سرھاري شھر جي پوليس ڇو ننڊ ستل آھي؟

مون پنھنجي عمر ۾ ايترو ظلم ڪونه ڏٺو آھي جيترو ظلم ھن ٻن مھينن ۾ ٿيو آھي، ٻن مھينن ۾ آيل ٿاڻي جو انچارچ ٿاڻي تائين محدود نڪتو جڏھن ته غريب ٻاھر نڪرڻ لاءِ ترسي رھيا آھن، جي ڳالھ ڪجي ته ھن ٿاڻي جي انچارچ جي ته ھن کي ايندي ٻه مھينا اٽڪل يا ڪجھ ڏينھن ھيڏانھن ھوڏانھن به ٿي سگھن ٿا، ڳالھ ڪجي ته پنج کان ڇھ گاڏيون رڳو شھر مان دڪانن جي سامھون چوري ٿيون آھن، جيڪي چاٻي چور ڪاھي ويا ھليا، ڪيتريون ئي گاڏيون ڦر ٿيون آھن، اتي اڃا بدامنيءَ جي باھ ھلندڙ ھئي  مٿان وري شھر سرھاري جي دڪانن جا چور تالا ٽوڙي دڪانن مان لکين رپين جي چوري ٿي ۽ جيڪي ھلڪيون ھلڪيون ڳالھيون ته ياد ئي ناھن، ياد رھي ته ڪيتريون ئي وارداتون تالا ٽوڙي سامان چورائڻ جون ٿيون آھن، ماڻھن لاءِ آزار بڻجي چڪو آھي، سرھاري پوليس جي سستيءَ سبب آخر غريب طبقو ڪاڏي وڃي؟ جي وڃي ٿو سامان وٺڻ دڪان تي ۽ دڪان ٻاهران گاڏي ڇڏي ٿورو مٿي چڙھي ٿو ته گاڏي گم ٿيو وڃي ۽ چور سرعام دليري سان گھمن پيا، ان وقت به سرھاري پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، اھا به تاريخ شاهد آھي ته منشيات جھڙي موتمار نشي ۾ اضافو ٿي چڪو آھي، ھتي ھيروئن، چرس، آفيم، نشي آور سوپاريون، ڪچي شراب جا گتا ايئن پيا ھلن جو انهن تي ڪنهن جي ڪا روڪٿام آھي ئي ڪانه ڇا اھڙا ڪم هوندا آهن پوليس کاتي جا؟ اڃا اھو شھر ترقي به ڪري ٿو سگھي ڇا سوال ئي پيدا ناھي، جتي بدامنيءَ جو راڪاس ھجي ۽ منشيات عام جام ھجي اتي ڪجھ ئي نٿو ٿي سگھي، ممڪـن آھي ته ڪجھ مھينن جي ڳالھ آھي ته شھر سرھاري ۾ ڪجھ ساڃاھ وندن سماجي ڌرين منشيات خلاف وڏي ريلي ڪڍي ھئي پر سندن انھن ريليـن به ڪم ڪونه ڏيکاريو، ڪرپٽ نظام اڳيان آخر ڇا ٿو ٿي سگھي؟ سرھاري پوليس منٿلي وٺڻ ۾ مصروف آھي، ھتي ڪنھن جي جان وڃي يا ڪنھن جي اچي پوليس کي ڪا پرواھ ناھي، جڏھن ته منشيات جي ڪري ڪيترائي خاندان اجڙي تباھ ٿي ويا آهن، ڪيترن جا گھر برباد ٿي ويا آهن، دعوا ته اھا ئي آھي ته جتي بدامني، منشيات ھجي اتي تعليم، صحت ۽ سھولت جي ڪا جاءِ ناھي هوندي،  خدارا شھر سرھاري جي مالڪي ڪيو، ھتي ماڻھو آپگھات ڪرڻ تي مجبور آھن.

الھداد/ سرھاري

هڪڙي چٽي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڏانهن!‎

جيئن ته واهي پانڌي ۾ مظلوم ڪشمير فقير ملوکاني کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڪشمير فقير ملوکاني کي ڪجهه ماڻهو  تنگ ڪري رهيا آهن، ڪشمير فقير ملوکاني هڪ غريب مسڪين انسان آهي، واهي پانڌي ڪجهه برادري جا ماڻهو ڪشمير فقير ملوکاني کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ آئون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي عرض ڪندس ته ڪشمير فقير ملوکاني کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڪشمير فقير ملوکاني کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ملڻ ٿيون، جنهن جو نوٽيس وٺي ڪشمير فقير ملوکاني سان انصاف ڪيو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي

ھڪڙي ڄٺي ايس ايس

پي خيرپور جي نانءُ!

مھراڻ ھاءِ وي تي وڏين گاڏين جي گذرڻ تي بندش ھجڻ باجود به گاڏين جو گذرڻ بند نه ٿي سگھيو آهي، راڻيپور، گمبٽ موڙ وٽان وڏين گاڏين کي روڪڻ لاءِ مقرر ڪيل نفري پوليس اھلڪار پرويز شاھاڻي جي سرپرستيءَ ۾ وڏين گاڏين کي روڪڻ بدارن 500 کان 1000 رپيا رشوت وٺي گاڏين کي مھراڻ ھاءِ وي تان روانون ڪن ٿا، جيڪي حادثن جو سبب بڻجن ٿيون، وڏيون گاڏيون روڊ سان گذرڻ ڪري مھراڻ ھاءِ وي سان موت جو راڪاس گھمي رھيو آھي، جيڪو انساني جانيون ڳڙڪائڻ لاءِ رانڀاٽ ڪري رھيو آھي، ھر روز انساني زندگين کي شڪار بڻائي رھيو آھي، ھي خوني روڊ ڪيتريون زندگيون ڳڙڪائي ويو آھي، ڪيترائي مرد، ورتون، نوجوان، پوڙھا پڪا حادثن سبب معذور بڻجي ويا آھن، پوليس لاءِ مھراڻ ھاءِ وي سوني جھرڪي بڻيل آھي پر روڊ سان گذرندڙ لاءِ ته موت جي ڪوڙڪي بڻيل آھي، ھر روز ڪنھن ماءُ جو لعل حادثي شڪار بڻجي ٿو، وڏين گاڏين تي پابنديءَ باوجود به ڪارين وردين وارا ٽرڪن، ٽرالر ۽ ڪوچ وارن کان ڀتو وصول ڪري گاڏيون روڊ تان روانيون ڪن ٿا، جنھن جي ڪري ڪيتريون انساني زندگيون زيان ٿي رھيون آھن، ھنن خوني حادثن سبب روز ڪيترائي لاش کڄڻ ٿا، جڏھن ته انھن جي وارثن جي گھرن ۾ روڄ راڙو مچي وڃي ٿو، وارثن جون اڀ ڏاريندڙ اوڇگارون ھنن ڪامورن جي ڪنن تائين نٿيون پھچن يا ھي سڀ گونگا ٻوڙا آھن يا سندن ڪنن ۽ اکين تي رشوت جون پٽيون چڙيل آھن، ڪارين وردين ۽ اڇين وردين وارا  گاڏين وارن کان ڏوڪڙ وصول ڪندڙ جي چرپر تي نظر رکي وڏين گاڏين جو روڊ تان گذرڻ بند ڪرايو وڃي. نوابشاھ باءِ پاس تي وڏين گاڏين تي بندش کي يقيني بڻايو وڃي، ڪنھن به وقت وڏو جاني نقصان ٿي سگھي ٿو. ٽريفڪ جي قانون تي عمل ڪرائيندڙ ادارن کي اپيل آھي ته مھراڻ ھاءِ وي روڊ سان وڏين گاڏين جو گذرڻ بند ڪرايو وڃي، ڪنهن قومي شاهراهه واري رستي سان روانون ڪرايو وڃي، رشوت وٺندڙ پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

سيپڪو جا ظلم وڌي ويا!

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو جا ظلم وڌي ويا آهن، لاڙڪاڻي جي مينهل آباد پاڙي اندر هڪ مهيني کان بجليءَ جو نالو نشان نٿو ملي، گرمي ايندي ئي سيپڪو پنهنجا اگه مقرر ڪرڻ لاءِ شهرين کي ذهني پريشان ڪري رهي آهي لائين مين اشرف ڀٽو، ايس ڊي او انجنيئر ۽ ٻيا شهرين کان هزارين رپيا گهري تنگ ڪري رهيا آهن. مينهل آباد پاڙي اندر هر گهٽي، چوڪ ۽ رستن تي سيپڪو عملي مختلف هنڌن تي هٿرادو ڊي فٽنگس لڳائي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، مينهل آباد پاڙي ۾ ٽرانسفارمر پڻ پرائيويٽ ٺيڪيدارن جي حوالي ڪري نئين ٽرانسفارمر تي سيپڪو عملو پاڙي جي رهواسين کان هڪ لک 20 هزار رشوت طلب ڪري ٿو. سياسي سماجي ۽ ادبي حلقن ارشاد سولنگي، فقير عرس سومرو، هادي بخش موريو، مسعود جتوئي، وقار ميراڻي، عمران شيخ ۽ ٻين پنهنجي اخبار معرفت سيڪريٽري واپڊا سيپڪو سکر چيف سيشن جج لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته مينهل آباد پاڙي اندر بجليءَ جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي سيپڪو عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

ارشاد شيخ/ مينهل آباد لاڙڪاڻو

محبوب سان ملاقات‎!

تارن سان سينگاريل خوبصورت آسمان ھيٺ چنڊ جي چانڊوڪي راتين ۾ محبوب جي مرڪ جا ڏٺي ھئي، ٽھڪ جو آواز جو ٻڌو ھو، خاڪي بندن جي جا خوشبو سنگھي ھئي، سائي وڳي سان محبوب جو ڏٺو ھو، ھن کان پوءِ باقي دنيا لاءِ مان انڌو، ٻوڙو ۽ بنو آھيان، ڇو ته اڃا منهنجي اکين کان اُھي منظر نه وسريا آھن، اڃان ھن خوشبو جي مهڪ باقي آھي، اڃان اھو ٽهڪن جو سريلو آواز ڪنن ۾ گونجي پيو، اڃان تائين مون کي ھوش ناھي، اڃان تائين مان ٻي دنيا نٿو ڏسان، مون کي ھر طرف منھنجو محبوب نظر اچي ٿو، مون کي پنهنجي غزلن ۾ محبوب نظر اچي ٿو، مون کي ٿر جي لوھ ۾ اڃان ھن جي خوشبوءِ اچي ٿي، مون کي اڃان کاھوڙ جي اھا ڀٽ ياد آھي جتي اسان پھريون چڪر مليا ھئاسين، مان اڄ به وڃي کاھوڙ جي ڀٽ جي ھن واري کي چمندو آھيان، جتي ھن مون کي پھريون ڀيرو پنھنجا نازڪ پير رکڻ ڏنا ھئا، مان چريو آھيان ڇو جو مان ھن کي چاھيان ٿو، جيڪو پاڻ ڏسي نٿو سگھان جو ھن جي تسبيح ڪيان ٿو، جيڪو ذڪر ڪندي مون کي ٻڌي ٿو نه ڏسي ٿو، منهنجي به ھڪ جاءِ آھي جتي وڃي مان روز ھڪ غزل ھن جي شان ۾ لکي ايندو آھيان، منهنجو محبوب ٿر آھي جي ڪو ديد وارو ماڻهو ڪنھن ماٿري تي بيھي ھيٺ ننڍين ڀٽن کي ڏسندو ته ھن کي ڪنھن حسينه جي سرخي مکيل چپن جيان مرڪندي نظر ايندا ۽ جي شام ۽ صبح مھل ڪنھن ڳوٺ جي ڀٽ تي بيھي ٻڌندو ته جانور جي ڳچين ۾ ٻڌل ڇيرن، مٽرن ۽ گھنڊن جا سريلا آواز به ڪنھن مڱيندي محبوب جي ٽهڪن جي پري کان ايندڙ آواز جيڪا مڱيندي عاشق کي خوش ڪندا آھن تھڙا مدھوش ڪندڙ ساز ٻڌڻ ۾ ايندا، مون ھن خوشبوءِ جي مھڪ جي ڳالهه توھان سان ڪئي آھي، جڏھن اونھاري جي چار مھينن جي لوھ ۽ تپش کا پوءِ پھرين برسات جي پاڻي پيڻ کان پوءِ ٿر جي ڀٽن ۽ وڻ مان نڪرندي آھي، سا ڪنھن مشڪ ۽ امبر کان گھٽ ناھي ھوندي، منهنجو محبوب سائو وڳو ھن خوشي جي موقعي تي پائيندو آهي، جڏھن برسات جي پلر پاڻي سان ھن جا سڀ مارو، پکي، جيت، جانور، وڻ ۽ ٻوٽا سڀ ڍئو ڪندا آهن، مان ٿر جي ھن ڀٽ جي واري کي چمندو آھيان، جتي منھنجو جنم ٿيو ھو، اھو ڀٽ ھئي جتي مان پنھنجي محبوب سان پھرين ملاقات ڪئي ھئي، جڏھن مون پنهنجو پاڻ کي ڪافر چيو ۽ پاڻ کي چريو چيو تڏھن منھنجي محبوب کي ڪاوڙ آئي، ھن مون سان ڳالھايو ھن چيو مون گهڻائيءَ کڏ ڏٺا پھرين ته مون کان درياهه ناراض ٿيو تڏهن مون پنهنجيءَ سونھن بچائڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي خوبصورت ڏھرن ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي مارن لاءِ پنھنجي مٿان ڪنڊا ۽ اڪ بيھاري ڇڏيا پر اڃان گھڻو ڪجھ ته ھو، مون کي ماضيءَ جا قصا ٻڌائي نٿو ٻار سمجھي ٿو چوي پيو متان تون ڊڄي وڃين پر ھو حال جا قصا ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو چوي ٿو منهنجو پيٽ چيري ھن مان منهنجو ڪارو جيرو جنھن کي ڪوئلو چئي ڪڍي کڻي پيا وڃن، ھن ڳالھ جو مون کي ڏک تڏھن ٿيندو آهي جڏھن مون کي خبر پوندي آهي ته ھن سان منھنجي ڪنھن مارو يا جانور جو ڪو به فائدو نه ٿيندو آهي نه ته مان پنھنجي مارن لاءِ ته ھر سال پنھنجو سينو چيري گاھ پيدا ڪندو آھيان، مون کي ڪو ڏک ناھي ٿيندو، ھن روئيندي ٻڌايو ته سروي نالي منهنجي لباس جي خوبصورت ڀرت وڻن ۽ ٻوٽن کي ڪٽيو ويو، مون کي ڏک ڪونه ٿيو پر جڏھن مون ٻڌو ته ھن سان منھنجي مارن ۽ جانورن جو ڪو فائدو نه ٿيو تڏھن مان پورو سال روئيندي گذاريو. اڄ منهنجا مارو اڃ پيا مرن، مون کي ڏک ٿيندو آهي آخر ۾ چيائين ته منھنجي عاشقن مان ڪوبه ھمت وارو ناھي جو منھنجا حق مون کي ڏياري، ڇا ڪنھن انھن کي مارئي جو قصو ڪونه ٻڌايو؟ ڇا روپلي ڪولهي جي ڪھاڻي ھنن ڪونه ٻڌي؟ ھن چيو ھنن تي مون کي فخر آھي ھن چيو ڇا ھاڻ ڪو روپلي جھڙو بھادر ڪونه ٿيندو؟ ڇا ھاڻ ڪو مارئي جھڙي دلير ڪونه ٿيندي؟

خالد ٿري/ لپلو، کوکراپار

ڀوتار مائي فُٽ!‎

جيئن ته ھڪ آواز ھو، ھڪ ساز ھو، ھڪ راز ھو، جيڪو ڀوتارن ڀاڙين لاءِ گَلي ۾ گُھٽو ھئو، مون پاڻ ڏٺو ھو ڏينهن ڏٺي جنھن ڀوتارن جو ٿي سر ڪُچليو، جنھن نعرو ھنيو ھو ھڪ عجيب جنھن جي نه خبر ھئي تو مون کي سو نارو ھئو بھادري جو، جنهن ۾ لکيو ھو ھن ھڪڙو جملو جنھن کي ڳائي پيو جڳ سارو، سو نعرو ھنيو “ڀوتار مائي فُٽ” توھان سڀني پڙھندڙن کي يقينن خبر پئجي وئي ھوندي ته اھو ڪنھن ھنيو ھو، بلڪل اھو نعرو شھيد نصرالله گڏاڻي ھنيو ھو، جنھن ڀوتارن جا ظلم، بربريت، ڏاڍ ڏسي چيو اھي بدڪردار ڀوتار منھنجي جُتي آھن، ھن جي انھيءَ نعري ھن جي زندگيءَ ۾ ته ڪو اھڙو گوڙ گھمسان مچايو سواءِ ڀوتار جي گندن ذھنن جي جيڪي ٽانڊن واري گجر جيان پچي ڪارا ٿي ويا هئا، انھن ھن آواز کي بند ڪرڻ ۽ پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ نصرالله کي شھيد ڪرائي ڇڏيو پر قدرت جو نظام، انھن جنھن آواز کي بند ڪرڻ چاھيو ھو سئو ٿي آواز پھريان ته اھو صرف ھڪڙي وات منجھان ٻڌندا ھئا پر نصرالله کان پوءِ اھو آواز انھن کي مسجدن ۾ اعلان جيان ھر غيرتمند واتان ٻڌڻو ٿو پوي، ھر روڊ تي، ھر ڪوٽ تي، ھر ھر شور ھُن نعري جو آھي، انهن کي “ڀوتار مائي فُٽ” ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سُنگھڻ ۾ پيو اچي، يقينن ھاڻ ھزارين لکين ماڻھن وات “ڀوتار مائي فُٽ” ٻُڌي ھاڻ اھي ڀوتار ڀِتن سان مٿو ھڻندا ھوندا يا چريا ٿي ويا ھوندا، عبدالواحد آريسر صاحب لکيو آهي ته مظلوم ڳائيندو آھي ۽ ظالم جو وجود ھڪ مک جي وٺ برابر به ناھي رھندو. بلڪل نصرالله اڄ ڳائجي پيو پر قاتل ته مکيءَ جي وٺ جيترو به نظر نٿو اچي، ھر سُلجهيل شخص “ڀوتار کي مائي فُٽ” سڏي ڪنڌ کي برج خليفه جيان اُڀو ڪري ٿو ھلي ۽ باقي ڀاڙيو ۽ بزدل پنھنجا ھٿ ڀوتارن جي پيرن تي رکي ٿو پوءِ ھٿ ٿورو مٿي ڪري، غريبن مسڪينن جو مال کائيندڙ ڀوتارن جي ڄڻ ڪو موچي بوٽ پيو پالش ڪري. بھادر، ھمٿ ڀريو، زنده ضمير، پختي ايمان وارو، سچار شخص ھميشه اھو نعرو ٿو ھڻي ته ڀوتار مائي فُٽ.

محمد بخش ٿھيم/ڳوٺ سيٺ

اسلام ٿھيم ٽنڊوآدم

قاسم آباد ۾ ڦرمار ڪندڙ ٺڳ ٽولي کي گرفتار ڪريو!

قاسم آباد ۾ ڪي اھڙا به ڦورو وارداتون ڪري رھيا آھن جيڪي خاص طور تي عورتن مٿان جادوگري واري پڙھائي ڪندي کين ذھني طور مفلوج بڻائي سندن سون ۽ رقم ڦر ڪريو گم ٿي وڃن ٿا. تازي واردات فراز ولاز واڌو واھ جي رھواسڻ ھڪ غريب بيواھ عورت سان ٿي آھي جنھن جو پاتل سون کڻڻ بعد پنهنجي فرزند جي شادي لاءِ تيار ڪرايل سون جادوگريءَ جي زور تي گهر جي الماڙي مان کڻي اڻڃاتل ٺڳن کي عورت پاڻ آڻي ڏنو. ھي نوسرباز ڦورو ٽولو پنھنجي بزرگ نما دوکيباز سان دعائن جي بھاني گڏجي واردات ڪري ٿو. جنهن وٽ موٽرڪار به آھي سي واردات بعد گم ٿي وڃن ٿا. اھڙو اطلاع فريادي ڌر پاران واسطيدار پوليس ٿاڻي تي ڏنو ويو. ان ڏس ۾ وزير اعليٰ سنڌ، سنڌ جي گھرو وزير ۽ ڊي آءِ جي پوليس کي اپيل ڪجي ٿي ته غريب عورت سان ٿيل واردات جو نوٽيس وٺندي فراڊي ٽولي کي گرفتاري ڪري ڦر ڪيل سون بيواھ عورت کي واپس ڪرائي اٻوجھ عورتن/ مردن کي انھن ظالم ٺڳن کان ڦرجڻ کان بچايو وڃي.

منظور ڪالرو/ قاسم آباد

قومي ادارتي پاليسيون،

رياستي رازداري جي امانت!

(حصو پهريون)

دنيا جي ڪمزور ترين رياست جون به پنهنجيون قومي ترقياتي يا رازداريءَ جون پاليسيون، پروگرام ۽ ترقياتي منصوبا هوندا آھن جن جي آڌار تي ملڪ جي ادارتي وهنوار جيڪو پڻ رياستي ڍانچي جي سڃاڻپ هوندو آھي، تي ڪم ڪار هلندو آھي پر افسوس جو ڪجھ کان خبرون گردش ۾ آھن ته آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ملڪ ۾ موجود صوبن جي سالياني ترقياتي منصوبن واري پروگرام جي پاليسين کي گهرائي پلاننگ ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ جي پڻ گهر ڪئي آھي،آءِ ايم ايف گهر ڪئي آھي ته انهن ترقياتي منصوبن جا سيڪٽر وائيز تفصيل پلاننگ ڪميشن کي جمع ڪرايا وڃن. اطلاعن موجب ملڪ جا چا ئي صوبا پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير حڪومت کان به اهڙو گڏيل مطالبو ڪيو ويو آھي. ان حوالي سان اطلاع اهي آھن ته پنجاب حڪومت ۽ سنڌ حڪومت اهڙي قسم جي ڄاڻ وفاقي سان شيئر پڻ ڪئي آهي، جڏهن ته اهي به اطلاع آھن ته هن وقت تائين بلوچستان، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير حڪومت اهڙي ڄاڻ شيئر ڪرڻ کان انڪاري آھي. ڪافي ڏينهن کان وفاقي حڪومت ڳجهي انداز ۾ اهي ڳالهيون ڪري رهي هئي ته صوبن جي ترقياتي فنڊز ۾ ڪٽوتي يا گهٽتائي پڻ ڪئي ويندي، ان مان اهو محسوس ٿئي پيو ته آءِ ايم ايف اهڙي قسم جو مطالبو پڻ وفاقي حڪومت کان ڪيو آھي، ان عمل ۽ اهڙي قسم جي آءِ ايم ايف جي مطالبن کي گهرائيءَ سان مشاهدي ۾ آندو وڃي ته ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته آءِ ايم ايف دنيا جي ڪمزور ترين رياست يا ملڪ سان به اهڙا مطالبا ڪرڻ لاءِ هزار ڀيرا سوچيندو هوندو. اسان جو ملڪ ته هڪ ايٽمي قوت رکي ٿو جنهن جا پنهنجا رياستي ايٽمي قوت وارا پروٽوڪالس آھن. هن قسم جي مطالبن مان اهو محسوس پيو ٿئي ته اسان جي ملڪي سياسي ۽ حڪومتي  ليڊرشپ وٽ اهي ايٽمي طاقت رکندڙ رياست جي پروٽوڪال جي اهميت محسوس ڪرڻ واري ڏاهپ ناهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته آءِ ايم ايف جا هي مطالبا هجڻ نه کپن ها ان مان ثابت اهو پيو ٿئي ته يا ته اسان جي ملڪي رياستي سياسي قيادت پنهنجي ڏاهپ ۾ سنڍ ٿي چڪي آھي يا کيس کي اهڙي ڪا لالچ آھي جنهن سبب هو خاموش آھن. انهيءَ لالچ جا به ٻه سبب ٿي سگهن ٿا هڪ ته سندن جو اقتدار ۾ رهڻ ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عوامي رت مان چوسيل ٽيڪسز مان ڪڪ بيڪس وٺڻ، رياستن جي پنهنجي ملڪي، قومي ۽ ادارتي پاليسين ٿينديون آھن جن جو دارومدار قومي ترقيءَ جي راز تي پڻ بيٺل هوندو آھي ۽ ان قومي راز کي صوبائي سطح کان مٿي کڻي وڃي آءِ ايم ايف جي رحم وڪرم تي ڇڏڻ ڪٿان جي ڏاهپ ۽ حڪمت آھي. اسان جي ملڪي سربراهن ۽ سياسي قيادتن کي کپي ته آءِ ايم ايف جي پاليسين کان نجات حاصل ڪندڙ حڪمتي عملين تي ڌيان ڏيڻ کپي، جيڪڏهن نه ته پوءِ پاڙيسري ملڪ سريلنڪا جو حشر سڀني جي سامهون آھي، دنيا جي دستوري اصولن پٽاندڙ نظام ۾ اسان پنهنجي رياستي ۽ جغرافيائي جنهن صورت ۾ ويٺا يا بيٺا آھيون سو پڻ وڏي اهميت ۽ هئيت جو حامل آھي، جڏهن ملڪ جي رياستي ۽ قومي پاليسين جو گهرائيءَ سان جائزو وٺو ته اسان کي ان ڄاڻ ملڻ تي فخر ٿيڻ کپي ته اسان جي هٿياربند طاقت دنيا جي طاقتور ۽ بهترين عسڪري پيشاوراڻين مهارتن سان پڻ ڀريل آھي. سياسي قيادتن وٽ هڪ ڏاهپ واري سوچ هوندي آھي اها قومي سطح تي هن وقت ڄڻ ته سنڍ ٿي چڪي آھي، جيڪڏهن نه ته آءِ ايم ايف مٿي ذڪر هيٺ ڏنل مطالبا نه ڪري ها، ان ڪري هتي ٿيڻ ايئن کپي ته سياسي ڏاهپ جا بلند نعرا هڻندڙ حڪمرانن کي کپي لاڳيتو 16 سالن کان پارليامينٽ ڪم ڪري ٿي اوهان جي حڪومتن جي لاڳيتو اٿل پٿل رهي آھي ته پوءِ به آءِ ايم ايف جا اهڙا مٿي بيان ڪيل مطالبا مناسب ڪونه ٿا لڳن يا اوهان ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ جا حڪمران يا سياسي ليڊرز ناهيون يا خدا نه ڪري ملڪ ايٽمي طاقت ناهي جو آءِ ايم ايف اهڙامطالبا ٿي ڪري.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي