهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين خاندان اڃا تائين بي يار و مددگار کلئي آسمان جي هيٺ رهيل آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته کين حڪومت طرفان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، اُهي پورا نه ٿي سگهيا. ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ انهن وٽ ڪو ذريعو ناهي ته اُهي پنهنجن تباهه ٿيل گهرن جي تعمير ڪري سگهن. حڪومت طرفان مالي امداد جو اعلان ته ڪيو ويو هو پر اها رقم متاثرن تائين نه پهچي سگهي. شڪ آهي ته اها رقم حڪومتي نمائندن جي ذاتي استعمال ۾ خرچ ٿي رهي آهي متاثر علائقن جي عوامي نمائندن جو چوڻ آهي ته بيروڪريسي جي سست رفتاري ۽ بدانتظامي سبب امدادي رقم جي فراهمي ۾ دير ٿي رهي آهي. اُهي مطالبو ڪن ٿا ته حڪومت فوري طور تي امدادي ڪمن کي تيز ڪري ۽ متاثرن کي انهن جي حق جي رقم فراهم ڪري، جيئن اُهي پنهنجن گهرن جي تعمير ٻيهر شروع ڪري سگهن. حڪومت جي ذميواري آهي ته اها انهن ڏکين حالتن ۾ پنهنجي شهرين سان گڏ بيهڻ ۽ کين جلدي کان جلدي رليف فراهم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اها رقم وڌيڪ دير جو شڪار ٿي ته متاثرن جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو، جيڪو انساني همدردي جي تقاضائن جي پڻ خلاف آهي. متاثرن جي فوري مدد وقت جي اهم ضرورت آهي جيئن اُهي پنهنجي پيرن تي ٻيهر بيهڻ ۽ زندگي جي معمول کي بحال ڪري سگهن. حڪومت کي گهرجي ته اُها امدادي ڪمن ۾ شفافيت ۽ تيز رفتاري کي يقيني بڻائي، جيئن متاثرن کي جلدي کان جلدي رليف فراهم ٿي سگهي.

 

ناظم علي /ڪنڊيارو

 

ڊائريڪٽر اسڪولز سکر جي ڪارڪردگي!

 

ڊائريڪٽر اسڪولز آف ايجوڪيشن ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري سکر ريجن چيو ته اسان پنهنجي طرفان ڀرپور نموني تعليمي ميدان ۽ ذميوار تعليمي مشينري لحاظ کان پنهنجي ڪم ۾ نمايان طور بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي يقين رکون ٿا ۽ پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائڻ واسطي ڪوشان آهيون، مون کي جڏهن کان سکر ريجن اندر ڊائريڪٽر اسڪولز جي ذميواري ملي آهي تڏهن کان آئون ان ڪوشش ۾ آهيان ته جيترو ٿي سگهي پنهنجي هٿان نمايان طور پرفارم ڪري پنهنجي کاتي وٽ هڪ سٺي ڊائريڪٽر هجڻ ناتي سڃاتو وڃان، اها ئي ڳالهه آهي ته آگسٽ ۾ اسڪول کلڻ بعد آئون پنهنجا سمورا معاملا اعليٰ سطح لحاظ کان مانيٽر ڪندي نڀايان ٿو ۽ پنهنجو ڪم سموري ريجن اندر ڪري ڏيکاريان ٿو، هن وقت تائين 173 مڊل 251 ايليمينٽري 207 سيڪنڊري ۽ 93 هائير سيڪنڊري مجموعي طور 724 اسڪولن ۾ داخل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درسي ڪتاب فراهم ڪيا آهن، جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ مفت درسي ڪتاب ورهايا ويا آهن، جنهن سلسلي ۾ سيڪريٽري تعليم خاص ٽيمون جوڙيون ۽ خاص مانيٽرنگ ڪندي پنهنجو ڪم ڏيکاريو اسان وٽ سيڪريٽري تعليم جي خاص هدايتن سان هر تعلقي سطح تي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جون ٽيمون درسي ڪتابن جي کوٽ ۽ انهن جي پورائي لاءِ قدم کڻي رهيون آهن، هن سال سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وڌي آهي، جيڪا اسڪولن جي اپگريڊيشن ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٿي آهي، تنهن ڪري درسي ڪتابن جي ڊمانڊ به وڌي آهي، هن وقت اسان وٽ درسي ڪتابن جي مفت فراهمي ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي تقريبن ڀرتي ٿي وئي آهي، باقي استادن جي رٽائرمينٽ پروموشن يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري خالي پيل جاين تي ويٽنگ پاليسي تحت فيبروري 2025ع تائين استادن جون ڀرتيون ڪيون وينديون، بهرحال اها ئي ڳالهه آهي ته اسان جي شهر پنوعاقل سان واسطو رکندڙ سکر ريجن جو ڊائريڪٽر اسڪولز حافظ شهاب الدين انڍڙ پنهنجي جاءِ تي هڪ سٺو قابل ڀروسي جوڳو ۽ پنهنجي رينج اندر تعليم کاتي ۾ بهتر نمايان ذميواريون ادا ڪري ڏيکارڻ وارو آفيسر آهي جيڪو پنهنجون خدمتون تعليم کاتي ۾ ڏيکارڻ واسطي پهريان کان وڌيڪ سرخرو ۽ سرگرم آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل