تاريخ جو هڪ ورق! امانتون رکڻ!
حضرت امام شافعي رحه جي امڙ سڳوري نيڪ ۽ پهتل عورت هئي، گھڻائي ماڻهو وٽس پنهنجون امانتون رکندا هئا، هڪ ڀيري ٻن ڄڻن ڪپڙن سان ڀريل هڪ پيتي وٽس امانت رکي، ڪجھه ڏينهن کان پوءِ هڪ ڄڻو اها پيتي کڻي ويو. ڪجھه عرصي کان پوءِ ٻيو شخص آيو اچي پيتيءَ جي گھر ڪيائين، نيڪ بيبيءَ چيو ته: ”اها پيتي تنهنجو ساٿي جيڪو توسان گڏ آيو هو، سو کڻي ويو.“ تنهن تي هن چيس ته: ”جڏهن اسان ٻنهن گڏجي اها پيتي اوهان وٽ امانت طور رکرائي هئي ته پوءِ اوهان منهنجي موجودگيءَ کان سواءِ هن کي ڇو ڏني؟“ هن جي اها ڳالهه ٻڌي بيبي صاحبه کي ڏاڍي پشيماني ٿي، هوءَ پريشان هئي ته ايتري ۾ امام شافعي گھر آيو، سندس امڙ کيس ساري حقيقت ٻڌائي ته امام صاحب ان شخص کي چيو ته: ”تنهنجي پيتي موجود آهي، تون اڪيلو ڇو آيو آهين؟“ پنهنجي ساٿيءَ کي ڇو نه وٺي آيو آهين. وڃ وڃي پنهنجي ساٿيءَ کي وٺي اچ ته توهان جي پيتي توهان کي ڏيون، اهو جواب ٻڌي هو پشيمان ٿيو ۽ واپس هليو ويو.
نواز علي شوق/ ڪراچي
هڪ چٺي وزير اعلي سنڌ ڏانهن!
محترم سائين اسلام عليڪم آئون ڳوٺ حاجي نور محمد خان لغاري يوسي کوهارا تعلقي گهوٽڪي ضلعي گهوٽڪي جو رھواسي سائين جن کي عرض ٿو ڪريان ته گھوٽڪي ضلعي جي ڪافي قبرستانن تي قبضا ٿيل آهن، جڏهن ته ھاءِ ڪورٽ به حڪم ڏنو آهي، قبرستانن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ قبرستانن کي چوديواري ڏياري وڃي جيئن قبرون مسمار ٿيڻ کان پچي سگهن پر افسوس گھوٽڪي ضلعي آفيسر هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو اٿن، هن مهل تائين قبضو ڪندڙن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ٿي سگهي ڇا قبرستانن جي ايراضي تي قبضو ڪندڙ ايڏا بااثر آهن جو انهن خلاف ڪارروائي نه ٿي آهي. گهوٽڪي شهر ۾ ڪافي قبرستان آهن جن جي ايراضي تي قبضا ٿيل آهن. جنهن جي ماليت هن وقت ڪروڙين رپين جي آهي. عادلپور ٽائون جي سروي نمبر 333 جي ايراضي تي قبضو ٿيل آهي ۽ سروي نمبر 2 قبرستان جي ايراضي تي قبضو ٿيل آهي ۽ ڇتن شاھ جي قبرستان جي ايراضي تي قبضو ۽ پير بغدادي شاھ جي قبرستان جي ايراضي تي قبضا آهن آخر انهن قبضن کي ڪير ختم ڪرائيندو؟
فرمان علي لغاري/گهوٽڪي
جوانيءَ جي انڌي گھوڙي!
جوانيءَ ۾ ماڻهو انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل هوندو آهي، جوانيءَ جي نشي ۾ اک ڪرڙي ۽ مُڇن کي تاءُ هوندو آهي، جوانيءَ ۾ ٻانهن جي ٻل سبب کٽئي ۽ ڇيهي جي خبر به نه پوندي آهي، ڇا پاڻ سڀني ٻُڌو ۽ پڙهيو آهي، شايد ان ڪري ئي هر آئي ڏينهن نوجوانن جي ڪردار تي بحث ڪرڻ نوجوانن جي مسئلن تي روشني وجهڻ کين ڏس ۽ ڏانءُ ڏئي گس تي چاڙهڻ جي ضرورت پئي محسوس ٿيندي آهي، جواني جي نشي ۾ ٻڏل ۽ انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل ٻار ۽ ٻڍي جي وچ واري وهي جا مالڪ نوجوان ته ٻارن ۽ ٻڍن جا رکوال هوندا آهن، نوجوانن کي کپي ته پوڙهن کي ڇڏين ته هو سندن تجربن مان تربيت حاصل ڪن، نوجوان ٻارن جا ٻانهن ٻيلي ۽ ڀرجهلا ٿين ته انهن جو مستقبل سنورجي، هر نوجوان کي اک پٽڻ گهرجي ته کين ڪرڻ ڇا گهرجي ۽ هو ڪن ڇا پيا؟ معاف ڪجو مون کي ته اڪثر نوجوان چالاڪ ۽ موقعي پرست سماجدانن، سياستدانن، ڪاروباري صحافين، اخبار، ريڊيو ۽ ٽي وي مالڪن جي هٿن جا رانديڪا ۽ انهن جا ڪارندا محسوس ٿيندا آهن. اسان کي اسان جي اڄ جي نوجوان جو جيڪو ڪردار آهي اهو وري وري سوچڻ تي مجبور پيو ڪري، پاڻ سڀني يعني ٻارن، نوجوانن ۽ پوڙهن کي سوچي سمجهي وک کڻڻ کپي، ڪمپيوٽر ۽ موبائيل جو نشو سگريٽ، پان، چرس، ڀنگ ۽ شراب جو نشو اين جي او، سياست، صحافت، شاعري ۽ نثر نويسي جو نشو ڀلي سڀ نشا ڪريو پر بيلنس توازن به برقرار رکو.
انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ
ٺل شهر جي صفائي ڪرايو!
ٺل شھر جي ڊرينج جي گندي پاڻي جو آزار وڌي ويو آھي، جنھن ڪري اڪثر شھر جا پاڙا، ڪالونيون ۽ مين بازارون ڊرينج جي گندي پاڻيءَ جي ور چڙهي ويون آهن ۽ ان آزار سبب شھري پريشان آھن. گندي پاڻيءَ جي بيٺل تلائن جي ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي، جنھن جي ڪري شھري مليريا ۽ ھيپاٽائٽس سميت ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن. اسين ضلعي انتظاميه، سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ٺل شھر جي ڊرينج جي گندي پاڻي لاءِ شھر کان ٻاھر تلاءَ ٺھرائي ڊريينج جو گندو پاڻي انھن تلائن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي، جنھن بعد انھي گندي پاڻي کي فلٽر ڪري زرعي زمينن کي آباد ڪندڙ واھن ۽ شاخن ۾ ڇوڙ ڪري آبي جيوت ۽ زراعت لاءِ استعمال ڪيو وڃي. شھر جي نالين جي بيٺل گندي پاڻي ۽ سياري جي موسم ايندي ئي شھر ۾ مڇرن جو آزار به وڌي وڃي ٿو، جنھن ڪري شھري مرد، عورتون ۽ ٻارڙا سڄي رات مڇرن جي آزار سبب ننڍ نٿا ڪري سگھن جنھن جي ڪري ٺل شھر جي صفائي سٿرائي ڪرائي نالين جو گندو پاڻي نيڪال ڪري مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن شھري سک جي ننڍ سمھي سگھن.
محمد رمضان نوناري/ٺل
اسان کي به بنيادي سهولتون ڏيو!
پنو عاقل شهر کان 3 ڪلوميٽر پري هڪ نالي وارو ڳوٺ جواريون ميربحر واقع آهي جيڪو 200 کان 250 گهرن تي مشتمل آهي، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهي، هونئن ته هتي گهڻين شين جي کوٽ آهي پر هن وقت ڳوٺ جي رهواسين لي وڏي تڪليف اها آهي ته هن ڳوٺ ۾ نيڪال جو ڪو نظام ناهي، جنهن ڪري ڳوٺ جواريو ميربحر ۾ سموري ڳوٺ جي نلڪن جو پاڻي خراب ٿي انساني صحت لاءِ نقصانڪار ٿي چڪو آهي، مجوريءَ تحت خراب پاڻي پيئو ٿا، جنهن ڪري ڳوٺ جي 90 سيڪرو آبادي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي، جھڙوڪ ڪاري ڪامڻ ۽ وڏو بخار وغيره ۽ ڳوٺ جي ويجهو ڪا سرڪاري اسپتال جي سهولت پڻ ناهي جو بيمار ماڻهن جو ترت علاج ڪرايو وڃي، تنهن ڪري اسان جي ڳوٺ جواريو ميربحر کي نيڪال ۽ اسپتال جي سهولت ڏني وڃي ته جيئن اسان جي ڳوٺاڻن جون زندگيون بچي سگھن.
شعيب سنڌي/ڳوٺ جواريو ميربحر
سنڌ جا صحافي غير محفوظ ڇو؟
قلم ڌڻين تي ٿيندڙ قاتلاڻا حملا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ڪو ڪٿي ڪٺو، ڪو ڪٿي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو، ڪجھه عرصو اڳ غلام نبي شاھ جو بيباڪ سچو ايماندار صحافي مشتاق ڪنڀر تي ٿيل قاتلاڻي حملي بعد جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي عم ۾ ناهي آندي وئي، جڏهن ته مشتاق ڪنڀر کان موٽر سائيڪل 15 هزار روڪ، ٽچ موبائيل به ڦر بعد مٿس تشدد ڪري سخت زخمي ڪيو ويو. مشتاق ڪنڀر لاڳيتو 5 کان 6 ڏينهن سول اسپتال ڍوروناري ۾ داخل هو، اتان کيس ڊسچارج ڪيو ويو پر افسوس اهو آهي ته اڄ ڏينهن تائين جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي. مشتاق ڪنڀر جو ڪنهن سان ذاتي تڪرار ناهي، بس سندس سچ لکڻ گهڻن کي پسند ناهي، انهي ڪري هن تي هر روز قاتلاڻا حملا ڪيا پيا وڃن. اتي پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، ڇا هن دور ۾ سچ لکڻ يا قلم کڻندڙ کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته مون حملو ڪندڙ يا قتل ڪندڙ جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي، مان هڪ لاوارث ٻار وانگي ڪٿي به لاش بڻجي ڪريل ملندس. اسان جي ايس ايس پي عمرڪوٽ، ڊي آءِ جي ميرپور خاص کان اپيل آهي ته جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري مشتاق ڪنڀرکي انصاف ڏياريو وڃي.
ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور
پاڻيءَ لاءِ واجھائيندڙ حياتيون!
سنڌو درياهه جيڪو تبت مان وهي، ٺٽي ويجهو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، اهو سنڌو درياهه پنهنجي ان سفر ۾ ڪيترن ئي شهرن، ڳوٺن ۽ واھڻ وستين کي سيراب ڪري ٿو پر سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي قائم ڪوٽڙي سائيٽ جا علائقا پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، المنظر وٺان سنڌو درياهه مان ڪي بي فيڊر تارو تار وهندي ڪوٽڙي مان گذر ڪري ٿو پر اهو پاڻي ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقن لاءِ سالن کان بنھ بند آهي، ڀلا ايئن ڇو آهي؟ ايشيا جي شاهوڪار ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي ۾ بنيادي انساني زندگي جي ٻين سهولتن جي ته اڻهوند آهي پر ان سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي جي به شديد کوٽ آهي، 2000ع کان واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون ناڪارا بڻيل آهن، جڏهن ته علائقي واسي ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي آهن، آخر هتان جي رهواسين سان اهڙي ويڌن ڇو آهي؟ ڪير سندن دانهن ٻڌي داد رسي ڪندو؟
عمران چانڊيو/ڄامشورو
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪٽوتي بند ڪرايو!
احساس پروگرام ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط ايندي ئي احساس پروگرام سينٽر مافيا ۽ ايڇ بي ايل، اي ٽي ايم مافيا غريب مسڪين عورتن سان ظلم ڪري ڏنو آهي. في ڪارڊ تي هڪ هزار کان 15 سئو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته ضلعي سجاول، ٺٽي، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي سينٽرن تي غير قانوني ڪٽوتي ۽ غريب مسڪين عورتن جي رش سبب تذليل روز جو معمول بڻيل آهي. پوليس احساس پروگرام جي مافيا کان تمام ڳري رشوت وٺي ٿي، جنھن سبب پوليس اهو سمورو تماشو ڏسي به خاموش بڻيل آهي. ڪجهه پوليس وارا هٿ سان رشوت عيوض غريب مسڪين عورتن کان هزار کان ٻه هزار وٺي پئسا ڪڍرائي ڏين پيا. هتي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پيز خاموش آهن، شايد انهن کي به حصو پتي ملي ٿو، جنھن سبب ڪنهن به قسم جي ڪا به قانوني ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. هتي غريب مسڪين عورتن کي ڪيترائي ئي ڏينهن ايڇ بي ايل، اي ٽي ايم ۽ احساس پروگرام جي سينٽرن جا چڪر ڪٽرايا وڃن ٿا ته جيئن تمام گهڻي غريب مسڪين عورتن جي تذليل ٿيڻ کان پوءِ اهي هزار کان ٻه هزار رپيا رشوت ڏيڻ تي راضي ٿي وڃن. اسان آءِ جي سنڌ، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا غريب مسڪين عورتن سان ٿيندڙ هي ظلم بند ڪيو وڃي ۽ کين 12 هزار جي قسط بنا ڪنهن ڪٽوتي جي ڏني وڃي.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
مهانگائي سبب پريشان غريب عوام!
وفاقي حڪومت پاران مسلسل ٽئڪسن ۾ واڌ، پيٽرول، گئس، بجلي ۽ عام واھپي جي شين اٽي، گيھ، کنڊ جي قيمتن ۾ روز به روز واڌ جي ڪري غريب پورهيت ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، مهانگائيءَ سبب عوام جي برداشت جي حد ختم ٿي چڪي آهي، ھاڻي ملڪ ۾ بک ۽ بدحالي جي ڪري ملڪ جو امن خطري ۾ پئجي ويو آهي، ڦرن، ڌاڙن، چورين ۽ رتوڇاڻ جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، ان جي ذميوار حڪومت ئي آهي، ان کان پھرين حڪومت جي مٿان جيڪي عوام جون ذميواريون آھن انھن تي حڪومت ڌيان ڏئي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري پنھنجي ذميواري نڀائي، عمران خان جي حڪومت ۾ صرف مهانگائي واري تبديلي آئي، باقي غريب عوام کي اڃا تائين ڪو به رليف ناھي ملي سگھيو، هن حڪومت ان گذريل حڪومت جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، غريب ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ سبب فاڪاڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھن. حڪومت جيڪڏھن عوامي مسئلن طرف ڌيان نه ڏنو ته ملڪ ۾ بدامني جي فضا قائم ٿي ويندي، ڪنھن به ماڻھوءَ جي جان مال محفوظ رھي نه سگھندي.
وفا بابو پٺاڻ/سجاول
اسان جو حال ايئن ڇو آهي؟
منھنجون لکڻيون اڪثر ڪري سماجي مسئلن جي حل ۽ انهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ھونديون آھن، سماج جي چئوطرف اوندهه لڳي پئي آھي، لاقانونيت، عدم تحفظ، سماجي ناانصافيون، سماجي برايون، تعليم جي کوٽ، ڪرپشن ادارن جي تباھي سميت ھزارين سماجي مسئلا آھن. اسين ھميشه انھن مسئلن جو ذميوار وقت جي حڪومت کي سمجھندا آھيون، اسان ڪڏھن اھو سوچيو آھي ته ڇا انھن مسئلن جا ذميوار اسان پاڻ ته نه آھيون؟ يا اھي مسئلا پيدا ڪرڻ ۾ اسان جو ڪردار ته نه آھي؟ حقيقت ۾ جيڪو ڪجھ اسين ڀوڳيون پيا ان جي ذميوار حڪومت وقت سان گڏوگڏ اسين پاڻ پڻ آھيون، اسين اليڪشن ۾ اھڙن ماڻھن کي چونڊرائيندا آھيون جيڪي بعد ۾ اسان مٿان جابر حڪمران بڻجي حڪمراني ڪندا آھن، اسان جي اھا روش پنجاهه سالن کان جاري و ساري آھي، اسان جي ڏاڏي ھڪ سياستدان کي ووٽ ڏنو، ان جي مرتئي کان پوءِ اسان جي ابي وري ان مرحوم سياستدان جي پٽ کي ووٽ ڏنو، وري اسان ابي مرحوم جي گراھڪ سياستدان جي مرڻ پڄاڻان سندس پٽ کي ووٽ ڏينداسين، يعني اسين نسلن کان وڏيرن، سردارن، نوابن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن وٽ گروي ۽ سندن غلام آھيون. ابي ڏاڏي جي ريت کي زنده رکيون پيا اچون، اسان جي ان ريت ۽ روش اسان کي اڄ اھڙي منزل تي پھچايو آھي ته اسان جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس به نه آھي، لاشن جا پوسٽ مارٽم سوئيپر پيا ڪن، سرڪاري اسپتالون ڀڙڀانگ لڳيون پيون آھن، اسڪول بند، تعليم تباهه بڻيل آھي، اھڙي صورتحال ۾ مسئلن جو ڪنھن ٻئي کي ذميوار قرار ڏيڻ بجاءِ اچو ته پنھنجي حال تي ماتم ڪريون، ڇو ته اھو ماحول اسان پاڻ پنھنجي لاءِ پيدا ڪيو آھي، ھاڻ روئڻ پٽڻ، دانھون ڪوڪون ڪرڻ سان اسان کي ڪجھ حاصل نه ٿيندو، رب پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته مان ڪنھن قوم جو تقدير ايستائين نٿو بدلايان جيستائين ڪا قوم پنھنجي تقدير بدلائڻ لاءِ پاڻ ڪوشش نٿي ڪري، اچو ته پنھنجي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون، ڪوشش ڪريون ته ڪيئي سالن کان پاڻ مٿان ٿاڦيل علاقائي، ملڪي، ڪرپٽ، چور، ٺڳ، ليٽيرن، ديسي دلالن کي ٿڏي سچار ۽ صالح ۽ ايماندار ماڻھن کي ووٽ ڏئي پنھنجي تقدير تبديل ڪيون.
اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي
بدقسمتيءَ تي ويچار!
ننڍي هوندي دادو کي ويٽنام جو لقب ملڻ جو بڌندا هئاسين، ماڻهن ڪوڙ هڻي هڻي پڪ ڏياري ڇڏي پر جڏهن وک وک سنڀالي ۽ سانڀر ۾ ٿياسين ته خبر پئي ته دادو کي ويٽنام سڏيو ويندو هو پر حقيقت ۾ انتظامي طور تي دادو بدنام آهي، دادو ضلعي جا شهر، ڳوٺ اداراتي طور تي تباهه آهن پر ضلعي هيڊڪوارٽر شهر به مڪمل طور تي ”ڀڃ ڊاهه“ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، ايڏي بيوسي آهي جو ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي اوقات صوبائي حڪومت کان صرف چند فائر برگيڊ وٺڻ جي به ناهي ۽ ڳالهه وري ڪندا ته وفاق هڙ کائي ويو. تازو دادو شهر جي شاهي بازار ۾ هڪ شاپنگ سينٽر جي دڪانن کي باهه لڳي وئي، باهه جو اطلاع ترت مقامي فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو جنهن مان هڪ ڄڻو پاڻ گاڏي ڪاهي آيو ۽ پاڻ ئي پئي باهه وسائي، شاپنگ سينٽر جي تقريبن 10 دڪانن کي باهه وڪوڙي وئي پر فائر برگيڊ جي گاڏي ”جنهر“ ۽ عملو نه هجڻ ڪري دڪانن جو سامان خاڪ ٿي ويو، بعد ۾ سيوهڻ مان فائر برگيڊ گهرائي وئي، تسيتائين سڀ ڪجهه ڪارو ٿي چڪو هو ۽ لکين رپيا دونهون ٿي ويا، اخبارن ۾ پڙهندا آهيون ته دادو جي فلاڻي ڳوٺ ۾ باهه ترت اطلاع باوجود فائربرگيڊ دير سان پهتي، جنهن سبب نقصان ٿيو، پر هي واقعو ته شهر ۾ ٿيو ۽ فائر برگيڊ جي آفيس به سڏ پنڌ تي هئي ته پوءِ ايڏو نقصان ڇو؟ ان لاءِ جو اها ضلعي، تعلقي، ڳوٺن جي ته بدقسمتي آهي پر ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي به وڏي بدقسمتي آهي، ڪوڙي جمهوريت هجڻ ۽ آمريت گذرڻ جا مثال ڏئي عوام جي اکين ۾ مرچ وجهندڙ جي اوقات پنهنجي حڪومت کان ٻه چار فائر برگيڊ وٺڻ جي به ناهي، وري دعويٰ ڪندا ته اسان دادو ضلعي سدائين ”ڪلين سويپ“ ڪيو آهي، دادو ۾ شاپنگ سينٽر ناهي سڙيو پر 4 لک آبادي واري شهرين جي قسمت سڙي آهي، ان سان گڏ چونڊيل نمائندن، ”ڄنڊا پَٽ“ جي اهم مرڪز دادو ميونسپل ۽ فائر برگيڊ جي پت وائکي ٿي آهي. تازو ئي وفاق خلاف رڙيون ڪندڙ پنهنجين غلطين تي ڪڏهن به نه ويچاريندا. پ پ سرڪار، ضلعي مان مقرر ٿيل وڏي وزير جا ٻه صلاحڪار، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ڊي سي دادو باهه متاثر دڪاندارن جي لکين وپين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ انهن جي خاندانن کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.
درياءُ خان جهتيال/دادو
تعليم دوست، اديب، استاد عبدالله جروار کي جنم جون مبارڪون!
تعليم کاتي ٽنڊوالھيار کي پنھنجي زندگيءَ جا ڪيترا سھڻا وڻندڙ ڏينھن بطور اسڪول ٽيچر ارپيندڙ سائين عبدالله جروار ھن ضلعي سميت سنڌ جي گھڻن ضلعن جي استادن سان پنھنجي تھذيبي روايتي محبتي سلوڪ سبب عزتون ماڻيندڙ شخصيت سمجھيا وڃن ٿا. رٽائرمينٽ کان پوءِ به سندس سلوڪ ۽ کيڪارڻ ۾ ڪي به متڀيدي رويا ڏسڻ ۾ نه اچڻ ڪري پاڻ مسلمانن ھندو ڌرم وارن سميت عيسائين توڙي اميرن غريبن سان کل خوشيءَ سان ملندا آھن. استاد عبدالله جروار جا ڪيترا، سڌورا شاگرد ملندا جيڪي ھاڻ وڏن عھدن يا ڪاروبار ۾ پنهنجو وقار ڀريو نالو روشن ڪري چڪا آھن. ھن استاد جي اعليٰ خاصيتن ۾ ادب طرف لاڙو رھڻ ڪري سندس واسطا اديبن، ليکڪن، ساڃاھ، وندن، شاعرن، ھنرمندن، فنڪارن ۽ آرٽسٽن سان به رھڻ ڪري پاڻ انھن جي زندگين توڙي ڪارنامن کي لفظن جي روپ ۾ ڪالم لکي پيش ڪرڻ واري اسلوب جو فن چڱي ريت ڄاڻين ٿا. ان ڏس ۾ جروار صاحب جا ڪيترا مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا آھن جن ۾ اڪثر پاڻ شخصيت جي ڪردار ۽ پورھيي کي اجاگر ڪري لڪل، گم ٿيل يا گوشئه نشيني ۾ رھندڙ املھ ماڻڪن کي مضمونن جي زينت وسيلي عزت احترام سان پڌرو ڪندي آگاھي ڏني آھي. سندس ڪيترا مضمون صالح فرض شناس، محنتي ۽ سنڌ دوست استاد صاحبان جي زندگين تي لکيا ويا آھن. سائين جروار پنھنجي شوق سبب بغير ڪنھن دنياوي لالچ يا اجائي وڏائي کان ھٽي ڪري پنھنجي کوجنا ۽ لکڻ واري ڪم سان پاڻ کي مصروف ۽ مشغول رکيو اچڻ ڪري سدا جوان ھمت ڀريو ۽ پير پنڌ ۾ اڳڀرو ڏسجي ٿو. اڄ اوچتو سندس جنم ڏينهن جي خبر ڏٺم ته ھي مختصر اکر سندس جاکوڙي محبتي ڪردار بابت ضروري سمجھندي پيش ڪيا اٿم جيڪي شال منظور ٿين ته ڄڻ لک کٽياسين. بيشڪ! ھن مجاھد صفت انسان کي جس ھجي جيڪو ڪنهن نه ڪنھن ريت پنهنجي تاريخ ساز ڪم سان نڀاءُ ڪندي علمي ادبي سماجي ۽ فني روشني سان سنسار کي سنوارڻ ۽ سينگھارن لاءِ پنھنجو قيمتي حصو شامل ڪندو رھي ٿو. اصل ۾ ھھڙا سچار ماڻهو اقتداري ايوانن ۾ ڪامياب ڪري پھچايا وڃن ھا ته گھڻيون ترقي واريون تبديليون رونما ٿيندي ڏسون ھا.
منظور ڪالرو/ حيدرآباد