سنڌ جي اثاثن جي مالڪي ايندڙ حڪومت کي ڪرڻ گھرجي!

 

سنڌ صوبو ھڪ امير ترين خطو ھو ۽ ھاڻي به آھي، هي شاهوڪار صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ زرعي طور ذرخيز به آھي، ان صوبي جا اصل رهواسي هن وصقت تائين غربت ۾ ڦاٿل ۽ روزگار لاءِ پريشان حال آھن، سنڌ صوبي جون زمينون، ٻيٽ وڪرو ڪرڻ بند ڪرڻ، تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ ٻاهرين صوبن جا ماڻھو ڪم ڪن ٿا. سنڌ جي راڄڌاني شھر ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي بندش ڪئي وڃي، جيڪي ڌاريان سنڌ جي مختلف شهن ۾ آباد آھن انھن کي جلد کان جلد نيڪالي ڏني وڃي. سنڌ صوبي جي مالڪي ڪرڻ سنڌ جي نئين چونڊجي آيل حڪومت جي وڌيڪ ھوندي، ايئن ته سنڌ جي ھر پڙھيل لکيل ساڃاھ وند ۽ سنڌ جي ماڻھن جو به فرض آھي پر سڀني کان گھڻو ۽ وڏو فرض اقتدار ۾ چونڊيل نمائندن جو آھي، جن وٽ اقتدار جو پاور (Power) آھي، سنڌ صوبي ۾ سنڌي ماڻھن سان ناانصافي پئي ٿي آھي اسان ايندڙ نئين حڪومت کي عرض ڪريون ٿا ته سنڌ جي اثاثن جي مالڪي ڪريو جيئن سنڌ جي ماڻھن توهان کي مينڊيٽ ڏئي چونڊيو آھي، ڏنل مينڊيٽ جو ضرور خيال ڪندا.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

سنڌ حڪومت ڏانهن خط!‎

 

سنڌ ۾ گذريل پندرهن سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ به  عوام توهان کي ان جي ڪري وري پنجن سالن جي لاءِ چونڊي اقتدار ۾ آندو آهي ته جيڪو توهان گذريل پندرهن سالن جي حڪومت ۾ نه ڪري سگهيا آهيو شايد هنن پنجن سالن ۾ ڪري ڏيکاريو. عوام کي جيڪي توهان درد ڏنا آهن شايد انهن تي مرحم رکي سگهو، مهانگائي ختم ڪري سنڌ جي ڏتڙيل عوام کي رليف ڏئي سگهو، ادارن اندر سياست جي مداخلت ختم ڪري ادارن اندر پيدا ڪيل ڪرپشن ۽ ميريٽ جي لتاڙ جو خاتمو آڻي سگهو.BISP  جي وظيفعي جي تحت عورتن کي سڄو ڏينهن خوار ٿيڻ بجاءِ ورڪشاپ کولي انهن کي سکيا ڏئي روزگار ڏئي سگهو. سنڌ جي هر ضلعي ۾ سرڪاري سطح تي سيڙپڪاري سان روزگار جي روزگار جاموقعا  قائم ڪري سنڌ جي هزارين بيروزگاري سبب پريشان ۽ آپگھاتن جي رستي طرف ويندڙ نوجوانن کي روزگار سان لڳائي انهن جي معصوم ٻچن کي ٻه ويلا کائڻ جو حق ڏئي سگهو، هزارين ٻار اسڪولن کان ٻاهر پڙهڻ جي عمر ۾ غربت سبب پورهيو ڪرڻ تي مجبور آھن انهن کي اسڪولن ۾ داخلائون ڏئي انهن کي ماهوار وظيفو ڏئي سگهو,، سنڌ جي هر تعلقي ۾ يونورسٽي ڪئمپس ۽ لائبرريون قائم ڪيو، جيئن ٻھراڙي جا شاگرد اتي تعليم پرائي سگهن. هر ننڍي وڏي شھر ۾ روڊ رستا ٺھرائي سيوريج ۽ بجلي جو نظام انڊر گرائونڍ ڪري، اسٽريٽ لائيٽون لگايو، پارڪ ۽ پلي گرائونڍ ڏئي، وڏيرا شاهي ۽ قبيلائي جهيڙن کان عوام جي جان آجي ڪرائي امن امان پيدا ڪري سگهو. ڪاش ھنن پنجن سالن ۾ اهو عمل ڪري عوام جي ووٽ جو حق ادا ڪري سگهو ٿا.

 

جميل احمد جھتيال/باڊهه

معصوم شھيد علي رضا حاجاڻو جا قاتل گرفتار ڪريو!

 

گل جھڙي معصوم شھيد علي رضا حاجاڻي آخر ڪنھن جو ڪھڙو ڏوهه ڪيو ھو؟ آخر هن ڪنھن جي ڪھڙي دل آزاري ڪئي ھئي؟ آخر ڇو ھن معصوم ٻار کي انتھائي بيدردريءَ ۽ درندگيءَ سان ڪنھن بي ضمير ماڻھو  قتل ڪري ڇڏيو، سندس لاش جي بيحرمتي ڪري سندس عضوا ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا، سندس وارث، مٽ مائٽ، اوڙو پاڙو توڙي ھر احساس رکندڙ ماڻھو اھڙي درندگيءَ واري قتل سبب صدمي ۾ ورتل آھن، جنھن جو سوچي به انسان جو روح ڪنڀي وڃي ٿو پر نه ڄاڻ ڪھڙي درندي اھڙو وحشياڻو ڪم ڪري پنھنجا ٻئي جھان برباد ڪري ڇڏيا، اسين ايس ايس پي خيرپور، ڊي آءِ جي سکر، آءِ جي سنڌ پوليس، وزير اعليٰ سنڌ، سنڌ جي گھرو معاملن واري وزير ۽ ٻين ڳجھين ايجنسين کان مطالبو ٿا ڪريون ته هن حساس معاملي جي گھڻ رخي جاچ ڪري قاتلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ کين عبرتناڪ سزا ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي ته جيئن اڳتي ڪو حيوان صفت ماڻھو اهڙي ڪڌي عمل ڪرڻ کان پهرين ھزار ڀيرا سوچڻ تي مجبور ٿئي. ان کان سواءِ اسان سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به علي رضا حاجاڻي جي قتل جو نوٽيس وٺي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪرڻ لاءِ عرض ڪريون ٿا . اميد آھي ته سڀ وس وارا پنھنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندا ته جيئن معصوم جا قاتل وائکا ٿي سگھن ۽ کين عبرتناڪ سزا اچي سگھي.

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد، خيرپور

 

ٻالڪ علي رضا جو خون اجايو نه وڃڻ کپي!

 

سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن سميت خيرپور ضلعي جي پوليس لاءِ انسان هجڻ جي ناطي، تازو قتل ڪيل نينگر علي رضا هاجاڻو جي خون ۾ ملوث قاتلن جي ڳولا ۽ گرفتاري جو معاملو اھميت حاصل ڪري چڪو آھي، ڪوٽڏيجي جيڪو امن بجاءِ بدترين بدامني جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي اتي تازو، اهو خطرناڪ واقعو رونما ٿيو آهي، جنھن ۾ 7 ورھين جي معصوم ٻالڪ علي رضا حاجاڻو کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش جي بيحرمتي ڪري انسانيت سان سرعام ڏکوئيندڙ ۽ لڄائيندڙ  وحشياڻي حرڪت ڪري قانون کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. ھن معصوم علي رضا حاجاڻو جي دردناڪ خون تي مختلف شهرن ۾ وحشين جي گرفتاري لاءِ احتجاج شروع ٿي ويا آهن، ڏسجي ته پوليس ڪڏھن ٿي وحشي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سخت قلمن سان ڪيس داخل ڪري انهن جانور صفتن کي سزائون ڏياري يا ھي ڪيس به درگذرين جي ور چڙهي ويندو؟ ان ڏس ۾ پوليس کي معصوم علي رضا جي قتل ۾ روايتي ٿڌائي ۽ درگذري کان پاسو ڪرڻ گھرجي. ڪوٽڏيجي جي ھن وسنديءَ ۾ ٿيل دردناڪ خون جي انصاف لاءِ ٻارڙن جي زندگين جي بچاءَ، انساني قانوني تنظيمن ۽ ادارن کي سخت نوٽيس وٺي فريادي خاندان جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ جي دست بسته درخواست ڪجي ٿي. معصوم ٻالڪ جي دردناڪ قتل ۽ بيحرمتيءَ تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، پوليس جي lG سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڪوٽڏيجي واقعي ۾ ملوث ظالم قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ اپيل پڻ ڪجي ٿي. ياد رهي ته سنڌ صوبي اندر امن امان کي بهتر قرار نٿو ڏئي سگهجي، ان جي ڪري ھنگامي بنيادن تي سنڌ جي بدامنيءَ، خوني ڪاررواين، لاشن سان بيحرمتين، حادثن، اغوا جي وارداتن ۽ نشي آور شين جي وڪرو واري نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ خصوصي انسان دوست صوبي جي ڀلائيءَ ۽ ترقي توڙي خوشحالي واسطي ھمدردي وارا قدم کڻڻ کي اوليت ڏني وڃي.

 

منظور ڪالرو/حيدرآباد

 

جيئن سوچيو هو ايئن نه ٿيو!

 

(حصو پهريون)

آخرڪار اليڪشن ٿي وئي، نه نه ڪندي اهو ڪم ڪيو ويو جنهن جي اميد تمام گهٽ هئي، وري جنهن جي ٿيڻ جي اميد هئي ان تي سواليه نشان لڳي ويو. اليڪشن ٿي ته وئي پر جيڪڏهن نه ٿئي ها ته شايد ملڪ ۾ ٿورو گهڻو استحڪام هو پر جنهن جي ڪري اليڪشن ڪرائي پي وئي اهو ويتر وڌي ويو آهي. نواز جي وزيراعظم ٿيڻ واري ڳالهه جيڪا بنهه سئو سيڪڙو سچ پئي لڳي اها نوي سيڪڙو ڪوڙي ثابت ٿي وئي. مولانا کي جيڪا ڳڻتي هئي اها صحيح ثابت ٿي پر صدر ٿيڻ واري ڳالهه سئو سيڪڙو غلط ثابت ٿي وئي. مطلب اهو  ٿيو ته جيڪو سوچيو ويو هو اهو نه ٿيو ۽ جنهن بابت ڪنهن کي گهٽ اميد هئي اها ڳالهه پڪي ٿي وئي. پيپلز پارٽي جنهن بابت ڪجهه سالن کان اهو چيو پي ويو ته اها پنجاب مان ختم ٿي وئي آهي پر اليڪشن جي نتيجن ان کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. شڪي اليڪشن هجڻ باوجود ٿورا ماڻهو آهن جيڪي سمجهن ٿا ته پ پ جي به سليڪشن ٿي آهي. ايم ڪيو ايم جنهن بابت ناليوارا صحافي چون ٿا ته ايم ڪيو ايم اها غلطي ڪئي جو هن تمام ٿورا اميدوار بيهاريا، جيڪڏهن ملڪي سطح تي تقريبن سيٽن تي اميدوار بيهاريا وڃن ها ته شايد ايم ڪيو ايم چئني صوبن ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها پر وري به اها ئي ڳالهه ٿي ٿئي ته جن جيڪو سوچيو اهو نه ٿي سگهيو.  تحريڪ انصاف وارن يا ان جي سپورٽرن جي سوچ هئي ته پي ڊي ايم ٺهڻ کان پوءِ جيڪو اسان خلاف ڪم هلي رهيو آهي اهو اليڪشن بعد ويتر وڌي ويندو پر ايئن نه ٿيو پر اهو سوچ جي مطابق ئي ٿيو ته ڀلي تحريڪ انصاف سيٽون گهڻيون کڻي وٺي پر ان جي حڪومت ٺهڻ نه ڏني ويندي. ووٽ کي عزت ڏيڻ جو بياني جو راڳ آلاپيندڙ نواز شريف جي پارٽي شايد ان آسري ويٺي هئي ته اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي، ڪاميابي اسان جو مقدر آهي پر شهباز شريف جي ڪاميابي ۽ نواز جي تڪراري ڪاميابي پي ڊي ايم 2 جي صورت ٺاهي ڇڏي آهي. نواز شريف جي ساٿي پارٽي اڳواڻن موجب هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف جي طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ تمام جلد ٿي سگهي ٿو ته هو لندن جي ڊاڪٽر کين فون ڪري گهرائي به وٺي. (جاري)

 

قيوم سنديلو/ڪراچي

 

چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف لڳل ڌرڻي تاريخ رقم ڪري ڇڏي!‎

 

گذريل 16 فيبروري جمعي جي ڏينهن حرن جي روحاني پيشوا،انگريزن خلاف سنڌ جي حقن خاطر مھاڏو اٽڪائيندڙ امر شهيد سورهيه بادشاهه جي واٽ جو حقيقي جانشين پير سيد صبغت الله شاهه راشدي موجوده پير صاحب پاڳارو جنھن جي اکين ۾ سنڌ جي عوام لاءِ هڪ وڏو درد نظر اچي رھيو آھي ۽ جي ڊي اي جي سربراهه جي ڊي اي جي اتحادين پارٽين، کي ھڪ ھنڌ گڏ ٿي اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو، بدلي ۾ حر فقيرن حڪم ٿيندي ئي پيادل قافلا ڪڍڻ شروع ڪيا، اھي قافلا وڌندي وڌندي لکن جي صورت ۾ سنڌ جي امر ڌرتي جا حر فقير، سنڌ جون نياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سنڌ واسين جي دل کٽي ورتي آهي، حيدرآباد مين قومي شاهراهه ڄامشوري انڊر چينج وٽ پاڳاري جي حڪم تي لکين ماڻھن جو ثبوت ان ڳالھه جي چٽي شاهدي ڏئي ٿو ته ھيءَ اليڪشن نه پر سليڪشن ٿي آھي، انھيءَ پرامن ڌرڻي جو ڊسيپلين حر فورس جي نوجوانن پاران ڪيل سڪيورٽي، ڌرڻي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، جي ڊي اي جي اڳواڻن، جن ۾ قومي عوامي تحريڪ جا اياز لطيف پليجو، ايس يو پي اڳواڻ سائين جلال شاهه، سائين زين شاهه، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر صفدر عباسي، معظم عباسي، روشن ٻرڙو، پير صدرالدين شاهه راشدي، جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان، پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت پوري سنڌ ڀرپور سڏ کي ورنايو آهي، ھڪ غيرتمند پاڪستاني ھئڻ جو ثبوت ڏنو ويو، ڌرڻي جا منظر ۽ عوام جي ھن نالي ماتر جھموريت جي دعويدارن جا ڏنل سندن جسمن تي سور ڪڏھن به جھڪائي نٿا سگهن، پير صاحب جي سياست ۽ جي ڊي اي جي قيادت کي حمايت ڪندڙ سنڌي قوم پاران کيس جيڪا موٽ ڏني وئي آهي ان جو ثبوت ھي لکين بيوس سنڌي عوام آھي، جنھن جمعي جي نماز به قومي شاهراهه تي ادا ڪئي، سموري سنڌ جي خيرخواهن ھن جلسي ۾ شرڪت ڪئي آھي، هي عوامي سمنڊ جنھن جي ڇولين جي گجگوڙ ھن پارليامينٽ جي ديوار ۾ ڏار وجھي سگھي ٿي، عوام جي اھڙي طاقت تي شايد اعليٰ عدالتن جي در تان انصاف ضرور پلئه پوندو.

 

عبدالغني ”عبد “ آريسر/ عمرڪوٽ

 

چونڊ نتيجا ۽ سياسي قيادتن جو امتحان!

 

(حصو پهريون)

عجيب مخمصي واري ڳالھه سامهون آئي آھي ته عام اليڪشن ۾ آزاد اميدوار کٽي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن، اليڪشن انتهائي وڏن خطرن جي باوجود بهتر انتظامي بنيادن تي ٿي، سامهون نتجا اچڻ شروع ٿي ويا آھن، ڪجھه وقت اڳ تائين آزاد اميدوار کي 91 سيٽون مليون آهن، ايئن نواز ليگ کي 79 سيٽون مليون آھن ۽ پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين کي قومي اسيمبليءَ جون 54 سيٽون حاصل ٿي چڪيون آھن، ايم ڪيو ايم 17، اي اين پي، جي يو آءِ سميت بلوچستان جن قومپرست پارٽيون توڙي بلوچستان عوامي پارٽي به نتيجن جي آخر تائين هڪ هڪ، ٻه ٻه ۽ ٽي، چار سيٽون کڻي سامهون آيون آهن. هونئن به شوشل ميڊيا کان ويندي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تصديق ٿيل نتيجن موجب پوري ملڪ مان آزاد اميدوارن جو هڪ وڏو انگ سامهون اچي ويو آهي، جنهن کي سامهون رکي ايندڙ قومي حڪومت واري جوڙجڪ تي ڌيان ڏبو ته سياسي ۽ حڪومتي حلقن کي جوڙيندڙ دماغ به پريشان نذر ايندا، پي ٽي آءِ چونڊن وفاق ۾ هڪومت ٺاهن جو اعلان ڪري چڪي آهي، جڏهن ته نواز ليگ ۽ پ پ پڻ مخلوط حڪومت ٺاهڻ جو ارادو رکن ٿيون. اليڪشن جي تاريخ جي اعلان کان وٺي آخري ڏينهن تائين اليڪشن ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ واري بي يقيني پڻ سياسي حلقن کي پريشان حال ڪندي رهي. سياسي پارٽين جي قيادتن کي دهشتگرد واقعن جا الرٽ به سامهون هئا ۽ ڪنهن حڪمت سان سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس والد پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين جي صدر آصف علي زرداري ۽ ادي آصفه پڻ ڀرپور اليڪشن مهم پڻ هلائي، ان کان سواءِ ٻئي نمبر تي مولانا فضل الرحمان ۽ ٽئين نمبر تي نواز ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف پڻ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪجهه جلسا ڪيا. پي ٽي آءِ قيادت عمران خان ۽ قريشي جي صورت ۾ جيل ياترا ۽ مختلف سزائن تحت قيد سلال پابنديءَ هيٺ آھن، پي ٽي آءِ جي نشان کي به اليڪشني نشان طور ختم ڪري سندس پارٽيءَ جي اميدوارن کي آزاد حيثيت ۾ مختلف نشانن تحت ميدان ڏنو ويو آھي، سندن جي سڃاڻپ آزاد اميدوار طور ۽ ميمبر طور سامهون ٿي آئي آھي. هاڻي پاڪستان جي تاريخ جون هي عام چونڊون بلڪل به مختلف قسم جون چونڊون ٿي سامهون آيون آھن، جنهن تي جيتري به حيرت ڪجي سا گهٽ هوندي. سياسي قيادتن کي اها اميد به ڪونه هئي ته ڪو هي اليڪشن کان پوءِ ههڙا نتيجا اچي سگهن ٿا، توڙي جو چيف اليڪشن ڪميشنر يا وزيراعظم اهو بنيان ڏئي خدشو ظاهر پڻ ڪيو هو ته آزاد اميدوار اڪثريت سان آيا ته پنهنجو وزيراعظم چونڊي سگهن ٿا. هڪ ته هنن نتيجن اچڻ کان پوءِ گهٽ ۾گهٽ رياستي ادارن جي سخت فيصلن اچڻ باوجود تحريڪ انصاف جي قيادت پري پول ريگنگ جو الزام نٿي هڻي سگهي. (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

ھر ٻار جي ٿيندي حفاظت، سنڌ حڪومت جو آھي عزم!‎

 

(حصو ٻيون)

فضيلا سرڪي جنھن کي 2002ع ۾ اغوا ڪيو ويو هو ته ان وقت ان جي عمر اٽڪل 6/7 سال ھئي. اسلامي جمھوريه پاڪستان جنھن وٽ نمبر ون ايجنسي ۽ آرمي آھي اھي انهن والدين کي پنھنجي اولاد سان ملائي نٿا سگھن، چئجي ته حڪومت طرفان والدين کي ڪا به آٿت نه ڏني وئي آھي. فضيلا سرڪي جنھن جا والدين ٺل شھر جا رهواسي آهن جيڪو جيڪب آباد جو تعلقو پڻ آھي اتي اهڙا ئي ٻيا به واقعا ٿيل آھن، جيڪي گھٽ ئي ميڊيا تي ايندا آھن ان جو سبب صرف سرداري نظام ئي آھي پر ڪٿي ڪٿي سردار ي نظام به صحيح لڳندو آهي يا چئجي ته سرداري نظام جا ٻه رخ آھن، لڳ ڀڳ سال ڏيڍ اڳ ٺل تعلقي ۾ 8 سالن جي ننڍڙي ٻارڙي کي پنھنجي مامي ئي ڪارو ڪاري جهڙي خراب سوچ جي الزام ھيٽ قتل ڪرڻ وارا ھئا ته علائقي جي اميرن، سردارن، پوليس کي فوري ايڪشن کڻڻ جو چيو، جنھن تي پوليس پھچي ٻارڙي کي پنھنجي تحفظ ۾ ورتو، اھڙن واقعن ۾ جي ڪجھ منٽن جي به دير ٿي وڃي ته ٻارڙن جي حياتيءَ ختم ٿي سگھي ٿي، ان خوف جي ڪري اھڙي حالت ۾ سنڌ واسين کي چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ تي ڪيئن ويساهه ڏيارجي؟ ان کان سواءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٻارن جي مزدوري ڪرڻ جي شرح وڌيڪ آهي، جيڪي اڪثريت ۾ اوھان کي سنڌ جي ھوٽلن، دڪانن، ڪنسٽرڪشن ايرياز ۾ نظر ايندا، ٻهراڙين ۾ ھاري ويچارا پنھنجي ٻارن کي پڙھائڻ بجاءِ مزدوري کي اوليت ڏيندا آھن پوءِ اھو ٻار پرڏيهه ۾ ئي ڇو نه ھجي انھن اٻوجھ ۽ غريبن کي ڪو به ادارو سمجھائڻ لاءِ تيار نه آھي ته خدارا اولاد کي تعليم ڏياريو. منھنجو ھي لکيل مضمون توھان کي بور ڪندو پر مقصد صرف ٻارن جي حفاظت ئي آھي، جيڪو سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيءَ سان لاڳاپيل آهي، جنھن اداري جو فرض آھي سنڌ واسين جي معصوم ٻارڙن جي حفاظت ڪرڻ، ٻارن کي پڙھائڻ کان سواءِ ڳوٺن ۾ ٻارڙن جي شادي عام جام آھي، ھڪ ته سنڌ واسين سنڌ پوليس جي ناانصافين جي ڪري گھڻو ئي پريشاني ۾ رھندا آھن ٻيو وري مٿان ھي ادارو جنھن لاءِ حڪومت فنڊز جاري ڪيا ھوندا پر حڪومت ان کان پوءِ پنھنجي ادارن جي چيڪ ۽ بيلينس مڪمل طور تي ڇڏي ڏيندي آهي ته پوءِ عوام جي دلين ۾ اداري لاءِ ڪھڙي اھميت رھندي؟ ڇو ته ٻار اسان جا تمام قيمتي اثاثا آھن ۽ گلن جيان آھن، اچو ته انھن جي تحفظ لاءِ آواز اٿارڻ جو عزم ڪريون .

 

ثناءُالله جکراڻي/ جيڪب آباد

 

ڪرپشن، رشوت ڪميشن هي ڪهڙي جمهوريت آهي؟

 

(حصو پهريون)

اڄ جي هن دور ۾ سچ لکڻ سچ ڳالهائڻ ۽ برداشت ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي چڪو آهي، جڏهن آسمان کان ملائق زمين تي لاٿا وڃن جيڪڏهن انهن کي به اهو چيو وڃي ته توهان سچ ڳالهايو ته اهي به زمين تي قتل ڪيا ويندا، حڪمران هميشه عوامي مينڊيٽ ۽ جموريت جو راڳ ڳائيندا رهن ٿا اهو بلڪل سچ آهي، انهيءَ کان انڪاري ناهيون، بدترين جمهوريت، بهترين جمهوريت کان سٺي هوندي آهي پر جعلي مينڊيٽ بدعنواني ۾ ويڙهيل سيڙهيل جمهوريت غربت جي ذريعي هيٺ رهندڙ غريب جن جو تعداد ڪريڙن ۾ لڳائي سگھي ٿو، گريجويٽ بيروزگار نوجوان، بيروزگاريءَ سبب آفيس جا چڪر ڪٽيندي نظر اچن ٿا، ملڪي عوام لاءِ بجلي، گئس مهانگي ڪري عوام کي بحرانن طرف ڌڪيو ٿو وڃي ۽ صنعلي يونٽس بند آهن، ملڪ جو هر سرڪاري ادارو ڪرپشن ۾ ملوث نظر اچي ٿو 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جتي پاڪستان جو رپيو دٻاءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي، بجلي چوري ڪندڙ جو بار بجلي جا بل ادا ڪندڙ 20 ڪڙوڙ غريب عوام کان اوڳاڙيا ٿا وڃن، ملڪ جي عوام کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ۽ حڪمرانن ۽ انهن سان گڏ ڪم ڪندڙ اعليٰ آفيسرن کي 16، 16 ڪروڙن جون بلٽ پروف گاڏيون مليل آهن، ڇا انهيءَ جو نالو جمهوريت آهي؟ هن وقت اسان جي ملڪ جي عوام کي وڏي ضرورت سٺي ليڊرشپ جي آهي، جيڪو پاڻ پاليسيون ٺاهي، جنهن سان مهانگائي، بيروزگاري ۽ دهشتگري ختم ٿي سگھي ۽ عوام سان ڪيل واعدا وفا ڪيا وڃن، جڏهن ته هن وقت ملڪ ۾ ڪرپشن، رشوت ڪميشن ۽ چور بازاري جي بازار گرم آهي، جنهن جي ڪري ملڪ جون پاڙون ڪمزور ٿي رهيون آهن، حڪمرانن ۽ انتظاميا ۽ عوام پاڻ ۾ ميل ميلاپ قائم رکن معاشري ۾ هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي پر هتي هر ماڻهو بدعنوانيءَ کي ڏسندي به خاموش رهي ٿو، ان جي نشاندهي به نٿو ڪري، ان جي لاءِ ڪنهن قسم جي ڪوشش نٿو ڪري، جنهن ڪري هي گندو ڪاروبار هر روز وڌي رهيو آهي. هڪ صاف معاشري جي سڃاڻپ اها آهي ته هو  بدعنوان ماڻهن کي وائکو ڪري، هر ماڻهو الائي ڇو پنهنجي سچائي وارو ڪردار ادا ڪندي نظر نٿو اچي، حڪومت ۾ ويٺل حڪمران بدعنواني کي روڪي سگھن ٿا، جيئن اسان جو اينداڙ نسل ڪرپشن، رشوت کان بچي سگھي. ملڪ جي هر ايندڙ حڪومت کي ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ سخت قانوني اپاءُ وٺي، ڪرپشن ذريعي بدعنواني ڪندڙن کي ملڪ جو غدار چئي سزائون ڏنيون وڃن پر اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ذريعي مشهور سياسي پارٽين جا سربراهه سزائن سان گڏ نااهل ڪيا وڃن؟ ڪجھه وقت جيل ۾ رهن ٿا پر پوءِ ڪوڙن ميڊيڪل رپورٽن ذريعي علاج جي بهاني ملڪ ڇڏي ڀڃي وڃن ٿا. (جاري)

مسڪين راهب علي سولنگي/ راڌڻ اسٽيشن