موت جي ڪوڙڪي بڻيل سنڌ جا اسڪول!
سنڌ جي تعليمي نظام جي زبون حالي ۽ حڪومت جي لاپرواهي سبب ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جا زندگيون موت جي ڳڙهه ۾ هليون وڃن ٿيون. اهڙو ئي هڪ دردناڪ واقعو ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي ڳوٺ شهباز نوتڪاڻي ۾ پيش آيو، جتي هڪ پرائمري اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب 10 سالن جو معصوم نينگر ڪاشان علي ولد شوڪت نوتڪاڻي، پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو. ڪاشان علي پنهنجي والدين جو اڪيلو اولاد هو ۽ سندس اوچتي موت هنن لاءِ هڪ اڻ کٽ غم جو سبب بڻجي ويو آهي. سندن لاءِ دنيا جي خوشيون ڄڻ ته ختم ٿي ويون آهن ۽ هر طرف انهن لاءِ رڳو غم ۽ درد جا ڪڪر ڇانيل آهن. اهڙي واقعي سنڌ جي تعليمي نظام جي ڀيانڪ تصوير کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ حڪومتي لاپرواهي سبب اهڙا واقعا معمول بڻجي ويا آهن، جتي معصوم ٻارڙا پنهنجي تعليم جي اُڻت جي جاءِ تي موت جي منهن ۾ وڃڻ لڳا آهن. سرڪاري اسڪولن جي زبون حالي سنڌ جي ايندڙ نسل جي مستقبل تي هڪ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي، هي واقعي صرف هڪ خاندان جي تباھي جو ڪيس ناهي پر سڄي سماج جي ذميواري آهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن سڄي دنيا ۾ تعليم کي اوليت ڏني وڃي ٿي اسان وٽ تعليمي ادارن جي زبون حالي ۽ انتظامي لاپرواهي ٻارن جي حياتيءَ سان کيڏڻ برابر آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ حڪومت ۽ تعليمي ادارن تي اھو فرض لاڳو ٿو ٿئي ته هو پنهنجي ذميواريءَ جو احساس ڪن ۽ اسڪولن جي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻن. جيڪڏهن سنڌ جي اسڪولن جي حالت ۾ جلد بهتري نه آئي ته شايد وڌيڪ معصوم ٻارڙن جا زندگيون اهڙي ئي رستي تي هليون وڃن. حڪومت ۽ سماج ٻنهي کي گڏجي قدم کڻڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جو هر ٻار محفوظ، سکيو ۽ ستابو رهي پنهنجي تعليمي سفر کي بي خوف طريقي سان جاري رکي سگهي. جيڪڏهن انهن مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ته وڌيڪ ڪاشان جهڙا معصوم ٻارڙن جا زندگي جا ڏيئا وسامڻ کان بچي سگهن ٿا.
فيضان شفيق جمالي/ ڪراچي
سنڌ جو تعليمي نظام!
اڪثر چيو ويندو آھي ته جيڪڏهن ڪنھن ملڪ کي ختم ڪرڻو ھجي ته ان جي تعليم کي ختم ڪيو ته اهو پنهنجو پاڻ تباهه ٿي ويندو. ڪنھن به ملڪ جي ترقي ان جي تعليم تي دارومدار رکي ٿي، جيڪڏهن ڳالھ ڪريون پاڪستاني تعليمي نظام جي ته دنيا ۾ پاڪستان تعليمي حساب سان 125 نمبر تي اچي پھتو پھتو آھي پر اڄ اسان ڳالھ ڪنداسين سنڌ جي تعليمي نظام جي جيڪو دنيا جي تعليمي نظامن کان به پوئتي پيل آھي پر پاڪستان جي ٻين صوبن جي تعليمي نظام کان به پوئتي آھي. سنڌ جو پراڻو تعليمي نظام بنا بدلاءَ جي ساڳيو جو ساڳيو آھي، جيڪو پھريان کان ھو، ايتري تائين جو سنڌ جي تعليمي بورڊ جي ڪتابن ۾ به ڪا تبديلي نه اچي سگھي آهي، اسان کان وٺي اسان جي وڏن تائين اھو ئي تعليمي نظام ۽ ڪتاب ھلندا پيا اچن، جيڪي حقيقت ۾ ڪانسيپٽ کي گھٽ سمجھيو ويندو آھي پر ياد گھڻو ڪيو ويندو آھي جيڪڏهن ڳالھ ڪريون سنڌ جي استادن جي جيڪي ڪوٽا سسٽم جي ذريعي ڀرتي ڪيا ويا آهن جن کي ھڪ درخواست لکڻ نٿي اچي، اھو ئي ڪوٽا سسٽم ڪٿي نه ڪٿي سنڌ جي تعليمي سسٽم تي اثرانداز ٿئي ٿو. شاگردن جي پڙھائي ۾ گھٽ دلچسپي جي ڪري استادن کي به پڙھائڻ جو شوق نه ٿيندو آھي، سنڌ جي خراب تعليمي نظام جي ڪري والدين پنھنجي ٻارن کي پڙھائڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه رکندا آھن ايتري جو ھو ان کي وقت جو زيان سمجھندا آھن، ان جو اھوئي سبب آھي جو سنڌ جو تعليمي نظام باقي نظامن کان بدتر آھي، جڏھن ته سنڌ جو تعليمي نظام ھر ڀيري جيان ڪاپي سان ڀرپور پاڻ ملھائيندو پيو اچي جنھن جي ڪري شاگردن ۾ پڙھائي جي گھٽ دلچسپي ڏٺي ويندي آھي پر ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن سنڌ جي تعليمي نظام کي بھتر نه بنايو ويو ته شايد اھو نظام پھريان جيان ھلندو رھندو ۽ اسان جو ايندڙ نسل به اھوئي سبق پڙھندو جيڪي اسان جي وڏن ۽ اسان پڙھيا آھن.
عديل جاويد/ٺري ميرواھه
سردار عاشق علي زنئور جو بيان!
دادو ضلعي جي عوامي جدوجهد جي علامت ۽ عوام خلاف ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ، ڪرپشن خلاف آواز اٿاريندڙ مزاحمتي اڳواڻ چيئرمين عوامي فورم سردار عاشق علي زنئور ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته دادو ضلعي جي حڪمران ڌر سان لاڳاپيل وڏيرن، ڀوتارن 2022ع جي برسات ۽ ٻوڏ دوران ھٿ سان ملڪ ٻوڙي اربين رپيا ڦٻائڻ بعد ھن ڀيرو ٻيهر دادو کي ھٿ سان ٻوڙائڻ جو پڪو پھ ڪيو آهي. 2022ع جي ٻوڏ وقت 16 سو ارب ڊالر ٻاھرين ملڪن ۽ گڏيل قومن کان امداد ملي هئي اھا اهي ڪرپٽ ڪامورا کائي ويا، نه ڪنهن کي گهر ٺھي مليو نه ڪنهن کي امداد ملي. ھنن جو ھاڻي ھيءُ سيلاب نه ھوندو پر اسان مٿان آپگھاتي حملو ھوندو، خدا جي واسطي پنهنجي ٻچن جي واسطي اٿو پنهنجو شھر بچايو، پنهنجون زمينون، ملڪيتون، پنهنجا ٻچا بچايو. اسان جو ساٿ ڏيو، اسان جي آواز سان آواز ملايو نه ته سڄي عمر پڇتائيندئو، اڳ به اربين رپيا کائي ويا بندن ۽ ڪينالن تي ٽڪي جو ڪم نه ڪيو ويو، ھاڻي به اسان کي رسوا ڪري اسان جي نالي تي پئسا کائيندا. ھي ھٿ سان دادو شگر مل ٻوڙائي مل جي انشورنس جا اربين رپيا زرداري کائيندو، اڳ به 2022ع واري ٻوڏ دوران شگرمل ٻوڙائڻ لاءِ وڏي مشينري گھرائي ڪڪڙ کان ڪٽ ڏيارڻ لاءِ سانڀاھا ڪري رھيا ھئا ته ڪڙڪ پوڻ تي دادو وارن ڪڪڙ وڃي پٺاڻن کي پڪڙي کنڊ بند ڪيو ھو ۽ سازش کي ناڪام بڻايو ھو ۽ ان وقت اسان پڻ بچاءَ بندن ۽ ڪئنالن جي بندن جي چوڪي ڏئي رهيا هئاسون، ٻوڏ جي پاڻي جو بچاءُ ڪيو ۽ گھران خرچ ڪري بند به مضبوط ڪياسين، ھنن منڇر جي ڍنڍ به مٿي ڪئي آهي، جڏهن ته اڳين ٻوڏ ۾ ھنن منڇر ٽوڙري نه ھئي پر پاڻي جي پريشر تي منڇر کي پنهنجو پاڻ گھارا لڳا ھئا ۽ منڇر جا در ڀڳا ھئا، ان وقت به خدا دادو کي بچايو ھو، ھن وقت ھنن دادو کي ٽارگيٽ بڻايو آهي، ھنن جي پلاننگ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ دادو کي ٻوڙائڻو آهي، سو اسان جو ساٿ ڏيو اسان سان گڏجي ان سازش خلاف جدوجهد ڪيو.
عبدالستار ميراڻي/ جامع مسجد محلو، راڌڻ
سنڌ حڪومت جو سولر سسٽم منصوبو!
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪجھ ڏينهن اڳ اعلان ڪيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو وٺندڙ گهراڻن کي هڪ عدد سولر پليٽ، بيٽري، پکو ۽ بلب ٽوٽل 50000 پنجاهه هزار رپين جو سيٽ صرف 6000 ڇهه هزار رپين ۾ ڏنو ويندو. اهو هڪ سٺو فيصلو آهي پر انهيءَ فيصلي سان گڏ هڪڙو ٻيو گهاٽي واري فيصلي جو اعلان ڪيو اٿس ته سنڌ جي سڀني سرڪاري آفيسن کي سولر سسٽم وسيلي بجلي ڏني ويندي. اهو صاف نه ٻڌايو ويو آهي ته بجليءَ جا ميٽر سرڪاري آفيسن مان لاهي واپس واپڊا وارن وٽ جمع ڪرايا ويندا يا سرڪاري آفيسر ۽ ملازم هڪ ئي وقت واپڊا جي بجلي ۽ سولر پليٽن جي بجلي استعمال ڪري هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا وٺندا؟ ياد رهي ته سولر واري بيٽري ۾ هر مهيني ۾ تيزاب مليل پاڻي جي ليٽر واري بوتل لڳائڻي پوندي آهي ۽ بيٽري جي سروس وڌ ۾ وڌ ٻه سال هوندي آهي. سرڪاري پٽيوالن ۽ چوڪيدارن جا حال سڀني کي سجھن پيا، لاتعداد سرڪاري آفيسن ۾ پٽيوالا ۽ چوڪيدار مهينو مهينو ڊيوٽي تي اچن ئي ڪونه ٿا. پنهنجا ڌنڌا ڪري گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا. بيٽرين ۾ پاڻي ڪير لڳائيندو؟ سولر پليٽن جي چوڪيداري ڪير ڪندو؟ اسان جي سهڻي سنڌ ۾ اهڙا چنڊا چور پيدا ٿي پيا آهن جيڪي مسجدن مان به سولر پليٽون، پکا، بيٽريون ۽ گهڙيال به کڻي وڃن ٿا پر نمازين جون جتيون چورائڻ کان به نٿا مڙن. مدي خارج بيٽرين جي جاءِ تي نيون بيٽريون ڪير منظور ڪرائي لڳرائيندو؟ سنڌ جي آفيسرن جو اهو حال آهي جو سرڪاري گاڏي جو ٽائر برسٽ ٿي ويندو آهي ته نئون ٽائر لڳرائي گاڏي کي هلائڻ بجاءِ بقايا ٽئي ٽائر رمن سميت ڪڍي وڪڻي گاڏي کي سال کن سرن تي بيهاري نيلام ڪري ڇڏيندا آهن. شهيد بينظير ڀٽو جي 1988ع واري حڪومتي دور ۾ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪمپني (ايس آر ٽي سي) جي هينو بسن جو مثال اسان جي سامهون آهي. اعليٰ قسم جون مينگورا بسون پنهنجي هٿن سان ناڪارا ڪري نيلام ڪري ڪمپنيءَ جو نالو ۽ نشان ئي ختم ڪيو ويو هو. اڌ موڙي کان به گهٽ پئسن ۾ نيلام ڪيل بسون اڃا تائين سنڌ جي روڊن تي هلن پيون، سنڌ جي سرڪاري آفيسن مان چوريون انهي سطح تي وڃي پهتيون آهن جو گمبٽ ۾ جگر جي علاج جي پيوند ڪاري جي سڄي ملڪ جي مشهور اسپتال مان وقفي وقفي سان پاڻي وارا موٽر، اي سيون، ڪپيوٽر ۽ ٻيون قيمتي شيون چوري ٿينديون رهن ٿيون. گمبٽ اسپتال مان هيل تائين ڪروڙين رپين جو اهم ترين شيون ۽ اوزار چوري ٿي ويا آهن. ايتري قدر جو مريضن جا بيڊ به لاپتا آهن. پر اڄ تائين انهن چورين جي جاچ يا انڪوائري ناهي ٿي. ياد رهي ته سرڪاري آفيسن ۾ رڳو پاڻي وارا موٽر، پنکا ۽ بلب ناهن هوندا پر اي سيون ڪمپيوٽر، فيڪس مشينون، انٽرنيٽ سسٽم ۽ فوٽو اسٽيٽ مشينون، فرج، يو پي ايس ۽ بجلي تي هلندڙ ٻيو گهڻو ڪجھ هوندو آهي. ڇا بجلي تي هلندڙ بهترين ايسيون ڪمپيوٽر، فيڪس مشينون، انٽرنيٽ سسٽم ۽ فوٽو اسٽيٽ مشينون، فرج، يو پي ايس ۽ بجلي تي هلندڙ ٻيو گهڻو ڪجھ ڀڳڙن مٽ اڳهه تي نيلام ڪري وري چين کان اوڌر تي (اي سي ڊي سي) بجلي ۽ سولر انرجي تي هلندڙ اهي اوزار سڄي سنڌ جي آفيسن لاءِ نئين سري سان ورتا ويندا. هڪ پاسي سنڌ حڪومت پنهنجي بجلي ٺاهيندڙ ڪمپني قائم ڪري ٿر جي ڪوئلي ۽ سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪندڙ سولر پارڪ لڳائڻ جا منصوبا منظور ڪري رقم به جاري ڪري ڇڏي آهي، ته ٻئي پاسي سنڌ جي ماڻهن کي عالمي مالياتي ادارن ۽ چين جي قرض جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ لاءِ بجلي تي هلندڙ سسٽم کي سولر پاور تي منتقل ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙيو آهي. ڇا سنڌ جي بجلي ڪمپني مان ٺهندڙ بجلي افغانستان کي وڪرو ڪئي ويندي؟
غلام ايوب گشڪوري/عمرڪوٽ
هڪ چٺي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڏانهن!
ٿر ۾ سانوڻيءَ جون برساتون وسڻ کان پوءِ ٿرپارڪر جي تعلقي ڪلوئي جي مختلف ڳوٺن جھڙوڪ ڳوٺ کوهي مورا، ڳوٺ نڀڙوڪر مورا، ويسرياٻھ سميجا، ڳوٺ گرڙاٻھ، ڳوٺ ٻانڌو مورا، لڳڊيو مورا ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مليريا جا ڪيس وڌڻ لڳا آهن جنهن جي ڪري ڪيترائي ننڍا ٻار مليريا جي بخار ۾ ورتل آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن موجب مختلف ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ ننڍا ٻار ۽ وڏا ماڻهو مليريا جي موذي مرض مليريا جي بخار ۾ جڪڙيل آهن پر لاڳاپيل کاتي جي آفيسر ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڪو به ايڪشن نه کنيو آهي، جنهن جي ڪري ڏينهون ڏينهن مليريا جا ڪيس مختلف ڳوٺن ۾ وڌي رهيا آهن، ڊي ايڇ او ٿرپارڪر جي لاپرواهيءَ جي ڪري مختلف ڳوٺن جا ماڻهو عذاب واري زندگي گذارڻ لڳا آهن، ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ۽اسان جي هن چٺي وسيلي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر کان پر زور اپيل آهي ته معاملي جو جلد نوٽيس وٺي مختلف ڳوٺن ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ۽ ڳوٺاڻن کي هن عذاب واري مليريا مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر
ڳوٺ شاھ علي شر جي اسپتال کي عملو ڏيو!
ھيءَ اسپتال سنڌ جي شاھوڪار ضعلي گھوٽڪي تعلقي جي هي اسپتال سنڌ جي شاھوڪار ضعلي گھوٽڪي تعلقي ڏھرڪي يوسي کيروھي جي ڳوٺ شاھ علي خان شر جي آهي، ھيءَ اسپتال اڳوڻي وفاقي وزير ھاڻوڪي ايم پي اي نادر اڪمل لغاريءَ سنه 2002ع ۾ کيروھي واسين کي اسپيشل پئڪيج ڏنو ھو جيڪو ڪجهه سال گذارڻ کان پوءِ ھن اسپتال جو ڪم وڏي ڪوششن سان ٿيو، خير ڪم ته مڪمل ٿي ويو آهي پر آفسوس جو اڄ 22 سال گذارڻ باجود به ھن وقت تائين سنڌ حڪومت توڙي ضعلي انتظاميان طرفان هن اسپتال ۾ عملو مقرر ناهي ٿي سگهيو، سنڌ اسيمبليءَ توڙي قومي اسيمبلي ۾ 22 سالن کان ويٺل گھوٽڪي جي انڌن ٻوڙن ۽ گونگن ايم اين ۽ ايم پي ايز کي اسان کيروھي واسي اپيل ڪريون ٿا ته خدا جي واسطي کيروھي ڳوٺ شاھ علي شر جي هن سرڪاري اسپتال تي ڪا رحم جي نظر ڪريو، اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي رحم ڪريو، ڳوٺ شاھ علي شر جي سرڪاري اسپتال ۾ عملو مقرر ڪري ڏئي 22 سال گذارڻ باوجود يوسي کيروھي جا ڪيترائي ماڻهو سھولت نه ھجڻ سبب فوت ٿي ويا آهن، اسان به سنڌ جو حصو آھيون، گھوٽڪي ضعلي جو حصو آھيون، يوسي کيروھي واسي پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر آھيون توھان کي سدائين اسان جي ووٽن تي اسيمبلن ۾ وڃو ٿا مزا ماڻي عياشيون ڪيو ٿا، اسان سدائين توهان کي ووٽ ڪيو آهي، ٻيلي خدا جي واسطي ڪجهه رحم ڪيو ڳوٺ شاھ علي شر جي اسپتال کي عملو ڏيو.
عمر ڪورائي/ ميرپورماٿيلو
گٽڪي ۽ ٻي منشيات
جو وڪرو بند ڪرايو!
ميرواھ گورچاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات جو سرعام وڪرو جاري آهي، لاڳاپيل انتظاميا ڳري منٿلي تي منشيات فروشن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، ميرپورخاص ضلعيي جي هر ننڍي وڏي شهر جيان تعلقي شجاع آباد ۾ به منشيات سبب بدامني جي ور چڙهي ويو آهي، پوليس انتظاميا جي سرپرستي ۾ گٽڪو، مين پڙي، سفينا ۽ ڪچو شراب وڏي تعداد ۾ سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري هتان جو نوجوان نسل تباهه ۽ ڪيتريون ئي انساني قيمتي جانيون خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجڻ ڪري هزارين ماڻهن جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن، انتظاميا منشيات جي وڪرو جي روڪٿام لاءِ اڄ تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، منشيات جو وڪرو وکر جيان جاري آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان نشو واپرائڻ دوران ڪيترن ئي انسانن جون زندگيون موت جو کاڄ بڻجي ويون آهن. شهرين ۽ سماجي ورڪرن توڙي ساڃاهه وندن جي شڪايتن باوجود به انتظاميا ميرواھ گورچاڻي پوليس ۽ شجاع آباد پوليس اسٽيشن منشيات جو خاتمو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، جنهن جي ڪري هن وقت شجاع آباد، ميرواھ گورچاڻي منشيات جا اڏا بڻجي ويا آهن. جنهن جي ڪري ميرواھ گورچاڻيءَ سميت سمن ڳوٺ، ٻيلھاڙو 32 ميل موري ۽ جهلوري سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ موالين پنهنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن، منشيات فروشن کي سياسي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن جي ڪري پوليس به منشيات فروشن سان ٻٽ بڻيل آهي. ان لاءِ پوليس کي بار بار شڪايتون ڪرڻ جي هن وقت تائين ڪنهن به منشيات فروشن خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي عمل ۾ ناهي آندي، جڏهن ته پوليس جو هيٺيون طبقو پاڻ ان ڪاروبار ۾ ملوث نظر اچي ٿو، جنهن لاءِ شهرين ايس ايس پي ميرپورخاص سميت آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته تعلقي شجاع آباد سميت ميرواھ گورچاڻي مان وڪرو ٿيندڙ لکين رپين جي جان ليوا منشيات جو مڪمل خاتمو آڻي، عملي طور جاچ پڙتال بعد منشيات جهڙي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث پوليس ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن مستقبل ۾ نوجوان نسل تباهه ٿيڻ کان بچي سگھي.
ظهير احمد شر/ ميرواھ گورچاڻي
دنيا جو عظيم صوفي
۽ انقلابي شاعر!
دنيا جي عظيم صوفي ۽ انقلابي سنڌي شاعر جي سالياني ميلي جون مختلف تقريبون ڀٽ شاهه تي وڏي زور ۽ شور سان جاري ۽ ساري آهن. سيد جي اڱڻ تي سنڌ جي عاشقن جا ميڙا متل آهن، ڀٽ ڌڻيءَ جي فڪر جا پوئلڳ ۽ پانڌيئڙا هزارن جي تعداد ۾ ڀٽ شاهه پهتل آهن، جيڪي قافلن جي صورت ۾ درٻار اندر گلن جون چاندرون چاڙهي ڀٽ ڌڻيءَ کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي عزت، آجپي، خوشحاليءَ جون خاص دعائون گهريون وينديون. نادر شاهه جي حملن سنڌ ڌرتيءَ کي گهوڙا گهوڙا بڻائي ڇڏيو. اهڙين حالتن ۾ ماڻهن کي آٿت ڏيڻ وارو لطيف سائين هو. سنڌ جي اقتصاديات کي تباهه ڪيو ويو. فصل تباهه ۽ بازارون ويراون ٿي ويون. ڀٽ ڌڻي ليکڪ ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ اهڙيون حالتون ڏسي چيو ته:
”نه سي ووَڻ ۾ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون،
پسيون بازاريون هينئڙو مون لوڻ ٿئي.“
سنڌ تي ڪاهي ايندڙن هتان جي سونهن ۽ساڀيان کي تباهه ۽ برباد ڪيو. ڀٽ ڌڻيءَ انهن کي للڪارون ۽ چتاءُ ڏنو، ڀٽ ڌڻيءَ جو روحاني طريقو ڪهڙو به هجي سندس ڪلام مان ظاهر آهي ته هو مذهبي اختلافن کان مٿانهون هو. هر شيءِ ۾ حق جلوه پسند هو. ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجا پار پتا ڏيندي چوي ٿو ته منهنجا هم وطن سنڌي آهن. منهنجي ديس جا دودا جوڌا اهي آهن جيڪي سچائي سان سندرا ٻڌي سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ڪندي سينا سپر ڪري وڙهندا رهيا. سنڌ جي دفاع ۽ ناموس خاطر سيني ۽ منهن ۾ گهاءُ کائيندي مُرڪي سر ڏيندا.
”اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالو ريو ڪنڱن،
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.“
ارشاد شيخ/ مينهل آباد لاڙڪاڻو
شاهوڪار ڏيهه جا
بکايل ڏيهه واسي!
سنڌ جيڪا 5 کان 7 ھزار سال قديم ڌرتي آھي، ھتان جي ثقافت ۽ تھذيب جڳ ۾ پنھنجو نرالو نانءُ رکي ٿي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنھن زماني ۾ پوري دنيا اڃا جيئرو رھڻ جا ڍنگ صحيح طرح سان اڃا سمجھي نه سگھي ھئي ان دور ۾ سنڌ سٺي نموني آباد ھئي، کائڻ پيئڻ جي شين کان ويندي بدن کي ڪپڙي سان ڍڪڻ جھڙو ڍنگ سنڌ ۾ موجود ھو. دنيا اڇا پوئتي هئي ته سنڌ ۾ ڏاند گاڏي موجود هئي، بس اسان جي سنڌين جي وڏي بدنصيبي اھا چئبي جو جيتري قدر ھيءَ ڌرتي قديم آھي اوتري ئي قدر ھن ڌرتي کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، اھو به مشھور آھي ته سنڌي ماڻھن پاران جيڪا مھمان نوازي ڪئي ويندي آھي، اھڙي مھمان نوازي جو ٻيو ڪٿي مثال نٿو ملي. اھا سنڌ جنھن ۾ مھاجر لڏي کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي قومن کي پناھ ڏني ۽ اڄ اھا ئي ڪيل چڱائي منھنجي سنڌ امڙ ڀوڳي رھي آھي. ڪڏھن ڪالاباغ جو منصوبو ته ڪڏھن گوڙاڻون، ڪڏھن ذوالفقار آباد ته ڪڏھن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو راڳ، ڪڏھن سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جون ڪوششون ته، ڪڏھن وري سنڌ جي لاڙپٽ جون زمينون ڌارين جي حوالي ڪرڻ جھڙيون خبرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ھڪ پاسي عاليشان محلن ۾ رھندڙ سياستدان زبردست کاڌن ۽ زبردست گاڏين ۾ مزا ماڻي تفريح جا شوق رکن ٿا ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ رھندڙ معصوم ٻارڙا به پيٽ جي بک خاطر پورھيو ڪري روڊن جي فٽ پاٿن تي آرام ڪن ٿا، خبر ناھي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ڪھڙو ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي؟ هيءَ اها ڌرتي آهي جيڪا سڄي ملڪ کي 75 کان 80 سيڪڙو روينو ۽ ٽئڪس ڏئي ٿي پر اتان جا ٻار ۽ اتان رهواسين پيرين اگھاڙا ۽ هڪ ويلو کائين ٻيو ويلو ويهن واري زندگي گذاري رهيا آهن، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انساني بنيادي سهولتون به ميسر ناهن. ملڪ کي اڌ کان وڌيڪ، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا قدرتي وسيلا ڏيندڙ هن ڏيهه جي وارثن سان ڇو اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي؟ جنهن ڏيهه جي ناڻي تي سڄو ملڪ هلي ان ڏيهه جا ماروئڙا لنگھڻ تي ٿا گذارين سان ڳالهه سمجھه کان ٻاهر آهي. هن ڏيهه ۽ ان جي رهواسين سان اهڙا ڪلور ڇو ٿا ڪيا وڃن اها ڳالهه سمجھه کان ٻاهر آهي.
رياض امر ٻجورو/سجاول