شل ٻاجھارو ٻاجھه ڪري!

(حصو ٻيون)

سرڪار کي سڀني سرڪاري ڊاڪ بنگلن جي مرمت ڪرائڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته اهي اسان جي تاريخ جو حصو آهن ۽ مشتاق باگائي کان ان تي ڪتاب لکرائڻ گھرجن. آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ بندن جي نگراني رڳو ڪامورن جي حوالي نه ڪجي ڇو ته انهن وٽ اهو بهانو هوندو آهي ته بندن ۾ ڪوئا ۽ سَها ٻِر ٺاهين ٿا، تنهن ڪري روٽ لڳي ٿي، جيڪا پوءِ کنڊ جي صورت اختيار ڪري ٿي. سبحان الله! صدقي وڃان ڪامورن جي ان ڳالهه تان! هتي مون کي امر جليل جي هڪ ڪهاڻي ياد ٿي اچي. آبپاشي جي هڪ انجنيئر کي سندس گھر واريءَ چيو ته: ”ڪالهه پاڙي واري مائي، جنهن جو مڙس تپيدار آهي، اها مون کي دعوت ڏئي پنهنجي گھر وٺي وئي هئي، سندس گھر ۾ قالين ۽ تمام سهڻو فرنيچر هو، اسان جي گھر ۾ نه صوفا نه ڊائننگ ٽيبل، نه قالين آهي، رڳو پراڻيون ڪرسيون پيون آهن، هو تپيدار آهي، ان جو گريڊ تنهنجي گريڊ کان گھڻو گھٽ آهي، پوءِ به اسان جي گھر جو هيءُ حال اهي.“ مڙس چيس ته: ”آبڪلاڻي جي موسم اچڻ واري آهي، ٿورو انتظار ڪر، جڏهن آبڪلاڻي جي موسم ايندي ته پوءِ پنئه ٻارنهن! هن گھر ۾ اهڙو فرنيچر ۽ سينگار جو سامان ڏسندينءَ جو تپيدار جي گھر واريءَ ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺو هوندو.“ مطلب ته آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ آبپاشي عملدارن جو ڀاڳ کلي ويندو آهي. انهن آڙيڪاپ آفيسرن وٽ ڪمائيءَ جا ڪيترائي ذريعا هوندا آهن، تنهن ڪري پيا جاوا ڪندا آهن. هو قومي مفاد ڇڏي ذاتي مفاد ۾ لڳا پيا هوندا آهن. بچاءُ بندن جي نگراني ڪرڻ لاءِ ڪامورن سان گڏ تَر جي ڀوتارن ۽ سردارن کي اها ذميواري ڏني وڃي، ساک پتِ ته انهن جي به سٺي ناهي پر اهي سهڻي نموني نگراني ڪندا، ڇاڪاڻ ته کنڊ لڳو ته سندن ڳوٺ ۽ زمينون تباهه ٿي وينديون، تنهن ڪري هُو ڪامورن تي ڪرڙي اک رکندا. سکر بئراج جا دروازا ڪِرڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي ته هاڻي کان ئي هشياري وٺڻ کپي ته جيئن اڳتي ڪو وڏو نقصان نه ٿئي. جيڪڏهن ٿورڙي به غفلت ۽ لاپرواهي ڪئي وئي ته تمام وڏي نقصان ۽ تباهيءَ جو خدشو آهي. سنڌ اڳ ئي سورن ۾ آهي، وڌيڪ سورن جي سٽَ نٿي سَهي سگھي.

 

نواز علي شوق/ ڪراچي

 

 

زندان جي جھروڪن مان!

صبح نيرن ڪرڻ کان پوءِ لائبريري هليو ٿو وڃان، جتي مون کان اڳ لائبريري ۾ استاد دانش ۽ شبير ٻررو ويٺل هئا، ڪجھه وقت انهن سان گڏ اُتي ويٺو رهيس، بعد ۾ ڪتاب کڻي پنج نمبر ڦاهي گھاٽ هليو ويس، ڦاهي گھاٽ ۾ رهندڙ قيدين کي ڪتاب ڏيندو پنهنجي جاچ واري دوست محبت مغيريءَ سان ملڻ سندس کوليءَ تي ويس، محبت معيري ۽ آئون هڪ ئي ڪيس ۾ گڏ آهيون، مون کي 25 سال ۽ محبت کي ڦاهيءَ جي سزا لڳل آهي. ڪجھه ڏينهن کان اسان جي فيصلي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. الله ڪندو انصاف ٿيندو. محبت منهنجي ڪافي خدمت ڪئي، ڪافي دير آئون سندس کوليءَ ٻاهران ويهي ڪچهريون ڪندو رهيس، پوءِ محبت کان موڪلائي واپس لائبريري آيس، اها لائبريري ۾ اڃا ويٺس ئي ته مٿان ڀائو راهب ٿيٻو اچي ويو، ڀائو راهب جو تعلق شهيد ڀٽو پارٽيءَ سان آهي، ڀائو راهب مون کي پاڻ سان گڏ بي ڪلاس وٺي هليو، جتي محترم مصطفيٰ پنهور سا به ملاقات ٿي، اسان دوستن بي ڪلاس اندر پارڪ تي ويهي ڪافي دير تائين ڪچهريون ڪيونسين، ڪچهريءَ دوران پارڪ تي ويٺي ويٺي چانهه وغيره به پيئڻ کان پوءِ مان دوستن کان موڪلائي پنهنجي کوليءَ ڏانهن هليو آيس. منهنجي کوليءَ ٻاهران صدام مگسي ويٺل هو، صدام جي طبيعت خراب هجڻ جي ڪي صدام کي اسپتال وٺي ويس، اسپتال مان دوا وٺي جيئن ئي اسپتال مان باهر نڪتاسين ته ان دوران تيز هوا سان گڏ برسات وسڻ شروع ٿي وئي، پوءِ آئون ۽ صدام مگسي برسات جو مزو وٺندا اچي کوليءَ ٻاهران ويٺاسون، برسات بند ٿيڻ کان پوءِ اسان پنهنجي پنهنجي کولين ۾ وڃي بند ٿياسين.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آزاد قوم

14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان کي آزاد ملڪ جو خطاب بخشو ويو ۽ پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل ٿيو جيڪي ملڪ مذھبي آزاديءَ سميت پنهنجي ريتن رسمن ۽ خودمختياري وارا ملڪ ليکيا وڃن ٿا، اسان جي قومي ھيروز جنهن ۾ سر سيد احمد خان، علامه محمد اقبال، قائداعظم ۽ ٻين جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجھد سان اھا ڪاميابي پاڪستان جي قوم کي ملي، اڄ انھن قومي ھيروز جي ڪيل خدمتن کي سونھري لفظن ۾ پڙھيو ۽ لکيو وڃي ٿو، انھن جي ڪيل جدوجهد ڪا ڏينهن ھفتن يا مھينن جي نه ھئي پر اھا سالن جي جدوجهد ھئي جنهن کان پوءِ اسان کي الڳ ملڪ مليو، جتي اسان آزاديءَ سان مذهبي ريتن رسمن ۽ پوري خودمختياري سان رھي سگھون ۽ آزاد فضا ۾ ساھ کڻي سچ ڳالھائي، لکي ۽ پڙھي سگھون پر افسوس جو اڄ پاڪستان کي آزاد ٿئي 77 سال ٿي ويا پر گذريل 15 سالن کان پاڪستان سميت خاص ڪري سنڌ تباھي طرف وڌي رھي آهي، ان جو وڏو سبب سنڌ تي 15 سالن کان مڙھيل پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي، پورو پاڪستان آزاد ھوندي به اڄ غلاميءَ واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهي، عوام مٿان ڪڏهن پيٽرول بم پيا ڪيرايا وڃن ته ڪڏهن گئس جي بلن ۾ پئي واڌ ٿئي، بجلي ته آھي ئي ڪونه ڇا اھو مقصد ھو پاڪستان ٺاھڻ جو؟ عوام ڪيسيتائين غلاميءَ ۾ جڪڙيل رھندو؟ ڪڏهن سنڌ ۽ پاڪستان جو عوام جاڳندو؟ آخر ڪڏھن ان قوم کي حق ۽ ضرورتون مھيا ڪيون وينديون؟ اسان جي قومي ھيروز جو مشن اھو ھو ته پاڪستان اسلامي رياستن ۾ طاقتور رياست بڻجي پر حڪمرانن جي غلط فيصلن ۽ نالائق حڪمران ملڪ کي تباھي طرف ڌڪي رھيا آھن، جي ھاڻي به سجاڳ نه ٿياسين ته اسان آزاد ھوندي به غلامي اسان تي قابض ٿي ويندي پوءِ آزادي ناممڪن آهي، جي حقيقي آزادي حاصل ڪرڻ چاھيو ٿا ته جلد جاڳڻو پوندو ۽ حقن خاطر آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن ھر مظلوم آزاديءَ سان لکي پڙھي ۽ ڳالھائي سگھي ۽ قائداعظم جي ڏنل مشن کي برقرار رکي سگھجي ۽ مڪمل آزادي پڻ حاصل ڪري سگھجي.

سولنگي صفدر/ڪوڙي جا ڀاڻ، نوشھروفيرو

ز

بنگلاديش ۾ تبديلي، شيخ حسينه واجد جو تختو اونڌو!

بنگلاديش جي هڪ آرمي چيف جنرل معين الدين 2006ع ۾ خالده ضياءَ کي حڪومت تان هٽائي هڪ نگران ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ بڻايو هو ۽ اتان جي آرمي شيخ حسينه واجد ۽ خالده ضياءَ ٻنهي جي پارٽين کي ٻاهر به ڪيو، بنگلاديش ۾ ٽن ڏهاڪن کان ٻه وڏيون پارٽيون رهيون آهن، حسينه واجد جي عوامي ليگ ۽ خالده ضياءَ جي بي اين پي، جڏهن ته ٽين اهم پارٽي جماعت اسلامي جتي اهم سمجهي ويندي آهي، 16 ڊسمبر تي بنگلاديش وجود ۾ آيو، جهموريت قائم ٿي، جتي شيخ مجيب جي خاندان ۽ ٻين خاندانن سميت سياست جاري رهندي آئي، حسينه واجد ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم بڻجي حڪمراني ڪندي رهي، ڪوٽا سسٽم خلاف جاري شاگردن جي جدوجهد آخرڪار وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي استعفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو، جتي عوامي احتجاج ۽ ان کان استعفيٰ جي مطالبي کان پوءِ فوجي سربراهه استعفيٰ وٺي کيس محفوظ رستو ڏنو، جنهن استعفيٰ ڏئي لنڊن وڃي پناهه ورتي پر اها ڳالهه به ڪجهه تجزيه نگارن موجب آهي ته جتي عبوري سيٽ اپ اچي سگهي ٿو شايد خالص ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ نه هجي، جنهن ۾ عوامي ليگ کي ڇڏي ٻين سياسي پارٽين جي نمائندگي ٿي سگهي ٿي، عبوري سيٽ اپ کي عوامي ليگ خلاف ڪجهه نه ڪجهه قدم کڻڻا پوندا جتي حسينه واجد استعفيٰ ڏئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ جتي خالده ضياءَ کي آزاد ڪيو ويو آهي جيڪا به اتي وزيراعظم رهي چڪي آهي ۽ گذريل ڪيترن سالن کان گهر ۾ نظربند به رهي آهي جنهن جي عمر 70 سال کان وڌيڪ هوندي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اتي ڪيتري حد تائين اها سياست ڪندي جنهن جو پٽ طارق رحمان عوامي ليگ جي حڪومت جي جبر سبب ٻاهر ڀڄي ويو هو. هاڻي شايد واپس اچي وڃي، جنهن تي پنهنجي والده جي حڪومتي زماني ۾ ڪرپشن جا الزام لڳا ها، ڏٺو وڃي ته بنگلاديش ۾ تبديلي نوجوانن جي احتجاج سبب آئي آهي، جتي شاگردن جي سگهاري جدوجهد مان اهو ثابت ٿيو ۽ اهو پيغام مليو ته طاقت ذريعي عوام جي مرضي کي فتح نٿو ڪري سگهجي پر جتي عوامي ليگ جا گهڻا اڳواڻ اڳ ئي ملڪ مان ٻاهر نڪري چڪا آهن باقي ملڪ ۾ موجود ڪجهه ماڻهو ضرور ڦاسندا جتي ڪجهه مهينن تائين سيٽ اپ هلي سگهي ٿو، ان بعد اليڪشن ٿيڻ کپي پر اها ڳالهه به آهي ته جتي فري ۽ فيئر اليڪشن ٿيا ته امڪان آهي ته عوامي ليگ کي جتي ناڪامي ٿي ۽ جتي موجوده اپوزيشن پارٽين جو ڪو اتحاد اقتدار ۾ اچي وڃي.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

 

سيرن تي سوا سير!

ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کان پوءِ هڪ تنظيم يا جماعت جي ڪراچيءَ جي امير ڪافي وقت اڳ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ سنڌين جي اچڻ ۽ اتي علاج ڪرائڻ تي هڪ بيان ڏنو هو ته سنڌي ڪراچي جي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ ڇو ٿا اچن، انهن کي پنهنجي ڳوٺاڻن علائقن جي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ گھرجي. هتي اڳ ئي شهري ماڻهن جي لاءِ صحت جون سهولتون اڻپوريون آهن، ان وقت منهنجي ذهن ۾ اهو آيو ته هن همراهه کي ڇا ڪجي؟ ان جماعت جي امير ۽ ان جھڙن ٻين بيوقوفن جي دنيا ۾ رهندڙن جو خيال آهي ته شايد ڪراچي سنڌ کان ڪٽيل آهي ۽ هو انڊيا مان ڪراچي پنهنجي گودڙين ۽ هنڌن ٽپڙن جي ڳنڍين ۾ ساڻ کڻي آيا هئا، کين سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ بنگالي، برمي، افغاني، گلگتي ۽ ٻيا ڌاريا ماڻهو ته وڻن ٿا پر پنهنجي ئي ديس ۾ کين سنڌي اک ۾ ڪنڊي جيان محسوس ٿا ٿين. بهرحال! وفاق تي به اهڙن ئي حڪمرانن جي حڪومت آهي جن نه ڪڏهن سنڌين ۽ نه ئي سنڌ جي حقن جي ڪڏهن ڳالهه ڪئي آهي نه ئي کين سنڌين جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن تي ڪو الڪو آهي. ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سنڌ ۽ سنڌي مفاد پرست گدڙن جي هڪ جھڳٽي جي گھيري ۾ اچي ويا آهن. ڳالهه اڳتي وڌائجي ته ملڪ ۾ کائو ۽ کارايو تحت حڪومت ڪندڙ ٽولي کي اها ئي جماعت هاڻ بجليءَ جي جي بلن تي ڏنڊو ڏئي رهي آهي. ان جماعت سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي حساس علائقي مطلب سنڌ اسيمبليءَ جي حدن ۾ پڻ ڪئين اهڙا ڌرڻا هنيا آهن. هن وقت ڏٺو وڃي ته واقعي به بجلي پيدا ڪندڙ ۽ بجليءَ جي ورهاست ڪندڙ ادارن جو عوام سان ڪَلور لڳو پيو آهي، ان جماعت جو اهو ڌرڻو عوامي مفادن ۾ آهي پر هڪ ڳالهه وري به ذهن ۾ اچي ٿي ته ”لتِر پڄي چڪِر کي.“ هڪ جماعت ٻي جماعت کي ڏنڊو ڏيون ويٺي آهي، ڀلي سندن موقف عوامي مفادن جو هجي پر ان جماعت جو اهو امير جيڪو رهي سنڌ ۾ کائي سنڌ جو ڳائي وري ٻين جو ٿو ۽ کيس سنڌي ڏٺي نٿا وڻن. ان جماعت جو سربراهه هڪ سوبر انسان آهي، کيس پنهنجي قيادت جي اهڙن ساڙ ڀرين ۽ تعصب کي هٿي ڏيندڙ بيانن تي به ٿورو ڌيان ۽ اک پٽڻ گھرجي. هن وقت دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، هاڻ آهستي آهستي ئي صحيح پر ماڻهن ۾ اهو شعور ايندو پيو وڃي ته هاڻ جيڪو ڪم ڪندو سو ووٽ وٺندو، ڪم نه ڪندڙ، تعصب، ساڙ، پنهنجا نوازي، رشوتخوري ۽ ميرٽ جي لتار سميت عوامي امنگن تي پوري نه لهندڙ پارٽي اڳتي نه وڌي سگھندي، اها پهريان وفاق ۾، پوءِ صوبن ۾ ۽ پوءِ آهستي آهستي يوسي ليول تي به پنهنجي حيثيت وڃائي ويهندي.

سردار اظهر سولنگي/ٿرپارڪر

 

10آگسٽ شھيد بشير خان قريشي خان جي سال گرھه!

سنڌ ڌرتي جي مھڪندڙ مٽي مان ڪيترن ئي عظيم انسانـن جنم ورتو آھي، جن ڌرتي تي رھندڙ انسان جي خوشحالي لاءِ ساھ جي آخري ھڏڪيءَ تائين پاڻ پتوڙيو آھي، اھڙن ئي اڻموٽ انسانن ۾ شھيد بشير خان قريشي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. شھيد بشير خان قريشي جو جنم 10 آگسث 1959ع تي موٽڻپور محلي رتيديري ۾ غلام مرتضيٰ قريشي جي گھر ۾ ٿيو.1974 ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان رتيديري مان پاس ڪري انٽر جو امتحان شڪارپور جي ڪاليج مان پاس ڪرڻ بعد 1978ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي. بشير خان قريشي سياست جي شروعات 1978ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊٽنس فيڊريشن  جساف ۾ شموليت سان ڪئي، ھن جساف ۾ انتھائي خلوص سان سائين جي ايم سيد جي فڪر جي واڌاري لاءِ بنا عھدي جي ڪم ڪيو. اھڙي طرح 1986ع ۾جساف جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو. 1990ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو. 1998ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين چونڊيو ويو ۽ ساھ جي آخري ھڏڪي تائين ان عھدي تي رھيو. سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ بشير خان قريشي زندگي جا 10 سال قيد ۾ ڪاٽيا. بشير خان قريشي ھر قومي مسئلي تي سنڌي قوم جي اڳواڻي ڪئي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت، سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري، سنڌ تي ٻٽو مڪاني نظام ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ٿيندڙ ھر جاکوڙ جي سرواڻي ڪئي. بشير خان قريشي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف سکر کان ڪراچي تائين ڪامياب پيدل مارچ ڪيو، ھن جي دلي خواھش ھئي ته سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت آزادي ماڻي. بشير خان قريشي ”سنڌ گھري ٿي آزادي“ جي نالي سان ٻه ڀيرا ڪراچيءَ ۾ ڪامياب آزادي مارچ ڪيا، جن تي سنڌي ماڻھن کين ڀرپور موٽ ڏني. بشير خان قريشي سنڌ ۾ ھلندڙ قبيلائي تڪرار ميڙ منٿ قافلن جي ذريعي حل ڪرايا، ھو 2012ع ۾ ڪراچي شھر ۾ تاريخي آزادي مارچ ڪري سنڌ جو آواز عالمي ميز تي پھچايو، کيس 7 اپريل تي اسان کان ھميشه لاءِ ڌار ٿي ويو. ڪالهه 10 آگسٽ تي سندس ڄمڻ جي ڏينهن  تي کيس سرخ سلام ڪيو ويو.

الھ بخش کوسو/ نوان جتوئي

 

سراج لاشاري بااثرن

جو محافظ آفسر!

ھي سراج لاشاري آھي جنھن کي ڪجھ نادان ماڻھو ۽ پوليس کاتو وڏو ايماندار سمجھندا آھن پر تاريخ شاهد آھي ته سراج لاشاري سنڌ جي سڀني ھاءِ پروفائيل ڪيسن کي ناقص جاچ دوران ٽوڙي ظالم قاتل بااثر جوابدارن کي فائدو ڏنو آھي، سندس جاچ جي سمورن ھاءِ پروفائيل ڪيسن جي فريادين جا ڪيس ڪمزور ھجڻ سبب راڄوڻي ٺاهه ڪيا، سراج لاشاري سدائين مظلوم مقتولن جي خونن جا بااثر قاتلن سان سودا ڪرايا، ٺٽي جي ناظم جوکئي، ٺل جي صدام لاشاري، خيرپور جي فاطمه ڦرڙو سميت انيڪ ھاءِ پروفائيل ڪيسن جو جاچ آفيسر ھي ايماندار رھيو، ياد رھي ته سراج لاشاريءَ پاران بااثرن جي ونگار وھڻ سبب ناظم جوکئي، صدام لاشاري سميت انيڪ ھاءِ پروفائيل ڪيسن جا راڄوڻا ٺاهه ٿيا، فاطمه ڦرڙو ڪيس به ھن ظالم ٽوڙي ڇڏيو، سندس خون جي به عنقريب راڄوڻي ٿيڻ واري آھي. تازو صحافي نصرالله گڏاڻي جو ڪيس به ھن ظالم خراب ڪري ڇڏيو. نصرالله گڏاڻي ڪيس جي مک جوابدار ايم اين اي خالد لنڊ جو نالو ڪيس مان سراج لاشاري خارج ڪري ڇڏيو، سنڌ پوليس پاران ايماندار آفيسر طور سڃاتو ويندڙ سراج لاشاري جي بدعنواني ۽ بي ايماني جا مون ڪجھ واقعا بيان ڪيا، سراج لاشاري کي سوچڻ گھرجي ته ھن جھان ۾ ظالمن ۽ قاتلن کي خوش ڪرڻ خاطر يا پنھنجن مفادن خاطر مسڪينن مظلومن جا ناحق خون ٿو لوڙھي ڇڏي، پر خدا پاڪ اڳيان ناحق مظلومن مقتولن جي رت جي ھڪ ھڪ ڦڙي جو حساب ڏيڻو پوندس.

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

 

جديد ٽيڪنالاجي، تحريڪون، احتجاج، ڌرڻا ۽ پابنديون!

تحريڪن، احتجاجن يا ڌرڻن جي تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته اهي هميشه ظلم ۽ ناحق خلاف پنھنجو آواز بلند ڪرڻ لاءِ ٿيندا رهيا آھن ۽ پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ تائين جاري رھندا آھن. ماضيءَ ۾ احتجاج پراثر به ٿيندا ھئا ۽ وقت جي حاڪمن کي ڏکيا به پوندا ھئا، ڇوته ماضيءَ ۾ حڪومتون، اسٽيبلشمينٽون ۽ سندن لاڳاپيل ادارا جديد ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس کان محروم هوندا هئا، تنهن ڪري تحريڪون يا احتجاج وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿيندا هئا. وقت سان گڏ اسٽيبلشمينٽون ۽ انٽيليجنس ادارا جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ٿيندا ويا ۽ ننڍين وڏين تحريڪن کي ڪچلڻ ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيندا ويا. اڄ جي دور ۾ هر ماڻهوءَ وٽ هڪ موبائل فون موجود آهي، جيڪا کين سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز عوامي اظهار لاءِ هڪ اثرائتو ذريعو بڻجي چڪا آهن پر ساڳئي وقت پروپيگنڊا به پکيڙين ٿا. اسٽيبلشمينٽن لاءِ پروپيگنڊا ۽ حق جي آواز ٻئي ڏکيائيون پيدا ڪن ٿا، ان ڪري اهي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ماڻهن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، انهن جا اڪائونٽ بلاڪ ڪن ٿيون ۽ سوشل ميڊيا تي پابنديون لڳائن ٿيون. اڃا به ماڻھو نٿو مُڙي ته ان کي کنڀي لاپتا به ڪري ڇڏين ٿيون. اھڙي روش دنيا جي ھر خطي ۾ ئي موجود آھي پر احتجاج ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ موجود رھن ٿا. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سوشل ميڊيا تي پابندين لڳائڻ جا ڪئين مثال ملن ٿا. مثالطور ڀارت ۾ مختلف موقعن تي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي بلاڪ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ايران ڪيترن ئي موقعن تي انٽرنيٽ کي مڪمل طور تي بند ڪيو آهي ته جيئن عوامي احتجاجن کي روڪيو وڃي. اظهار راءِ جي آزادي جي وڏي علمبردار آمريڪا ۾ به سوشل ميڊيا جي استعمال تي سخت پابندين لڳائڻ جا مثال موجود آهن، ھاڻي بنگلاديش ۾ سوشل ميڊيا تي پابنديون ۽ انهن سان لاڳاپيل واقعا عوامي اظهار جي آزادي تي سنگين اثر وڌا آهن ۽ ان جو نتيجو به اسان ڏسي چڪا آھيون. پاڪستان ۾ به اڄ ڪلهه ”فائر وال“ جي نفاذ جو وڏو چرچو آهي. هيءَ فائر وال انٽرنيٽ ٽريفڪ کي فلٽر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو مقصد ”ملڪي سلامتي“ ۽ ”اينٽي اسٽيٽ پروپيگنڊا“ کي روڪڻ آهي. ان جي نتيجي ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن سان ڪاروبار ۽ صارف ٻئي متاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي فائر وال چين جي ”گريٽ فائر وال“ کان متاثر آهي، جيڪو انٽرنيٽ ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ حساس مواد جي رسائي کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جديد ٽيڪنالاجي جي بدولت اسٽيبلشمينٽن جي طاقت ۾ اضافو ٿيو آهي پر هڪ وڏي آبادي کي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن آهي، وي پي اين ۽ ٻين ٽيڪنيڪل ايپليڪيشن ماڻهن کي انهن پابندين کي باءِ پاس ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي آھي پر پاڪستان ۾ اھڙين سمورين ايپليڪيشن کي بند ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آھي. حڪومتن کي گهرجي ته اهي جائز تنقيد ۽ حق جي آواز کي ٻڌن ۽ پنهنجي پاليسين ۾ اصلاح آڻين ته جيئن عوامي مسئلا گهٽ ڪري سگهجن. ان سان گڏوگڏ عوام کي به گهرجي ته اهي سوشل ميڊيا کي ذميواري سان استعمال ڪن ۽ پروپيگنڊا بجاءِ حق جي آواز کي بلند ڪن.

علي رضا/ڪراچي

 

واهي پانڌي ۽ ڳوٺ پريو جمالي جي حالت نه سڌري!

ڪاڇي جي شهر واهي پانڌي ۽ ان جي قديم ڳوٺ پريو جمالي سان حشر نشر لڳو پيو آهي، هتان جا شهري عذاب ۾ وڪوڙيل آهن، هتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن، ڪاڇي ۾ ٻه ڏينهن اڳ پيل برساتن جو پاڻي ڪاڇي جي حاجي خان شهر ۽ ان جي مختلف گهٽين ۾ بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري ماحول گندو ۽ بدبودار ٿي ويو آهي. شهر جي مک بازارن توڙي گهٽين مان عوام جو گذرڻ ڏکيو بڻيل آهي. اسان جي جوهي تعلقي جي يونين ڪائونسل جي چيئرمين عام ڏينهن ۾ ڪم نٿا ڪرائين، اهڙن موقعن تي شهر ۽ شهر واسين جي سار لهڻ، پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪوششون وٺن ته جيئن عوام جون تڪليفون دور ٿي سگهن. ‎

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو