حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

اڄ به سينٽرل جيل حيدرآباد اخبارن جي زينت بڻيل رهي ٿو، مختلف آفيسر جيل ۾ ٿيل جھيڙي جي انڪوائري ڪرڻ اچن ٿا، ڪامريڊ ارباب ڀيل لائبريريءَ مان ڪتاب کڻڻ اچي ٿو، هُو ڪو ڏينهن ڪتاب مون کان کڻي وڃي ٿو ۽ بدلي ۾ مون کي علي بابا جو ناول “موهن جو دڙو” ڏئي ٿو وڃي، اصل ۾ ان ناول جي مون تمام گھڻي تعريف پڙهي ۽ ٻڌي هئي، ان لاءِ ئي اڄ آئون اهو ناول پڙهندس. حيدر علي راجپوت کي ڀرواري کوليءَ ۾ چريائپ جو دورو پوي ٿو، جنهن کي جوابدار ڪريم ڏاڍا چمبا هڻي ٿو. ڊسپينسر سنتوش هُن کي ڊبل وارڊ روانون ڪرڻ وقت ڪريم کي چئي ٿو ته حوالدارن کي چئجان ته هُن کي مُجيب واري دوا لازمي ڏيندا رهن. شام جو خبر پئي ته اها مجيب واري دوا موچڙائي هئا جيڪا هُن کي تمام گھڻا مليا. آر جو ڪم ڪيوسين، وقت هاڻ بلڪل به نٿو گذري، خبر ناهي ته ڪڏهن آءِ جي آفيس مان منهنجي آزاديءَ جي پرچي ايندي؟ هينئر رشيد ۽ چا حسين ٽي وي ڏسي رهيا آهن ۽ مون کي پياري ڀاءُ اسد عليءَ ۽ فياض عليءَ جي تمام گھڻي ياد اچي رهي آهي. (05 اپريل 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

ڪُتب خانا!

خلفاءِ فاطمين، قاهره جو ڪتب خانون، قاهره جي فاطمي خليفن جو ڪتب خانون جڳ مشهور ڪتب خانو هو، اهو هڪ عجيب ڪتب خانو هو جنهن ۾ قرآن مجيد ۽ ٻيا قيمتي ڪتاب رکيل هوندا هئا. اڪثر مورخن جو چوڻ آهي ته انهن ڪتابن جو انگ ويهه لک هو پر مقريزيءَ جو چوڻ آهي ته اتي سورنهن لک ڪتاب موجود هئا. ان ڪتب خاني جي عمارت کي سينگاريو ويو هو، فرش تي قيمتي قالين وڇايل هوندا هئا، ان ۾ لائبريرين، ڪتاب ڏيڻ وارا ۽ ٻيا ملاز ۽ خدمت ڪرڻ وارا مقرر ڪيا ويا هئا، ان ڪتب خاني ۾ جيترا ڪتاب گڏ ڪيا ويا هئا اوترا ان کان اڳ ٻئي ڪنهن به بادشاهه گڏ نه ڪيا هئا، ان ڪتب خاني جا چالهه حصا هوندا هئا، هر حصي ۾ ارڙهن هزار ڪتاب رکيل هوندا هئا، جن ۾ قديم علمن تي مشتمل هر قسم جا ڪتاب موجود هوندا هئا هر ڪنهن کي ڪتب خاني ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي هئي، ڪو اتي وڃي رڳو مطالعو ڪندو هو، ڪو ڪتاب نقل ڪندو هو، ان لائبريريءَ ۾ نقل ڪرڻ وارن کي مس قلم، ڪاغذ مفت ۾ فراهم ڪيو ويندو.

نواز علي شوق/ڪراچي

 

ڏيهي خوراڪ جي ايڪسپورٽ، بحران جا سبب ۽ ذميوار!

(حصوپهريون)

مٿئين عنوان کي پڙھندي ئي ذھن ۾ کوڙ سارا سوال پيدا ٿين ٿا ته اسان جو زرعي پيداواري ملڪ آخرڪار انهن پنهنجي زرعي فصلن جي بهتر پيداوار ٿيڻ باوجود يا پڻ گوشت جي ايڪسپورٽ جڏهن گهڻي ٿئي ته وري ان جي موٽ ۾ ملڪ ۾ خوراڪ جي اسمن جي کوٽ ٿئي ٿي، جن کي موٽ ۾ مهانگي اگهن تي امپورٽ ڪري عام ماڻھن لاءِ عذاب ڪيو وڃي ٿو، اتي پڻ امپورٽ جي ڪثرت، واپاري طبقي جي مفادن ۽ فائدن جي تحفظ ۽ پاڻ حڪومت ۽ بيوروڪريسيءَ ۾ ويٺل ذميوارن جي لالچ ۽ ڪرپشن پڻ ملڪي زرعي معيشت لاءِ جتي کوڙ مسئلا پئدا ڪري ٿي، اتي پڻ عام شھري ۽ آبادگار يا مالوند ماڻھو پڻ تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو، جنهن کي مناسب اگھ نٿو ملي ۽ وري ساڳيو واپاري طبقو سستي اگھ تي ڪڻڪ، ڪاٽن، کنڊ، سبزيون، چانورن کان ويندي زرعي کاڌ خوراڪ جي جنسن سميت خاص طور اڳتي هلي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مال گوشت ڏيندڙ جانور جي پڻ کوٽ ٿيندي ۽ اڳتي هلي سنڌ ۽ بلوچستان جو آبادگار ۽ گوشت واري جاندارن جي ڪاروبار يا روزگار ڪندڙ طبقو پڻ پريشان ٿيندو. ان سلسلي ۾ ھڪ خبر سامهون آئي آھي جنهن پڻ ڇرڪائي ڇڏيو آھي جنهن ۾ چيو ويو آھي ته بي ترتيب خوراڪ جي برآمد بابت جيڪي گهريلو صارفين کي رڪارڊ قيمتون ادا ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي خوراڪ جي برآمد ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ڪچي کاڌي جي شين جي برآمد جي قيمت 2023.24 ۾ 8 بلين ڊالر تائين پهچي وئي آھي جيڪا پڻ گذريل سال جي 5.8 بلين ڊالر جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. اهڙيءَ طرح چانورن جي برآمد 78.26 سيڪڙو وڌي وئي، 2.17 بلين ڊالر کان 3.8 بلين ڊالر تائين وڃي پهتي آھي. ايئن ئي وري گوشت جي برآمد 17.66 سيڪڙو وڌي وئي، جيڪا پڻ 431 ملين ڊالر کان  وڌي وڃي 507 ملين ڊالر تائين پهتي آھي. ترن جي ٻج جي برآمد ۾ 171 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو پڻ 151 ملين ڊالر کان وڌي وڃي 410 ملين ڊالر تائين تي پهتو آھي، جڏهن ته  مڪئي جي ايڪسپورٽ ۾ 121 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪا 190 ملين ڊالر کان وڌي وڃي 421 ملين ڊالر تائين پهتي آھي. جڏهن ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بصر جي ايڪسپورٽ 4024 سيڪڙو وڌي وئي، جيڪا پڻ 5.4 ملين ڊالر کان  وڌي وڃي 224 ملين ڊالر تائين پهتي آهي. هوڏانهن انبن، مصالحن ۽ چيري جي برآمد ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي. (جاري)

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

سنڌ مان ناياب ٿيل وڻڪار ۽ ڇڻڪار!

سنڌ جي سُھاڳڻين جي روايتُن کي نظر ۾ رکندي ماضيءَ جي جھروڪن ۾ چند سال پوئتي نظرن جي نھار وجھبي ته ڪئين آساس جا احساس نظر ايندا، جتان محبتُن جا املتاس ڄمي فطرت کي معطر ڪري ڇڏيندا ھُئا، ڪو وقت ھوندو ھو، سنڌ جي نهري نظام جھڙوڪ واھ تي ۽ شاخُن تي وڏي ڄمار وارا بيلدار نظر ايندا ھُئا جن جي پوڙھن ھٿڙن ۾ بالٽيون ھونديون ھُيون ۽ پاھوڙيون سندن هٿن ۾ ھونديون ھُيون، جن سان ھُو ڇڻڪار ڪندي نظر ايندا ھُئا، شاخُن توڙي واھَن جي ڪپرن تي المتاس، يوڪلپس، نمن، ٽالهين ۽ بڙ جا پوڙھا ۽ ٿُلھا وڻ پوکيل ھوندا ھُئا جن ھيٺيان ڇڻڪار ٿيل ھوندو ھو اتي ويھي کن پل جا آساس ميڙبا ھُئا، ان ويل جڏھن فطرت جو پھريون عڪس ٽامڙي بڻجي انساني وجود سان تيز ٽڪرائبو ھو پوءِ ماڻھو ٿڪجي اچي انھن گھاٽن وڻن جي ڇانوءَ ۾ ويھندا ھُئا ۽ پوءِ سندس سمورا ٿڪ ھڪ پل ۾ موجوده دور جي ڊليٽ واري آپشن جيان يڪدم ۾ ڊھي ويندا ھُئا، اھو عمل رڳو شاخُن ۽ واھن جي ڪپن تي نه ھوندو ھو پر ھن مشيني دور کان گھڻو اڳ ۾ جڏھن ڇپرن جي اوطاقُن ۾ يا وري اوطاقُن جي آڳر ۾ نِمن ۽ ٽالھين جي وڻن جي گھاٽي ڇانوَ ۾ چڻڪار ڪري کٽون رکي يا وري رليون وڇائي پلٿيون ھڻي ڪانڀُون ٻڌي ويھي ھڪ ٻئي جا ڏُک سُک اوربا ھُئا ته وڏا آساس اچي ويندا ھُئا، اُنھن معتبر لحمن کي ذھن جي نديءَ ۾ تاريندي اڄ وري لکڻ لاءِ دل چيو ته وقت جي وھڪري لڙھي ويل سارو سُک، احساس ۽ آساس وري ڄاڻ اکين سان پسيءَ سگھبو الائجي نه پر ماضيءَ جي جي جھروڪن جا اُھي ناياب پل جڏھن جڏھن به دل جي آڳُر تي ڪھي اچن ٿا ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، سارو وجود سوچ ۽ لوچ ۾ لڳي ويندو آھي ته ھن مشيني دور توڙي جو اسان کي کوڙ سارو سُک ۽ سھولتون ميسر ڪيون آھن پر اُھي چاھتُن ڀريون ڪچھريون، اُھي ڇاتيءَ کي ڇانءُ ارپيندڙ چڻڪار، اُھي پنھنجائپ جو احساس ڏيندڙ اوطاقون نه رھيون آھن ۽ نه رھيا اُھي پوڙھا بيلدار نه رھيون اھي بالٽيون جن جي ڇڻڪار جي ٿڌڪار ۾ المتاس جي گھاٽي وڻن ھيٺيان ٻانھون سيراندي ڪري کن پل جا آساس وٺبا ھُئا. وقت جي اھڙي رھزني اسان کان اُن ويل جا اھڙا سونھري ۽ ناياب لمحا کسيا آھن جو بيان ڪرڻ به اوکو ٿي پيو آھي، ھن مشيني دور ۾ اوطاقُن ۽ ڪچھرين جي وجود جو خاتمو، موبائيل ڪلچر ڪري ڇڏيو آھي، جديد دور جي تقاضائُن ۾ موبائيل ڀلي سھولتون فراھم ڪيون ھجن پر ڪائنات جا عظيم لمحا، پنھجائپ جو پيار ۽ قرب ڀريون ڪچھريون ضرور کسيون آھن، ھن جديد دور جي جديد مشينري جو وڏو الميو اھو به رھيو آھي ته شاخُن ۽ واھن تي بليداري نظام گھر ويٺي فنگر پرنٽ موبائيل حاضريون ڀري شاخُن ۽ واھن جي ڌوڙ بڻجي ويل رستن کي خير آباد چئي ڇڏيو آھي، ان لاءِ سار سنڀار نه لھڻ جي بنياد تي تقريبن گھڻن جاين تان شاخُن ۽ واھن تان اُھي فطرت کي سدا سُھاڳڻي جي سونھن بخشيدڙ املتاس، يوڪلپس ۽ بڙ جا وڻ وڍجي کپجي،کاڄي ويا جن جو داد فرياد به نه ٿيو. ھن دور ۾ اسان ڀلي ترقي جي رستن تي گامزن ھجئون پر اسان وقت جي ھن رھزن وھڪري ۾ گھڻو ڪجھ وڃايو آھي جن لاءِ اسان ھٿ مَلي رھيا آھيون.

گل حسن خاصخيلي/ بکر جمالي موري

 

ثقافت کاتي جي ادارن وٽ ٿيل قبضا!

سنڌ ثقافت کاتي جي اهتمام هيٺ حيدرآباد ۾ حسرت موهاني پبلڪ لائبريري ۽ مکي هائوس ميوزم وٽ  دڪاندار مستري گاڏيون بيهاري انهن جي مرمت ڪندا آهن، اڪثر ڪري ٻنهين ادارن جي ديوارن وٽ ميڪينيڪل مستري گاڏيون پنهنجي دڪانن جي حد اندر بيهارڻ بجاءِ لائبريري ۽ مکي هائوس ميوزم جي ديوار وٽ سڄو ڏينهن گاڏين جون قطارون بيهاري ڇڏيون وينديون آهن ۽ مستري سامان رکي اتي ئي پيا انهن جي مرمت ڪندا آهن جيڪا اداري جي توهين آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر لائبريريز سان مليو ويو ان کان سبب پڇيو ويو ته ان چيو ته مستري سالن کان هتي گاڏيون بيهاري مرمت ڪندا آهن انهن کي هٽائيندا آهيون ته اسان کي چوندا آهن ته اسان ڪافي عرصي کان ان ديوار وٽ گاڏيون بيهاري مرمت ڪري رهيا آهيون توهان هٽائي هاڻي نٿا سگهو ۽ بدتميزي پڻ ڪن ٿا، جڏهن ته اهڙي صورتحال هجي سنڌ جي اهم ادارن جي تباهيءَ جا سبب اداري اندر ويٺل ماڻهن جي سچائي جو نه هجڻ آهي. مطالبو ڪيو ٿا ديوارن وٽان سمورا قبضا ختم ڪرايا وڃن.

ڊاڪٽر دائود خان بلوچ/ ڪوٽڙي

 

بيورو ڪريٽس ۽ فوجي اهلڪارن کي مليل ٽئڪس ڇوٽ چئلينج!

ٻه ڏينھن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ھڪ شهريءَ مشڪور حسين طرفان ايڊووڪيٽ نديم سرور ذريعي ھڪ درخواست داخل ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوجي اهلڪارن ۽ بيوروڪريٽس کي ڏنل ملڪيت جي سيلز تي انڪم ٽئڪس کان ڇوٽ کي چيلينج ڪيو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته ھن داخل ڪرايل درخواست ۾ درست نشاندهي ڪئي وئي آهي ته هي ٽئڪس ڇوٽ اسان جي آئين ۾ ڏنل برابري واري شق جي واضح ڀڃڪڙي آهي.  شق ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته “سڀ ماڻهو قانون جي سامهون برابر آهن ۽ قانون جي برابر تحفظ جا حقدار آهن.” ڪجهه مراعات يافتا گروهن کي ٽئڪس معافي ڏيڻ سان اسان برابري ۽ انصاف جي هن بنيادي اصول کي گهٽائي رهيا آهيون. اها انتهائي ڏک جي ڳالهه آهي ته حڪمران اشرافيه پنهنجي عهدن جو غلط استعمال ڪري ھميشه پنهنجي لاءِ مالي فائدا حاصل ڪندي آھي، جڏهن ته عام شهري، جيڪي اسان جي معيشت جي ڪرنگھي جي هڏي آهن انھن تي سدائين ڳرن ٽئڪسن جو بار وڌو وڃي ٿو. اهو نه رڳو سماجي ۽ معاشي عدم مساوات کي برقرار رکي ٿو پر عام ماڻهن جي وچ ۾ ناانصافي ۽ مايوسيءَ جو احساس پڻ وڌائي ٿو. اهڙين تعصبي پاليسين ذريعي عام شهرين جي استحصال جو فوري طور تي ازالو ڪيو وڃي. اهو ضروري آهي ته اسان جو قانوني ۽ سياسي نظام سڀني لاءِ انصاف ۽ برابري جي اصولن کي برقرار رکي. ارباب اختيار کي گھرجي ته هن ٽئڪس جي معافي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي ۽ يقيني بڻايو وڃي ته سڀني شهرين سان قانون تحت هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو، اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسان هڪ منصفاڻي ۽ وڌيڪ انصاف واري سماج جي تعمير جي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي شروعات ڪيون ۽ ان روايت کي برقرار رکون.

علي رضا/ ڪراچي

هڪ خط وزير اعليٰ سنڌ ڏانهن!

سائين اميد ته خوش هوندا. هن وقت سڄي سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان جيڪي آءِ بي اي سکر جهڙي اداري جون ٽيسٽون پاس ڪري گذريل ٻن سالن کان بيروزگاري ۽ ذهني اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڇا توهان انهن نوجوانن لاءِ ڪي اثرائتا قدم کڻندو يا انهن کا چالان جا پئسا نڪتا هاڻي بس خدا حافظ چئي انهن مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هوندا؟ سنڌ سرڪار 25 ۽ 26 فيبروري 2023ع ۾ ڏپرائيوڊ 20 تعلقن جي، پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوارن کان آءِ بي اي سکر ذريعي ٽيسٽ ورتي، انهن مان جي اي ايس ٽي وارن کي آفر آرڊرس ۽ جوائنگ ڏياري وئي ۽ باقي پي ايس ٽي وارن تي ڪورٽ اسٽي ڄاڻائي انهن کي ذليل ڪيو ويو، جيڪي اڃان تائين جوائنگ جي آسري تي ويٺل آهن. وري ڳالھ ڪجي هڪ کان چار گريڊ وارن جي ته انهن غريب مسڪين ماڻهن کي به نوڪري جي نالي تي پريشان ڪيو ويو. 5 کان 15 گريڊ وارن سان ته توهان جيڪا ناانصافي ڪئي آهي اهو ته سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان هڪ تاريخي ڀوڳ آهي، 2022ع ۾ اسان سڀني اميدوارن ٽن ڪيٽيگريز گريجوئيشن، انٽرميڊيئٽ ۽ ميٽرڪ ڪيٽيگريز ۾ اپلاءِ ڪيو، جن جي چالان جا ٽوٽل 1750 رپيا به ڀريا ۽ آءِ بي اي سکر جهڙي اداري جون ٽيسٽون به پاس ڪيون پر توهان جي پاليسي ۽ منشور ۾ شايد هو ئي نه ته سنڌين کي ڪا نوڪري به ڏني ويندي. ان کان سواءِ اين ٽي ايس جيڪا ويڪسينيٽرن جي ٽيسٽ ورتي وئي اڄ تائين توهان انهن کي به نوڪري نه ڏني. انهن ٽيسٽن کي به پاس ڪندي اميدوارن کي ٻه سال کان وڌيڪ وقت لڳو آهي، افسوس سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان جيڪو ميرٽ تي مختلف قسمن جا ڏکيا امتحان پاس ڪري سرڪاري نوڪري لاءِ ذليل ۽ خوار ٿي رهيو آهي پر توهان ڪنهن ڪيس جي هاءِ ڪورٽ ۾ پيروي ڪرڻ لاءِ به تيار ناهيو. توهان ته 1 کان 4 ۽ 5 کان 15 گريڊ وارن جي به مالڪي صحيح طرح سان نه ڪئي اهو ئي سبب هو جو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو چئي اچي آرام سان ويهي رهيو پر توهان انهن نوجوانن لاءِ ذري برابر به نه سوچيو جيڪي سنڌ سرڪار جي ڏنل ڪوڙي نوڪرين واري آسري تي ڪيترائي امتحان پاس ڪري به بيروزگار ۽ لاچار ويٺل آهن. هن مهنگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ مفلسي واري دور ۾ جن ماڻهن وٽ ٻچن جو پيٽ گذر لاءِ به ڪجهه ناهي توهان ته وري به اها ئي پاليسي ٺاهي ته سنڌ جي پڙهيل نوجوان کان اربين رپيا چالانن وسيلي ڪيئن اوڳاڙجن. سائين توهان ته ڊپرائيوڊ تعلقن جي آفر آرڊرس مليل اميدوارن سان به گذريل 2 سالن کان انصاف ناهي ڪيو جن کي توهان آفر آرڊر ته ڏنا پر کين جوائنگ ڪير ڏيندو؟ 22 تعلقن جا پي ايس ٽي اميدوار آفر آرڊرس کڻي در در ڀٽڪي رهيا آهن پر توهان ڪورٽ ميٽر ڄاڻائي انهن کي به لالي پاپ ڏيون ويٺا آهيو جي پرائمري اسڪول ٽيچرس لاءِ اسٽي هو ته پوءِ توهان جونئير ايليمنٽري اسڪول ٽيچرس کي آفر آرڊرس ۽ جوائنگ ڪيئن ڏني؟ اهي ته هاڻي پگهارون به کڻي رهيا آهن! سائين مراد علي شاھ توهان هن وقت سنڌ جا وزير اعليٰ آهيو، سنڌ جي پڙهيل نوجوانن سان انصاف ڪريو. 1 کان 4 ۽ 5 کان 15 گريڊ وارن اميدوارن، ويڪسينيٽرس ۽ ڊپرائيوڊ تعلقن جي آفر آرڊرس مليل اميدوارن کي انصاف ڏياريو.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

 

سنڌ ۾ آبادگارن سان ٿيندڙ ظلم!‎

سنڌ جيڪا ھڪ ذرخيز ۽ سرسبز خطو آهي هميشه کان ئي زراعت جي لحاظ سان اهميت رکي ٿي. هن سرزمين جا آبادگار پنھنجي محنت ۽ مهانگائي کي منھن ڏئي فصل پوکيندا آهن ۽ ملڪ جي معيشت ۾ وڏو حصو وٺندا آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انھن آبادگارن کي مختلف ظلمن ۽ زيادتين جو شڪار بڻايو وڃي ٿو. پھريون ظلم جيڪو آبادگارن سان ٿئي ٿو، اهو آهي پاڻي جي کوٽ، سنڌ جي آبادگارن لاءِ پاڻي ھڪ بنيادي ضرورت آهي پر کين ڪافي مقدار ۾ پاڻي نٿو ملي. ڪيترائي ڀيرا کين پنھنجي حصي جو پاڻي به صحيح وقت تي نه ٿو ملي جي ملي ٿو ته پھريون واھن جو منھن وڏيرن، ڀوتارن جي زمينن طرف ڪيو پيو وڃي جنھن جي ڪري غريب ماڻھن جا فصل تباهه ٿي وڃن ٿا، آبادگار مجبور ٿي ٽيوب ويل ھلائڻ تي مجبور آھن جيڪي مھانگي ڊيزل جي ڪري ھلائڻ ڏکيا آھن. ٻيو ظلم آهي زرعي قرضن جي ڏوڪري شرح، آبادگارن کي پنھنجن فصلن جي پوکائي لاءِ قرض وٺڻا پون ٿا پر انھن تي لڳايل ڏوڪري شرح اهڙي ته ڏکيائي پيدا ڪري ٿي جو اهي قرضن جي چڪر مان نڪري نٿا سگھن. انھن کي پنھنجون ضروري شيون وڪڻي ڪري به قرض ادا ڪرڻا پون ٿا ۽ ٽيون ظلم آهي آبادگارن جي محنت جو صحيح معاوضو نه ملڻ. سنڌ جي آبادگارن کي پنھنجين محنتن جو صحيح معاوضو نه ٿو ملي. واپاري آبادگارن کان سستي ۾ فصل خريد ڪري منافعو ڪماين ٿا، جڏهن ته آبادگار غربت ۽ بيوسي ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. ڪجھ وقت اڳ آبادگارن سان ڪڻڪ جي اگھن ۾ ٿيندڙ ناانصافيون ناقابل برداشت ھيون غريب ھارين کي اگھه ھڪڙو ڏنو پيو وڃين ته ٻئي طرف ڪنھن وڏيري ڀوتار يا ڪنھن پارٽي جي ماڻھو لاءِ اگھ مختلف ھئا. انھن سمورين ظلمن جي ڪري سنڌ جي آبادگارن جي زندگي ڏکي ٿي وئي آهي، انھن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت خاص ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سماجي تنظيمون گڏجي ڪم ڪن ۽ آبادگارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن. پ پ اليڪشن وقت عوامي پارٽي ۽ غريبن جا ھڏ ڏوکي ساٿي سڏائيندا آھن پر ڏکئي وقت ۾ آبادگارن کي پاڻي، زمين، قرضن ۽ محنت جي صحيح معاوضي جي حوالي سان انصاف مھيا ڪرڻ ۾ ناڪام نظر ايندا آھن، انھن مسئلن کي ضروري آھي ته ھل ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي ترقي ملي سگھي.

محمد جعفر صادق/ ٺري مير واھ، خيرپورميرس

 

خيرپور جو تباهه ٿيل امن ۽ پوليس جي روايتي خاموشي!

دنيا جي سڌريل ملڪن جي ترقيءَ جو راز انهن جي محنت جفاڪشي ۽ جاکوڙ لڳاءَ سان گڏ انهن ملڪن ۾ يقينن امن به اهم حيثيت ۽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو پر هتي اسان وٽ سنڌ سڄي بدامنيءَ جي باهه جو ڏيک ڏئي رهي آهي هونئن ته سنڌ جو هر هڪ ننڍو وڏو شهر وستي واهڻ بدامنيءَ جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي پر هتي خيرپور جي ڳالھ ڪندس جتي بدامني ۽ لاقانونيت ڪجھ سرس ٿي ڏسجي هر نت نئين سج ڌاڙا، ڦورون، اغوا، رتوڇاڻ، قتل وغارت، قبيلائي جهيڙا ڀُنگ لاءِ اغوا جا واقعا عام جام ٿيندي ملن ۽ ڏسجن ٿا. روز رپورٽ ٿيندڙ ڏوهن تي پوليس پاران ضابطي جي ڪارروائي ڪرڻ جون ڪي خاص ڪوششون ٿيندي نه ٿيون نظر اچن، رڳو روايتي بيان ۽ ٻڌڇوڙ به ٿئي ٿي پر ڏيتي ليتي عيوض ڪم لئي مٽي ٿي وڃي ٿو. هڪ طرف خيرپور جيڪو سموري دنيا ۾ کجيءَ جي ڪري مشهور آهي اتي کجيءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي بدامنيءَ جو راڪاس واڪا ڪري ٿو، انهن حالتن ۾ واپاري به ساڳي پيڙا ۾ پسجن پيا، نه رڳو واپاري پرعام ماڻهو به بدامنيءَ جي باهه ۾ پڄري ۽ جلي پيو ٿو، هڪ وڪيل جي حيثيت سان آئون اهو ظاهر ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها رياست جي جوابداري آهي ته اها ماڻهن جي جان و مال جي محافظ بڻجي، پاڪستان جي آئين 1973ع جي آرٽيڪل 9 بلڪل واضح آهي ته سيڪيورٽي پرسن، هن آرٽيڪل تحت رياست ماڻهن جي جان و مال انهن کي آزاد رکڻ جي پابند آهي، ماڻهن جي تحفظ جو ذمو رياست جو آهي. ھاڻ گھرو وزير کي گهرجي ته خيرپور جو امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي ڪو فرض شناس ايس ايس پي خيرپور ۾ مقرر ڪيو وڃي جيئن بدامنيءَ کي ٻنجو اچي سگهي ۽ ماڻهو سک ۽ سلامتيءَ واري زندگي گذاري سگهن !

عابد سومرو/ خيرپورميرس