وفاقي بجيٽ يا عوام دشمن ناجائز ٽيڪسون

 

شهباز شريف جي حڪومت وفاقي بجيٽ  ۾ ڪا به ملڪ جي عوام لاءِ شي نه رکي آهي وفاقي بجيٽ ۾ رڳو نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن. موجوده بجيٽ ۾ خزاني جي وفاقي وزير محمد اورنگزيب اسلام آباد ۾ بجيٽ 18 هزار 877 ارب روپين جي پيش ڪندي صحت لاءِ 27000 ملين، تعليم لاءِ 5936 ملين، بي آء ايس پي لاءِ 593 ارب رپيا رکڻ ، سرڪاري ملازمن جي پگهارن م 25 سيڪڙو ۽ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو جڏهن ته هڪ لک پگهار کڻندڙ ملازم جي مٿان اڍائي هزار ناجائز ٽيڪس مڙهيو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن سان وڏو مذاق ڪندي 20 سال بعد پينشن نه ڏيڻ جي آمرانہ جابرانہ ڳالهه ڪئي وئي آهي. جيڪا مڪمل طور تي رٽائرڊ ملازم دشمني واري ڳالھ سميت معاشي قتل عام آهي. اهڙي طرح روزمرهه جي استعمال ٿيندڙ شين سان گڏ موبائيل فون، بسڪيٽ، سگريٽ، ،سيمينٽ، اليڪٽرانڪ سامان سميت ٻين شين تي ٽيڪس لڳايا ويا آهن. اهڙي بجيٽ پيش ڪرڻ کان بهتر هو ته اها بجيٽ نه پيش ڪئي وڃي ها. اهڙين حالتن ۾ دبئي ليڪس جي تازي پڌرائيءَ سڀني حڪمرانن ۽ اقتدار ڌڻين لاءِ هڪ پيغام آهي الائي ڇو وڏي سرڪار خاموش آهي. اڃا الائي جي ڪهڙي انتظار ۾ ليڪس جهڙين رپورٽن ۾  ڪرپٽ حڪمرانن ۽ ملڪي ناڻو لٽيندڙن جا نالا پڌرا ڪري پوري ملڪ ۾ هڪ عجيب هلچل مچائي ڇڏي آهي جنهن ڪري انهن ۾ لنڊن جهڙي بهتر ملڪ جي صدر ۽ وزير اعظم جي هائوسز سامهون به احتجاج ٿي رهيا آهن پر هتي ڪو به پاڪستاني عوام ايوان صدر يا وزير اعظم هائوس ته ٺهيو پر رڳو ڊي چوڪ اسلام آباد وٽ ئي پهچي ٿو ته اقتدار ڌڻين جي ننڊ ڦٽي وڃي ٿي. موجوده حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ سبب هرهڪ پاڪستاني مٿان 2 لک 80 هزار رپيا قرض مسلط ڪرايو ويو آهي، جنهن ڪري مهانگائيءَ جو طوفان عوام مٿان ڪيرايو ويو آهي. سنڌ جي اندر خاص ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي پر حڪومت ۾ ويٺل حڪمرانن عياشيون ڪري ملڪيتون ٺاهي ٺٺ ڪري رهيا آهن. سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف نئين حڪمت عملي جوڙي وڏن مانگر مڇن کي هٿيڪو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

جيڪي ماڻهوڪجهه سال اڳ ڪک پتي هئا اهي هاڻي ڪجهه ئي سالن ۾ اهڙا ته ڍنگ بڻجي بوسڪي جون ڊريسون هڻي پراين وڏين گاڏين ۾ ويهي ۽ ٻانهن هڻندي ڏسجن ٿا جو اصل ڄڻ ته اهي ابن ڏاڏن کان نواب ۽ رئيس هجن پر انهن جي پارٽين تنظيمن اهڙا انهن کي ٺٺ ۽ ٽانگر ڪرائيندي عوام جو رت چوسيو ويو آهي. هن ملڪ ۾ جيڪڏهن واقعي ساک رکندڙ ادارا عوام سان ناجائزيون ڪندڙن جو بغير ڪنهن سفارش ۽ رشوت جي عيوض قانون مطابق احتساب ڪن ۽ اهو ڪنهن به طرح انتقامي ڪاروائي نه هجڻ کپي ۽ هو به نه ته هيءُ اسان جي پارٽي، جماعت، تنظيم جو آهي انهي کي هاڻي ڇڏي ڏيو ته پوءِ اهو عوام سان انصاف نه ٿيو ۽ اها بدنيتي چئي ويندي جنهن ڪري ئي پوءِ ادارا پنهنجي پت وڃائي ويهندا. نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن ادارن کي گهرجي ته اهي عوام جي راءِ جو به هن طرح احترام ڪن جيئن ته سڀ کان پهريان اهي انهن وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن ۽ پوءِ ٻي شفٽ ۾ وري هر دور ۾ ڪامورا رهندڙن جي مال ملڪيت، گاڏين، بنگلن، بئنڪ بئلنس، زمينن، پلاٽن، شاپنگ سينٽرن، اپارٽمينٽن، پئٽرول پمپن جي حصيداري، روڊن رستن، ترقياتي ڪمن جي ڪميشن سميت ٻين معاملن جي غيرجانبدارانه  بڻجي انڪوائري ڪرائي وڃي. ڪنهن کي به داٻا، هراسمينٽ، خوف، ڊپ بجاءِ انصاف ۽ قانون موجب تحقيقات جاچ ٿيڻ گهرجي. انهي لاءِ هيٺين گريڊن جي ملازمن جي به جاچ ٿيڻ کپي پر اهي ڪهڙو لنڊن، آمريڪا يا دبئي ڀڄي ويندا جو پهريان ئي اچي هيءُ ادارا انهن جي پويان لڳا آهن. انهن وٽان جيڪڏهن هزارين يا لکين رپيا ملندا ته ساڳئي ڪوشش ڪرڻ سان جيڪڏهن وڏين بلائون ڪرپٽ وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن يا سدائين ڪامورڪي ڦرڻي ڪرسيءَ جا مزا ماڻيندڙن جو احتساب ٿيندو ته انهي سان کربين رپيا ملي سگهن ٿا. جنهن سان نه صرف ملڪ وري هڪ نئين آءِ ايم ايف جي قرض کان بچي سگهي ٿو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪرپشن جي الزامن هيٺ 150 نالا سامهون آهن. جنهن کان پوءِ وڏا مانگر مڃ مڇرجي پيا ۽ چوڻ لڳا ته هيءُ ڪهڙو طريقڪار آهي جو حڪمرانن کي بدنام ڪيو پيو وڃي جنهن تي ايازصادق چيو ته نيب اربين رپين جي ڪرپشن تي خاموش آهي نيب جو ڪير احتساب ڪندو؟

جڏهن هر پاسي کان هر ماڻهو جي اها ڪوشش هجي ته هڪ ڏينهن ۾ ئي مان ڪهڙي به طرح امير بڻجي وڃان هو جائز  ناجائز جي پرواهه نه ڪندي اهڙي خواهش ڪندي ڏسجي ٿو ڇو ته هو پنهنجي معاشري ۾ ڏسي ٿو ته هتي ڪا به ڪنهن کان به ۽ ڪنهن به قسم جي پڇا ڳڇا نٿي ٿئي جنهن کي جيئن وڻي ٿو اهو پنهنجو الو سڌو ڪيو ويٺو آهي. جيڪڏهن هاڻي اهي نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن کاتا هن ملڪ ۾ خوشحالي ترقيءَ جي راهه جا خواهشمند آهن ته پوءِ سڀ کان پهريان انهن کي واپڊا پاڻي ۽ بجلي واري کاتي، پوليس، تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کان ويندي ڪلارڪن تائين، ٽريزري، صحت کاتي، ريوني، بلڊنگز کاتي، روڊس سميت وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن ۽ انهن جي ڪرپٽ ڪامورن جو بنا دير احتساب ٿيڻ گهرجي.

نواز شريف خلاف پيپلز پارٽي نه ويندي ڇاڪاڻ ته پ پ پ جا وزير به گذريل 17 سالن کان مسلسل اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن. اهي به ميٽر ريڊر مان 800 اٺ سو ارب رپين جا مالڪ بڻيا آهن اهي ڪيئن چوندا ته اپوزيشن ۾ ويهي اهڙي ڳالهه ڪريون جيڪا اسان کي ئي ڳئچيءَ ۾ پئجي وڃي.

 

توقير احمد سرهندي

 

سنڌي ٻولي جي بگڙجندڙ صورتحال

 

سنڌ سميت پاڪستان اندر ٻولين جي تاريخ تي مٿاڇري نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته “فطرتي اصولن موجب هِنن اندر زندگيءَ جي هر خاصيت سان گڏ موت جو پاڇو پڻ موجود رهي ٿوئ هڪڙيون ٻوليون خود ٻين ٻولين مان ڦُٽن ٿيون ۽ وڌن ويجهن ٿيون، پنهنجو پاڻ اندر حالتن تحت مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرندي جوڀن ۽ وڏي تعداد ۾ علمي طاقت ماڻين ٿيون. ٻين ٻولين کي لفظن جو ذخيرو ڏين ۽ وٺن ٿيون. ڪڏهن ته ڄاول ٻوليون ٻين ٻولين کي جنم به ڏين ٿيون، پوءِ انهن ٻولين ۾ ڪي نيون ٻوليون آهن ته ڪي پراڻيون، ڪي ته وري انهن ۾ به قديم ٻوليون آهن ۽ انهن قديم ٻولين مان سنڌي ٻولي به هڪ آهي. سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيڪا پنج ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ڳالهائي ۽ سمجھي سگھن ٿا. ان ۾ لکڻ وارن جو تعداد چار ڪروڙ جي قريب ھوندو. سنڌي ٻولي ھن خطي جي قديم ٻولي آھي. سنڌي ماڻهو سڄي دنيا جي مختلف علائقن ۾ رھن ٿا. سنڌي ٻولي پاڪستان جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب، سان گڏوگڏ ڀارت جي رياستن راجستان، پنجاب ۽ گجرات ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ان سان گڏوگڏ ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب امارات، گڏيل بادشاھت (برطانيا) ۽ آمريڪا ۾ لڏي ويل ماڻهن پاران به ڳالھائي وڃي ٿي.

سنڌي ٻولي سنڌ جي قومي ٻولي آهي، جيڪا سنڌ ۾ تعليمي ۽ دفتري زبان به آهي. سنڌي ٻوليءَ جو قومي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح نه رڳو سنڌ، پر دنيا جي شاعرن ۾ مٿانهين حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ سچل سرمست ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن کان سواءِ جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، طالب الموليٰ، استاد بخاري، امداد حسيني ۽ ٻيا شمار ٿين ٿا. پر افسوس ته ھِن جديد دؤر ۾ ھِن قديمي ٻوليءَ سان جيڪا ھٿ چراند ٿي رھي آھي يا سنڌي ٻولي خلاف جيڪي سازشون اٽڪلون ھلي رھيون آهن اُھي قابل مذمت آهن جنھن سبب سنڌي ٻولي کي ھر پاسي کان خطرا لاحق آهن، خاص ڪري روزاني جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڻ ڇپجي رهيا آهن جنھن جي ڪري پرنٽ سنڌي ميڊيا اندر سنڌي ٻولي جي لکڻ پڙھڻ جو معيار ڏاڍو افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ بڻجي رھيو آهي. ھِتي ڪنھن ھڪ اخبار جي ڳالھه ناھي پر ڪافي اخبارن ۾ ايڏي وڏي قديمي زبان سنڌي ٻولي اندر ڪيئن بگاڙ پيدا ڪري ان کي مٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن خاص ڪري پرنٽ سنڌي ميڊيا اندر سيکڙاٽ اڻ تجربيڪار ماڻھن جي اچڻ ڪري روزاني جي بنياد تي مختلف وڏن اخبارن ۾ عجيب قسم جون غلطيون ڪري سنڌي ٻولي جو بگاڙ پيدا ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. جيئن سنڌي ٻولي جي الفا بيٽ اندر ڪافي اکر ھڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهن مثال طور ح- ھ، ث- -س- ص، ت- ط، ق -ڪ اھڙن اکرن سبب اخبارن اندر ڪافي غلطيون پڙھڻ جي لاءِ ملنديون رھنديون آهن. جيئن  ھالار کي حالار، گُھمڻ کي گُحمڻ، قابل مذمت کي ڪابل مذمت. خاص ڪري وڏن اديبن دانشورن ليکڪن جي مضمونن اندر پڻ وڏيون تاريخي غلطيون پڙھڻ جي لاءِ ملن ٿيون جيڪو سڀ افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ آهي ته ايڏي وڏي سنڌي پرنٽ ميڊيا اندر ڪيڏيون وڏيون غلطيون ڪيون وينديون آهن جيڪڏهن اھڙي قسم جون غلطيون ڪوتاهيون ڪو عام رپورٽر يا وري ليکڪ ڪندو رھي ٿو ته ادارن اندر ويٺل ذميدار ڊيوٽي فرائض سرانجام ڏيندڙ نيوز ايڊيٽر، ايڊيٽوريل پيج انچارج کي گھرجي ته اھڙي قسم جي ايپليڪيشن يا عربي فونٽ تي گھري نظر رکن ته جيئن اھڙي قسم جي غلطين کان بچي سگھجي ۽ سنڌي ٻولي جي بگاڙ پيدا ٿيڻ کان بچي سگھجي ڪٿي ائين نه ٿئي ته پرنٽ سنڌي ميڊيا اندر مسلسل اھڙي قسم جي غلطين جي ڪري معاشري اندر ھڪ نئين ٻولي جنم وٺي جيڪا حقيقي قديمي سنڌي ٻولي جو خاتمو آڻي. معاشري اندر رھندڙ عام سنڌي ماڻهو جيڪي ھِن مھانگائي جي دؤر ۾ روزاني جي بنياد تي اخبار وٺي پڙھي رھيا آهن اُھي چاھين ٿا ته پرنٽ سنڌي ميڊيا جي سڀني ادارن اندر ويٺل ذميدار اھڙي قسم جي غلطين تي ڪنٽرول ڪن.

 

مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ

 

ھن سال برساتن کان بچڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گھرجن

 

اڳ سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال 2024 ع ۾ گھڻيون برساتون پوڻ جو امڪان آھي. گذريل سال گھڻن برساتن پوڻ سبب زراعت، گھر، چوپائي مال ۽ روڊ رستا تباھ ٿي ويا ھئا. جيڪي ھن سال به ساڳئي حالت ۾ آهن. پوري دنيا ۾ ڪورونا وبا وڏي تباھي آندي ۽ ان جا اثر اڃا تائين موجود آهن. ڪورونا ملڪن کي معاشي طور ڪمزور ڪري ڇڏيو. ائين پاڪستان ۾ ڪورونا به تباھي آندي. ڪورونا کانپوءِ وري برساتن به مالي ۽ جاني نقصان رسايو . گذريل ٻن سالن کان  وبائي خطرناڪ بيمارين، زلزلن، طوفان ۽ تباھين کي منھن ڏيڻ لاءِ تباھين واري اداري Disaster  management جو ڪم آھي ته اھو ھر وقت سرگرم رھي. جڏھن ته تباھين کي منھن ڏيڻ وارو ادارو سست ۽ سندس ڪا به پروگريس نظر نه پئي اچي. جڏھن ته دنيا ۾ تباهيون مختلف طريقن سان اچن ٿيون. انھن وٽ سرگرم ادارا ۽ ماڻھو تربيت يافتا ھوندا آهن. جيڪي وڏين تباھين کي منھن ڏين ٿا مثلن قدرتي تباھيون Natural Disaster  جي طرفان زلزلو Earth Quake  ، طوفان Cyclone  ، تيز ھوا ، سامونڊي طوفان، برساتون  Heavy rains، خشڪ سالي Droughts ، ٻوڏون Floods ، وبائي بيماريون Dangerous disease  ڪورونا corona  ۽ ھاڻي ته ماتا Monkey pox ، جنگيون  Wars ۽ ھٿ سان تباھيون اڻڻ Man made disaster  ۽ روڊ حادثا به ھڪ تباھي جو قسم آھن. اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن  ۾ وڏيون وڏيون تباھيون اينديون رھنديون آهن . پر انھن ملڪن ۾ ايمرجنسي بنياد تي قدرتي تباھين کي منھن ڏيڻ لاءِ اھي ادارا ترت پنھنجي ملڪن جي عوام جي مدد ڪندا آهن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيندا آهن . پر ھتي نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ ادارو قدرتي آفتن جي اچڻ کانپوءِ سرگرم ٿيندو آھي. انهن تباھين کي منھن ڏيندڙ اداري کي پھريائين شھرن ۽ ڳوٺن ۾ تنظيمون ٺاھي انھن جي تربيت ڪرائي. انھن کي مڪمل ڄاڻ  ڏئي ھا جنھن ۾ ڪوڏر، بيلچا، ڪليون، شاپر ۽ ٻيو ضروري سامان ڏنو وڃي ھا. ھن وقت تائين سرڪاري اسپتالن ۾ سھولتون نه آهن. نه وري آبادي کي نظر ۾ رکندي انھن سرڪاري اسپتالن کي اپڊيٽ ڪيو آھي. شھرن ۽ ڳوٺن ۾ آبادي کي مد نظر رکندي سرڪاري اسپتالون وڌيڪ ڏيڻ گھرجن ھا. روڊ حادثن ۾ ڪيتريون جانيون تباھ ٿي چڪيون آهن. روڊ برساتن ۾ تباھ ٿي ويا انھن جي کڏن ۾ مٽي يا ڏامر نه لڳايو ويو آھي. روڊ ماڻھن جا قاتل ٿي چڪا آهن روز ڄامشوري ۽ حيدرآباد تي حادثا ٿين ٿا. انھن کي آخر ڪير صحيح ڪندو. وفاقي ۽ صوبن جي حڪومتن کي مصيبتن کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي وقت کان اڳ ڪرڻ گھرجي ھا پر ھن وقت به ترت جوڳا اپاءُ حڪومت کي وٺڻ گھرجن.

 

شفيق وساڻ