پيپلز پارٽي ٻيهر آصف زرداري کي صدر پاڪستان بڻائي ڏيکاريو!

 

بلاول ڀٽو ۽ ان جي پارٽي ن ليگ سان باقاعدا معاهدا ڪري وفاقي حڪومت ٺهرائي حقيقت ۾ پ پ جنهن ڏينهن پنهنجي حمايت واپس ورتي ته ان ڏينهن حڪومت اڪثريت ختم هجڻ سبب ڪري پوندي ڇاڪاڻ ن ليگ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، استحڪام پارٽي وغيره جيڪي سڀ ملي ڪري به سادي اڪٽريت سان حڪومت نٿيون ٺاهي سگهن حڪومت ٺاهي ويهڻ ۽ بجيٽ وغيره منظور ڪرائڻ لاءِ جيڪي پ پ جون محتاج آهن پر اهو سڀ ڪجهه پ پ مفت ۾ ناهي ڪيو ۽ ن ليگ سان حڪومتي پارٽنرشپ ڪئي آهي ان لاءِ پ پ آصف زرداري جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ آتي رهي ته اهو هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان صدر ۾ اچي پهچي ۽ اتي ويهي مطلب ته پ پ ان کي صدر پاڪستان ٻيهر ڏسڻ جي خواهش رکي جيڪو هن وقت صدر بڻجي ويو آهي جنهن سلسلي ۾ صدارتي چونڊن لاءِ پ پ سياسي پارٽين سان رابطا تيز ڪيا ۽ جيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر آصف زرداري کي صدر پاڪستان بڻائڻ لاءِ متحرڪ ٿي پارليامينٽ هائوس 361 ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪيو، آصف زرداري کي 255 ۽ محمود اچڪزئي 119 ووٽ مليا ۽ هو صدر بڻجي ويو مطلب ته هن وقت سياسي لحاظ کان آصف زرداري سڀني تي ڀاري آهي جيڪا ڳالهه پ پ لاءِ خوشي آهي جڏهن ته پ پ قومي اسيمبلي ۾ پنهنجو ڊپٽي اسپيڪر به بڻائي ورتو آهي، هن وقت آصف زرداري کي ٻيهر صدر پاڪستان بڻجڻ تي مبارڪون هجن ۽ ٻن صوبن ۾ گورنر به يقينن ان جي پارٽي جا ايندا، جڏهن ته بلوچستان ۾ پ پ مهارت سان پنهنجو وزيراعليٰ آڻي ڏيکاريو آهي، جي جتي ن ليگ جي يو آءِ سان هٿ ملائي ها ته يقينن گڏجي اتي صوبائي حڪومت ٺاهي ويهن ها پر پ پ وفاق ۾ سهڪار جا جيڪي شرط رکيا ان ۾ هڪ شرط وزيراعليٰ بلوچستان انهن جو هجڻ به شامل هو جيڪا ڳالهه پ پ لاءِ خوشي جي آهي اهي. سڀ فائدا پ پ کنيا آهن گڏوگڏ هو چاهي ها ته وفاق ۾ ۽ پنجاب ۾ ڪابينا جو حصو بڻجي ها پر هن ان لاءِ پاڻ کي نيوٽرل ثابت ڪري اپوزيشن ۾ هجڻ جو تاثر به ڏنو وفاق ۾ وزارتون نه هجڻ باوجود پ پ جا اسيمبلي ميمبر جن کي وفاق مان فنڊن جي گهٽائي هوندي ته انهن جا ڪم رڪجي ويندا ان لاءِ شهباز شريف پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ بار بار پ پ طرف ئي ڏسندو رهندو، جي ڳالهه ڪجي سينيٽ ايوان جي ته سينيٽ ۾ 48 سيٽن تي 03 اپريل تي چونڊن جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊن لاءِ شيڊول پڌرو به ڪيو سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ 03 اپريل تي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ هوندي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان 11،11 سينيٽر چونڊبا پ پ جي اها ڪاميابي آهي ته ان جو صدر پاڪستان ۽ سينيٽ چيئرمين به ايندڙ ڏينهن ۾ اچي ويندو ۽ پنوعاقل سان تعلق رکندڙ سابق صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو به يقينن سينيٽر ٿي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

مثالي اسڪول ساجن منگريو ۾ ملھايل تعليمي فيسٽول!

 

علم ذريعي ئي انسان محنت ڪري اعليٰ منزل ماڻي سگھي ٿو، علم انسان کي فرش کان عرش تائين پهچائي ٿو، علم ھڪ شعور جو نالو آهي، علم انسان جي ٽين اک آهي، تعليمي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرميون پڻ شاگردن لاءِ اھم ضروري آھن، اھڙو ئي شاندار تعليمي فيسٽول ساھتي پرڳڻي ضلعي نوشهروفيروز، تعلقي ڪنڊياري يوسي غلام شاهه جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ساجن منگريو ۾ شاندار تعليمي فيسٽول منعقد اسڪولي شاگردن پاران مختلف شعبن ۽ ثقافتي نمائشي اسٽال پڻ لڳايا ويا، جيڪي آيل مھمانن جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رھيا، پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنھن کان پوءِ سڀني آيل معزز مھمانن ۽ والدين کي اسٽيج سيڪريٽري، اڀرندڙ شاعر ۽ محنتي استاد فنائي فيض الله منگريو، آجيان ڪئي، آيل مھمانن تعليمي فيسٽول کي ساراهيندي استادن ۽ شاگردن جي محنت ۽ جفاڪشي جي واکاڻ ڪئي، شاگردن پاران تقريرون ٽيبلوز ۽ نعتون پيش ڪيون ويو، استاد برادري، علمي ادبي شخصيتون ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ خاص مهمان آل سنڌ منڱريا ويلفيئر ايسوسيئيشن جو مرڪزي صدر محترم مير علي نواز منگريو، ڊاڪٽر امداد علي کوسو، پروفيسر نذير احمد کوسو ۽ ڪائونسلر ظفر علي کوسو جن ھئا، تعليمي فيسٽول ۾ اسڪولي شاگردن پاران صحت کاتي جي ميڊيڪل ڪئمپ، علمي ادبي، درسي ڪتابن جا اسٽال، ڀاڄين ۽ ميون جا اسٽال، ھارپي سان لاڳاپيل جنسن جا اسٽال، ۽ ثقافتي اسٽال جڏھن ته اسڪولي شاگردياڻين ھٿ جي ھنر ڀرت ۽ رنگ برنگي رلين جا اسٽال پڻ لڳايا ۽ قسمين قسمين ثقافتي ديسي کاڌا پڻ تيار ڪرايا ويا، آيل مھمانن پاران شاگردن جي محنت جي حوصلا افزائي خاطر روڪ رقم ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون ويون، اسڪولي شاگردن پاران سنڌ پوليس جي وردي پائي تعليمي فيسٽول جي نگراني پڻ ڪئي، پروگرام ۾ خطاب ڪندي چيو ته اھڙا تعليمي پروگرام شاگردن جي ذھنن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ٿا، نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين جو ھجڻ به لازمي آهي، ھنن چيو ته جس آهي ھن اسڪول جي جاکوڙي ۽ محنتي استادن ھيڊ ماستر نور دين منگريو، فيض الله منگريو، حماد الله منگريو جي محنت کي جن ھن ٻھراڙيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ يونيورسٽي طرز جو تعليمي پروگرام منعقد ڪري ٻھراڙيءَ جي ذھين شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي. ھنن چيو ته اھڙا تعليمي پروگرامن ۾ تعليمي آفيسرن جو ھئڻ ضروري آهي، جيڪو سندن فرضن ۾ شامل آھي، استادن پنھنجي محنت والدين جي سهڪار سان اھڙو تعليمي پروگرام سجايو آھي، افسوس جو ھن اسڪول ۾ وڏي تعداد ۾ شاگردن جي داخلا ھئڻ باوجود ھن ڳوٺ جي اسڪول کي عمارت نه ھئڻ ڪري اسڪولي ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. کاتي کي گھرجي ته ڳوٺ ساجن منگريو جي پرائمري اسڪول جي عمارت منظور ڪرائي وڃي، تعليمي پروگرام ۾ معزز استادن جن معزز استادن يوسي فوڪل پرسن غلام شاهه، حزب الله ڪلھوڙو، وزير مل اوڏ، عبدالحفيظ گھانگھرو، عابد علي منگريو، محمد شريف منگريو، الھ وسايو ھنگورو، شميم منگريو، فياض علي ملاح، آدم لاکو، آدم چنڙ، غلام قادر منگريو، مستقيم منگريو، دريا خان کوسو ۽ ڳوٺ جي معزز والدين غلام مصطفيٰ منگريو، ڏاڏو ھارون منگريو، بلاول منگريو، حاڪم علي منگريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اھڙا محنتي استاد مقرر ٿيڻ کان پوءِ اسان جي ڳوٺ ۾ تعليم جو ماحول بھتر ٿي رھيو آھي ۽ علم جي روشني پکڙجي رھي آھي ۽ ھر ٻار جي ھٿ ۾ ڪتاب ۽ قلم نظر اچي رهيو آهي جيڪو اسان جي مستقبل جو سونهري خواب آهي.

 

غلام نبي منگريو/ڪنڊيارو

 

ھڪ چٺي وزير اعليٰ سنڌ ڏانهن!‎

 

اميد ته سائين جن خوش ھوندا، جيئن ته سائين توهان ٽيون ڀيرو سنڌ جي وزير اعليٰ طور حلف کنيو آهي، جيڪو يقينن ڪنهن اعزاز کان گھٽ نه آهي پر سائين حلف کڻڻ جو مقصد پنهنجي صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ ھجڻ گھرجي، سائين جن کي عرض آهي ته اسان جو ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن جيڪو تعلقي ڏوڪري ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي جيڪو 2022ع جي برساتي ٻوڏ ۽ انتظامي نااھلي جي ڪري مڪمل ٻڏي ويو هو، سيھڙ اسٽيشن جا ٻوڏ متاثرين اڄ به کليل آسمان ھيٺ سخت سردي توڙي سخت گرمي ۾ معصوم ٻچڙن سميت گذارڻ تي مجبور آهن. ڇا سائين توهان ٻڌائيندا ته سيھڙ اسٽيشن جي مسڪين ماڻهن جو ڏوھ ڪھڙو آهي؟ ڇا سائين توهان ٻڌائيندا ته عالمي دنيا کان ملندڙ ڪروڙين ڊالرن جي امداد ڪٿي آهي؟ جيڪا توهان سڄي دنيا مان سنڌ جي برسات متاثرن جي نالي تي ورتي هئي جنهن پارٽي جا توهان وزير اعليٰ بڻيا آھيو، ان پارٽيءَ جو روٽي ڪپڙا ۽ مڪان منشور آهي، جيڪو شايد توهان اقتدار جي نشي ۾ وساري ويٺا آھيو، ڪڏهن وزير اعليٰ ھائوس مان ٻاھر نڪري ھڪ رات برسات ۾ کليل آسمان ھيٺ پنهنجي گھر جي ڀاتين سان گڏ گذاري ڏسو، شايد تڏهن توهان کي احساس ٿئي ته سيھڙ ۽ سنڌ جي بيگھر بڻيل ماڻهن جو خدارا غريبن تي رحم ڪري سيھڙ اسٽيشن جي برسات متاثرن کي بنا ڪنهن دير جي گھرن جي تعمير جي لاءِ رقم جاري ڪريو ته جيئن غريب مسڪين پنھنجا اجھا اڏي سگهن، توهان جي پارٽي قيادت ھميشه چوندي آئي آهي ته جمھوريت بھترين انتقام آهي سائين جن ڪٿي اھو انتقام اسان سيھڙ اسٽيشن جي مسڪين ماڻهن کان ته نه پيا وٺو؟

 

مور چانڊيو/سيھڙ اسٽيشن

 

هڪ چٺي لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ڊي سي ٿرپارڪر ڏانهن!

 

ٿرپارڪر ۾ چوپائي مال ۾ ڳنڍ جي بيماري ڪر کنيو آهي، تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ مصري سومرو (ڪاجهر) ۾ هڪ ئي مال جي ڀاڳئي جون چار مينهون ڳنڍ جي بيماريءَ ۾ مري ويون آهن، ان سلسلي ۾ مال جي ڀاڳين عرس سومرو، عارب سومرو ۽ ٻين ڀاڳين دانهيو آهي ته چوپائي مال ۾ ٽائيم سر ويڪسين نه ٿيڻ سبب مال بيدردي سان مرڻ لڳو آهي ۽ ڪيترن ئي ٻين ڳوٺن جي ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي سبب تعلقي ڪلوئي ۾ چوپائي مال جا ڊاڪٽر موجود آهن پر ڊاڪٽر ويڪسين مختلف ڳوٺن ۾ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، کين ڪو به عملدار پڇاڻو ڪرڻ لاءِ ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آهي، تعلقي ڪلوئي جي وٽنري اسپتال ۾ چوپائي مال جي لاءِ دعوائون موجود آهن پر مال جا ڊاڪٽر پئسن تي دعوائون ڏئي رهيا آهن، وٽنري کاتي جي لاپتا هجڻ ۽ چوپايو مال کي ويڪسين نه ڪرڻ سبب ضلعي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، تعلقي ۾ ويٺل چوپائي مال جا ڊاڪٽر مختلف ڳوٺن ۾ ويڪسين نٿا ڪن، آخر هي ڪهڙا ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهن؟ جيڪڏهن ڪو ڀاڳيو ڊاڪٽر کي گهرائي ٿو ته ٻيڻا ٽيڻا دوائن جا پئسا وٺن ٿا پر لاڳاپيل آفيسر لائيو اسٽاڪ کاتو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن، چوپائي جي ڀاڳين هن چٺي وسيلي لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان مطالبو ڪري رهيا آهيون ته جلد کان جلد نوٽيس وٺي مختلف ڳوٺن ۾ وٽنري جون ٽيمون مقرر ڪري چوپائي مال کي ويڪسين ڪئي وڃي ۽ ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ کان بچايا وڃن.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎