جيل جي ڊائريءَ

جا ورق!

صبح عصر ويل سڪس پيڪ ايبس جي ورزش شروع ڪيان ٿو، موسم تمام خوبصورت ٿي وئي آهي، هلڪي هلڪي بوندا باندي پوي ٿي ته آسمان جو رنگ ئي تبديل ٿي وڃي ٿو. سپاهي امجد سان گڏجي تمام گھڻي واڪ ڪيان ٿو، راتوڪي ڊاڪٽر ارشد واري ڪچهري اڃا ذهن تي تري رهي آهي، هن جو چوڻ آهي ته جيلر شڪيل کي مون سان بي سبب جي هيراڦيري ڪرڻ ڇڏي ڏئي ۽ آئون اُهو قيدي ڪونه آهيان جيڪو تنهنجي ڊرامن ۾ اچي وڃان! سچ چوان ته آئون انصاف کي هن جيل ۾ ڇيهون ڇيهون ٿيندي محسوس ڪري رهيو آهيان. ملاقات جو سڏ ٿئي ٿو، آئون لائبريري مان سڌو ملاقات روم ۾ وڃان ٿو جتي اسد نظر اچي ٿو. رسمي سلام دعا کان پوءِ هُو ٻڌائي ٿو ته وڪيل پٽيشن جا 50،000 رپيا گھري رهيو آهي پر بدر ڀائو جو چوڻ آهي ته آئون رڳو ماسيءَ کي وٺي اچي شڪيل صاحب سان ملايان. پوءِ سڀ ڪم سولا ٿي ويندا. مون اسد کي چيو ته جي بدر ڀائيءَ ايئن چيو آهي ته پوءِ بي امان کي هينئر ئي وٺي آ. هُن جي ٿڪل ٿڪل اکين ۾ هڪ دم روشني اچي وئي ۽ هُن مون کي الوداع ڪيو. وارڊ اچي مانجھادو ڪيم ۽ وسندڙ برسات ۾ دير تائين اسد عليءَ جا سفر ۽ اوجاڳا محسوس ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيس. ملاقات جي پرچي ٿي اچي، پياري ڀاءُ سخي راهمي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ مون کي بي امان ۽ اسد علي سان ملاقات ڪرائي. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ عارف مون کي اک ٽيٽ سان ڏسندو رهي ٿو. جيلر شڪيل بيگ اسان کي پنهنجي سزا جي بريفنگ ڏيندي اسد ۽ بي امان کي چيو ته اسان آصف جي آزاديءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيو پر ان لاءِ لازمي آهي ته آصف ڪجھه ٿڌو ٿي اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏئي. بي امان شڪيل ۽ عارف جھڙڻ جھونن کي ٻچا ٻچا ۽ پٽ پٽ چوندي رهي ٿي. جيڪي وڏي احترام سان بي امان ۽ اسد علي سان پيش اچي رهيا هئا. شڪيل بيگ صاحب وڪيل امتياز عباسيءَ کي به ڪال ڪئي ۽ هُن کان ديت جي باري ۾ گھڻو ڪجھه پڇيو ۽ هُن کي گھڻو ڪجھه ٻڌايو. خير اها ملاقات تمام زبردست ٿي. منهنجو ڀاءُ ۽ منهنجي ماسيءَ اڄ به مون کي جيل ۾ ڇڏي ويا. جيلر عارف ۽ منهنجو ٺاهه ٿي ويو، اصل ۾ اڄ مون ايس ايس پي ملڪ اسلم صاحب سان ملاقات ڪئي هئي جنهن منهنجي پارت سموري عملي کي ڪئي آهي تنهن کان پوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويا آهن، مون ايس ايس پي صاحب کي چيو ته آئون ڪورٽ سان رجوع رڳو ڀائو بدر جي ڪري ڪونه پيو ڪريان. ڀائو بدر بار بار بي امان جي ڳالهه ورجائي رهيو هو ته بي امان جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان هن کي جيلن ۾ رکرائڻ چاهي رها هئاسين ته هي آزاد ٿي ٿي ويو پر جڏهن اسان چاهيو ڇا ته آصف آزاد ٿئي ته هي آزاد نٿو ٿئي، هن ملڪ جو ڪهڙو قانون آهي؟ (03 فيبروري 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي  جھروڪن مان!

(حصو پهريون)

رات دير سان خبرون ٻڌڻ لاءِ جيئن ئي ٽي وي کوليم ته هڪ خبر تي نظر پوي ٿي ته سنڌ جي وڏي وزير محترم سيد مراد علي شاهه جو صلاحڪار بابل ڀيو جي پٽ کي ويگو گاڏي سميت پوليس موبائيل سان گڏ غير قانوني هٿيارن ۽ ساٿي ڏوهارين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کي گرفتار ڪرڻ شرط فورن آزاد به ڪيو ويو آهي، گرفتار ڪرڻ ۽ بعد ۾ فورن آزاد ڪرڻ هڪ سواليه نشان به بڻيل آهي، جيڪڏهن بابل ڀيو جي پٽ جي جاءِ تي اُهي هٿيارن جا اسمگلر ڪنهن غريب ماءُ پيءُ جا پٽ هجن ها ته انهن سان سڌ پوليس هڪ وڏي پريس ڪانفرنس گھرائي انهن سان فوٽو سيشن ڪرائي انهن حشر خراب ڪري ڇڏي ها. پنهنجي پروموشن لاءِ انهن کي ڪوڙي مقابلن ۾ فل فراءِ يا هاف فراءِ ته لازمي ڪن ها ۽ سندسن مٿان سوين ڪوڙا ڪيس به ظاهر ڪن ها پر هتي ته وڏي ڳالهه اها آهي ته سرعام موتمار هٿيارن سميت گرفتاريءَ باوجود به سرڪاري مدعيت ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ بابل ڀيو ۽ سندس فرزند جو ڪو به ذڪر ناهي ڪيو ويو. خبر موجب ضلعي جيڪب آباد جي ٿاڻي مولا داد ۾ سرڪاري مدعيت ۾ دهشتگردي ائڪٽ تحت داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ پوليس اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته شڪارپور، گھوٽڪي، ڪشمور ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن گھڻي وقت کان هلندڙ ۽ ٻين الصوبائي هٿيارن جا اسمگلر اختيار عرف زاهد لاشاري ۽ سندس ساٿي ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ هٿيار بلوچستان جي مختلف علائقن کان شڪارپور ۾ دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ڪندا ۽ ڪرائيندا آهن، جنهن سان عوام جون جانيون زيان ٿينديون رهيون آهن، سڄي ايف آءِ آر ۾ ڪٿي به باببل ڀيو ۽ سندس فرزند جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي، شايد انهيءَ لاءِ ته هو سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار آهي يا ته پاڻ پوليس انهن سان ڏوهه ۾ ملوث آهي.(جاري)

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

ڌاڙيلن کي هٿيار پھچائيندڙ ۽ پڪڙيل صوبائي صلاحڪار جو پٽ!‎

(حصو ٽيون)

ڇو ته سنڌ پوليس جو ڪم سدائين  پنھنجي فرضن کان ھٽي ڪري سدائين وڏيرن، ڀوتارن جي ڪمداري ۽ چمچاگيريءَ وارو رھيو آھي پر جيڪي جوان ايمانداري سان جان جي پرواهه نه ڪندي پنھنجو فرض نڀائين ٿا ته انھن کي وري سيکت طور اھڙي قسم جون پري ۽ ڏکين جاين تي بدليون ڪري سزا ڏني ويندي آهي ته جيئن اڳتي لاءِ اھڙي جرئت ڪرڻ جي ھمٿ ئي نه ڪن. سنڌ ۾ اھو آھي ڪامياب ڪارروائي ڪندڙن کي ملندڙ سيکت ۽ نتيجو جيڪو پوليس جي اعليٰ عملدارن  طرفان ھڪ ڏوهاري وڏيري جي نافرماني ڪندڙن پوليس جي جوانن کي ڏنو ويو آهي، ھونئن به سنڌ پوليس جي پھري ھيٺ سنڌ جو عوام، ڀوتارن، پيرن، وڏيرن، وزيرن، ڌاڙيلن کان سدائين لٽجندو رھيو آھي، جنھن جي ڪري ھي واقعو ڪا نئين ڳالهه ڪونھي، ڇو ته سنڌ ۾ ڏٺو ويو آهي ته سنڌ جي سردارن، ڀوتارن، وڏيرن سدائين ڌاڙيل راج کي پالڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي جنھن کي عام سنڌي ۾ پاٿاريدار سڏيو ويندو آهي جنھن جي ڪري سدائين سنڌ جو امن امان تباھ رھيو آهي، سنڌ ۾ پوليس جي نگرانيءَ ۾ ھر سماجي برائي جو سرپرست وڏيرو، پير، مير ئي رھيو آھي، ان جو  گھڻي کان گھڻو فائدو به انھن ئي ڌرين کي مليو آھي، ڇو ته ان ڪم جي سرپرستي ڪرڻ سان ئي سندن جون حڪومتون قائم آھن، پوءِ ان ۾ قبيلائي جھيڙا ھجن يا اغوائون، ڪارو ڪاري، ڌاڙن، ڦرن کان ويندي چرس، آفيم، ھيروئن، ھٿيارن جو وڪرو، فحاشي ۽ جوئا جا اڏا به اڪثر سڌي يا اڻ سڌي طرح ڀوتارن جي آشيرواد سان ئي ھلندا آھن، جن تي به پوليس جو حصو مقرر ٿيل ھوندو آھي، جيڪو سندن گھر ويٺي ملي ويندو آٿن. فضيلا سرڪيءَ کان ويندي پريا ڪماري جي اغوا جا پيرا به تر جي بااثر وڏيرن ۽ پيرن جي گھرن جي درن تائين پھچن ٿا پر انصاف ڪري ته ڪير ڪري؟ ھتي جيڪي چور آھن سي ئي چوڪيدار آھن، ھي ويري به آھن ته واھرو به آھن، ڇو ته جيڪي ڌاڙيلن جا سرپرست آھن انھن کي پالي نپائي جوان ڪندڙ آھن، اھي ئي حڪومت ۾ اقتدار ڌڻي به آھن، اھي ئي قانون ۽ انصاف جا رکوالا به آھن جنھن جي ڪري سنڌ ۾ لاقانونيت ناانصافي عام ڳالهه بڻيل آهي، ڀوتار ڏينھن کي رات چون يا رات کي ڏينھن سا سندن مرضي آھي عوام کي ته ھر حال ۾ ھر حڪم ئي مڃڻو آھي (جاري)

اڪبر عارباڻي/گھوٽڪي

ذيشان جي معصوم

مرڪ جو قسم اٿو!

(حصو ٻيون)

ضلعي سانگھڙ جي شھر سرهاري جي بلڪل ڀرسان ڳوٺ رمضان ڏاھري ۾ گذريل ڏيڍ ميھني کان 8 سالا گلاب جو گل جھڙو ذيشان ڏاھري پنھنجي گھر کان اسڪول ويندي پُراسرار نموني گُم ٿي ويو آهي جنهن جو اڃان تائين ڪو به پتو ناھي پئجي سگھيو، خدارا ھي ڪھڙو معاشرو آھي جتي جان مال جو تحفظ ناھي، جتي لکين رپين جون پگھارون کڻندڙ تحفظ لاءِ ادارا ته کليل آھن پر غير فعال بڻيل آھن، ڀوتارن جي بنگلن تي دانھن ۽ درخواست بي معنيٰ بڻجي ٻوساٽجيو مريو وڃن ۽ جڏھن ته سرڪاري ادارن ۾ اھڙين ارضين ۽ دانھن جون الماريون ڀريون پيون آهن جن جي پيروڪاري ڪرڻ لاء “صاحب” آرام مان اُٿڻ واري اميد ۾ انسان کي اڌ پوڙھو ڪري ڇڏيندي آھي، ھڪ پوڙھو پيءُ ۽ ماءُ ڪنھن جي در دانھن کڻي وڃن؟ عدالتون سنوائين جي چڪر ۾ عمر جو ڳچ حصو سڙيو وڃي پوءِ ڪجي ته ڇا ڪجي؟ دانھن ڏجي ته ڪنھن وٽ دانھجي؟ سرهاري واسي ننڍڙي نينگر ذيشان ڏاھريءَ جي ماءُ جي ڪيفيت ۽ درد جو احساس رکي سندس گم ٿيل گلاب جي گل مثل پٽڙو موٽائي ڏيو يا وري موٽرائي ڏيو، سدا بھار ۽ نازبوءَ جي گلڙن تي ايندڙ رنگين پوپٽن جھڙي مُرڪ جي مالڪ ذيشان ڏاھري جي معصوم چھري تي نه سھي پر سندس معصوم ڪنول جي گل جھڙي مُرڪ جو قسم اٿوَ ذيشان ڏاھري کي موٽائي ڏيو! يا موٽرائي ڏياريو. سرھاري جا صحافي، سول سوسائيٽي، سياسي، سماجي تنظيمون جي دل سان چاھين ته ذيشان ڏاھري جي جيجل امڙ جي لڙڪن جو ڀرجھلو ٿي سگھن ٿا. سڀ جو سڀ ھڪ پليٽ فارم تي بيھي ذيشان ڏاھري جو آواز بنجي پون، ايس ايس پي ضلعي سانگھڙ کي ھٿجوڙ ايپل ڪجي ته سرھاري واسي ننڍڙي معصوم نينگر ذيشان ڏاھريءَ جي بازيابي لاءِ سنجيدگيءَ سان سخت نوٽيس وٺي وارثن کي ذيشان ڏاھري ڪيس اڳڀرائي ڪرائي ڏي ۽ ذيشان ڏاھري جي امڙ جي دردن درمان ڪيو.

گل حسن خاصخيلي/ بکر جمالي موري