رڳو چند ڏينهن جو چھچٽو ڇو؟

 

ھن وقت ايندڙ عام چونڊن لاءِ اميدوارن پاران چونڊ مھم جو سلسلو ڪٿي تيز ته ڪٿي سست رفتاريءَ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جاري و ساري آهي، موجوده ھلندڙ چونڊ مھم تي نظر وجھڻ سان کوڙ سارا سوال ذھن ۾ اڀرن ٿا، ڇاڪاڻ ته ھاڻوڪيون چونڊون نه ڄاڻ ته ڇو ماضيءَ کان گھڻو مختلف ٿيندي نظر پيون اچن، مخلتف ٿيڻ مان مراد اھو ھرگز نه آهي ته ڪو ايندڙ عام چونڊون ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو شفاف ٿيڻ پيون وڃن، اھو ته شايد ماضيءَ جيان ھاڻ به ناممڪن ئي ٿو نظر اچي، تنھن ڪري انهن خدشن ۽ کٽڪن جي بنسبت في الحال رڳو اھو خدشو ختم ٿئي ته رڳو چونڊون پنهنجي مقرر وقت يعني 8 فيبروري تي ئي ٿين تڏهن به چڱو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته جمھوريت، آئين جي حڪمراني ۽ عوامي راءِ جون دشمن قوتون اڃا تائين پنهنجي طرفان انهيءَ تاڙ ۾ آهن ته ڪنهن به صورت چونڊون ٿيڻ ممڪن ئي نه ٿي سگهن ته جيئن نه ئي ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي ۽ نه ئي سياسي نظام جمھوريت جي روح موجب مضبوط بڻجي سگهي. بهرحال ھاڻ ايندڙ عام چونڊن ۾ وقت باقي وڃي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن، ان باوجود جتي ماضي ۾ اميدوار چونڊ مھم ڌام ڌوم سان ھلائيندا ھئا اتي ھن ڀيري اھي عوام وٽ وڃڻ کان ڪافي لنوائين پيا، جنهن جو ڪارڻ ظاهر آهي ته سندن بدتر ڪارڪردگي ئي ٿي سگهي ٿي. سوال ته اھو به اٿي ٿو ته آخر ھي چند ڏينهن جي چونڊن وارن ڏينهن ۾ ئي انهن جا چھچٽا نظر ڇو ٿا اچن؟ چونڊن کان پوءِ اميدوارن کان عوام ڇو ٿو وسري وڃي؟ جڏهن عوام مصيبتن ۾ ھجي ٿو تڏهن اھي گاڏين جا قافلا ڇو نٿا نظر اچن؟ ورڪ ڪرڻ جي ضرورت ته تڏهن ھوندي آهي جڏهن عوام بکن ۽ بحرانن کي منهن ڏيندڙ ھوندو آهي، خاص طور تي تازو سال 2022ع جي ٻوڏن ۾ سڄي سنڌ جي عوام تمام گهڻو ڀوڳيو، لڳ ڀڳ اڌ سنڌ جا ماڻهو کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار روڊن تي ويٺل رھيا پر حرام آهي ڪو چونڊيل نمائندو تڏهن عوام ڏانهن آيو ھجي ۽ ماروئڙن جي ڪا سار لڌي ھجي. ڪاش! جيڪڏهن سياستدان انهن ٻوڏن، سوڪن ۽ ڏڪارن ۾ عوام وٽ لڙي اچن ھا ته عوام کين بنا ورڪ جي اڄ ضرور موٽ ڏي ھا، تنھن جي ڪري رڳو چند ڏينهن جي چھچٽن بدران ھر گھڙي عوام ۾ موجود رھو.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

 

مستقبل جو اقتداري سيناريو ۽ سياسي، عدالتي فيصلا!

 

(حصو پهريون)

ملڪ جي اليڪشني ماحول ۾ تبديل ٿيندڙ اقتداري سياست جا رنگ ڪجھه انوکا ۽ نرالا نظر اچڻ جا ڏس پيا ملن، مثال طور ته پي ٽي آءِ کي ھاءِ ڪورٽ پشاور پاران مليل بيٽ جو نشان سپريم ڪورٽ واپس ڪرائي ورتو، ان تبديل ٿيل موجوده حالت ۾ سوال پيدا ٿو ٿئي ته اھي پي ٽي آءِ اميدوار ھاڻ آزاد نشان تي اليڪٽيبلز جيان اليڪشن وڙھندا؟ انھن جا نشان تئو، ڏاٽو، جوتو، تالو مطلب خبر ناھي ته ڪھڙا ڪھڙا نشان انھن کي مليا آھن، جن جو ڪنھن ھڪ ھنڌ بيھڻ مستقبل ۾ ڏکيو ٿو نذر اچي. لازمي آھي ته ھاڻي کان ئي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومتن جو سامھون اچڻ بلڪل به مختلف ھوندو، جيئن ته انھن  اليڪٽيبلز جي پنجاب ۾ پيپلز پارٽي قيادت ۽ نواز ليگ قيادت پاران خريد ۽ فروخت کي رد نٿو ڪري سگھجي، ڇو ته اسان جي پارلياماني تاريخ ۽ اقتداري جوڙ توڙ جو ماضي ان جو شاھد آھي ۽ گذريل پي ٽي آءِ جي حڪومت جي تبديلي ان جو بھترين مثال پڻ آھي، ايئن ئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ اليڪشني ماحول ۾ وڏي تبديليءَ جا آثار نظر اچي رهيا آھن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مستقبل جو اقتداري سيناريو ڪيئن بيهندو؟ تحريڪ انصاف جي پنهنجي ئي ڪمزورين جي ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جيڪو فيصلو آيو جنهن کي لکيو به پاڻ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڻ ملڪي اليڪشني ماحول ۾ وڏي تبديليءَ جو اشارو سمجهيو پيو وڃي، مثال جي ڳالھه جي هن بيٽ جي نشان کان سواءِ پي ٽي آءِ اليڪشن لڙي ٿي ته پوءِ اهو سڌو سنئون آزاد حيثيت واري اميدوار طور پڻ ايندو ۽ ان فيصلي سان چونڊجي آيل اليڪٽيبلز سڏائيندا ۽ انهن چونڊجي آيل اليڪٽيبلز کي ڪانه ڪا سياسي پارلياماني پارٽي جوائن ڪرڻ ضروري هوندو. ان سموري مستقبل جي سياسي، اقتداري ۽ پارلياماني صورتحال ۾ سمجھه ۾ ايئن پيو اچي ته خريد وفروخت جي بازار لڳي سگهي ٿي. ان اقتداري حاصلات ۾ سخت مقابلو پنجاب ۾ ٿيڻ جا امڪان پڻ پيدا ٿيندا، جنهن ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي آمهون سامهون ٿيڻ کي رد نٿو ڪري سگهجي. اهڙي پيدا ٿيل صورتحال ۾ ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ ان فيصلي خلاف رويوو ۾ وڃي پر وري به اليڪشن ۾ گهٽ وقت هجڻ سبب فيصلو اليڪشن تائين نه اچي سگهي يا اهو به ممڪن آهي ته عدالت پنهنجي فيصلي کي برقرار رکندي پي ٽي آءِ قيادت پاران پنهنجي انٽرا پارٽي اليڪشن واري ڪمزور موقف ڏيڻ واري بنياد تي رويو ۾ به ساڳي موجوده صورتحال مان گذري. مجموعي طوراليڪشن اپڊيٽ کي سامهون رکي سياسي تجزيو ڪجي ته پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ ۾ پنهنجو سياسي تجربي ۽ اليڪشني مشاهدي سبب سنڌ ۾ پنهنجي اليڪشني ماحول کي پنهنجي حق ۾ ڪور ڪيون ويٺي آھي، سندس مخالف سياسي طاقتن وٽ اها اليڪشني حڪمتي عملي ڏسڻ وٽان ڪونه پئي اچي، ان جي ڪري جڏهن بلوچستان واري اليڪشني ماحول کي سياسي تجزيي ۾ ماپجي ته اهو به ڪنهن حد تائين ڄڻ ته پيپلز پارٽي جي حق ۾ بيهي ٿو .(جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

ڪاڇي جون سبزيون!‎

 

واهي پانڌي ڪاڇي جو مرڪزي شهر آهي، واهي پانڌي جون سايون ڀاڄيون جيڪي پوري سنڌ ۾ مشهور آهن، جيڪي سياري جي موسم سڄي ملڪ ۾ سپلاءِ ڪيون وينديون آهن، جنهن ۾ ساوا مرچ، ٽماٽا، توريون، چپڙ ڪدو، موريون، گجرون، گوگڙو، کيرن سميت مختلف قسمن جون سبزيون ٿينديون شامل هونديون آهن پر گذريل ٻن سالن کان انهن ۾ گهٽائي اچي وئي آهي ان جو سبب بجلي نه هجڻ ۽ بجليءَ جا ڳرا بل اچڻ پڻ آهن، بلن جي ڀيٽ ۾ ساين ڀاڄين کي اگھه نه هجڻ ڪري واهي پانڌي جي آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي جنهن جي ڪري هن سال سبزين جي پوکائيءَ ۾ نمايا ڪمي نظر آئي آهي حڪومت کي هارين آبادگارن لاءِ بجلي رليف هجي ته هتي وڌيڪ پيداوار ٿيندي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

نوجوان نسل جي نمائندگي ڪندي نظر اچن پيا!

 

جيئن جيئن اليڪشن ويجهو اچي پئي، تيئن شيون آهستي آهستي ڪليئر به ٿينديون پيو وڃن، اليڪشن انگن اکرن موجب 2018ع جي اليڪشن مقابلي ۾ هن ڀيري 2024ع جي چونڊن ۾ 12 لک وڌيڪ ووٽر پنهنجو ووٽ وارو حق استعمال ڪندا، جن نون ووٽرن جي داخلا بعد سموري ملڪ اندر ووٽرن جي تعداد 127 ملين ٿي ويو آهي جن ۾ عورت ووٽرن جي تعداد 6 ڪروڙ ويجهو آهي جڏهن ته مرد ووٽرن جي انگ پوڻا 7 ڪروڙ ويجهو آهي، جن ووٽرن ۾ 18 کان 35 سال جي عمر واري ووٽرن يعني نوجوان ووٽرن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي، جيڪو 6 ڪروڙ ستر لک آهي جيڪو ڪل ووٽرن جو تعداد 45 سيڪڙو بڻجي ٿو جڏهن ته 56 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ووٽرن جي تعداد اڍائي ڪروڙ آهي جيڪو ڪل ووٽرن جو تقريبن 19 سيڪڙو آهي. اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪا به پارٽي اليڪشن کٽيندي ان ۾ نوجوان ووٽرن وارو ووٽ اهم ڪردار ادا ڪندو، هيڏانهن پ پ چيئرمين پنهنجي چونڊ مهم ۽ سرگرميون هن وقت زبردست نموني ڪندو نظر اچي ٿو ۽ گڏوگڏ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز به پنهنجون چونڊ سرگرميون تيز تر ڪندي نظر اچي رهي آهي، جيڪي ٻئي ملڪ ۾ موجود نوجوان نسل جا نمائندا خود کي چئي رهيا آهن. تاريخ ڪهڙي ريت پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪري ٿي هڪڙو وقت هو ته سنڌ مان عورت ليڊر شهيد بينطير ڀٽو جي ليڊرشپ ۽ ان جي پارٽي ملڪ ۾ عوامي نمائندگي ڪندي نظر آئي هاڻي پنجاپ مان ملڪ جي مشهور ۽ ٽي ڀيرار اقتدار حاصل ڪندڙ پارٽي ن ليگ جنهن جو قائد نواز شريف پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي ڌيءُ کي عورت ليڊر واري حيثيت سان ن ليگ جي نمائندگي ڪندي ڏسي رهيو آهي. هن وقت ٻئي پارٽيون چونڊن ۾ ڀرپور نموني مينڊيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پوزيشن ۾ آهن هيڏانهن سنڌ ۾ بلاول ڀٽو پنهنجون چونڊ سرگرميون زبردست نموني ڪندي جلسن ۾ خطاب ڪندي ووٽرن وٽ نئون جذبو ۽ ولولو پيدا ڪندو نظر اچي پيو جنهن جي پارٽي سنڌ ۾ سياسي صف بندي حساب سان پهرين صف ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب آهي جنهن لاءِ آصفه ڀٽو بلاول ڀٽو فريال ٽالپر چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ چونڊ مهم تيز ڪيون ويٺا آهن. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سنڌ ۾ پ پ جو ڪو به ڄمي مقابلو ناهي ڪري سگهيو ۽ پ پ سوڀ ماڻي آهي هن وقت آصف زرداري سميت پيپلز پارٽي جي ٻين گهڻن اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي امڪان آهي پر گڏوگڏ جي ڊي اي ۽ پ پ مخالف اتحاد به سڃي سنڌ ۾ پ پ جو مقابلو ڪرڻ ۽ ان جو عوام وٽ جادو ٽوڙڻ لاءِ پنهنجو چوٽي جو زور لڳائي رهيو آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

يونين ڪائونسل نيوڇور‎!

 

ڪرپشن جي جڏهن به ڳالھه ايندي آهي ته سڀ ادارا اين جي اوز کان ويندي هڪ دڪاندار تائين سڀ انهي ڪڌي ڪم ۾ ملوث هوندا آهن، اسان ڪريپشن جي گل ڪندا آهيون، مخالف نه يونين ڪائونسل نيوڇور جي ماهانه بجيٽ جو عوام کي لالي پاپ وٺي پيو ڏنو وڃي، نيوڇور جي پاڙن ۾ گٽر نالا اٿليل گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل رستن تي به گند جا وڏي ڍير ٿيل يوسي انتظاميا جي نااهلي کي سڀني جي سامهون آڻڻ لاءِ يوسي جي بلڊنگ اڳيان واري روڊ تي واري جو وڏو ڍير ۽ گٽر نالو اٿليل هو، دانهون ڪري پيو چوي ته بجيٽ بنگلن ۾ وڃا پيو عوام جي ڪم لاءِ نه پر افسوص جهڙي ڳالھه آهي، جتي يوسي انتظاميا يوسي جي بلڊنگ ۾ نٿا ويهن اتي عوامي ڪم ڪٿي ٿيندا لوئر اسٽاف کي نوڪري جو پابند ڪرڻ سان ڪجھه ڪون ٿيندو اپر اسٽاف ته ميهني ميهني تي ڪونه ايندو آهي، انهن جي حاضري ڪئين لڳندي آهي؟ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين به اکين اڳيان نٿا اچن وڏا وچن عوام کي ياد آهن جلد اينداسين يوسي جي بجيٽ جو قصو کڻي.

 

اداس جوکيو\عمرڪوٽ

 

ڪورٽن مان انصاف جي اميد لڳائي ويٺل ٽيسٽ پاس نوجوان!

 

اوهان سڀني کي خبر آهي ته IBA ٽيسٽ پاس PST ۽ JEST پنجويهه هزار کان وڌيڪ نوجوانن جو هلندڙ ڀرتي پراسيس مختلف ڪوڙا بهانا ڄاڻائي(Freez) ڪري روڪيو ويو، اميدوار مهينن کان تعلقن، ضلعن ۽ ڊويزنن ۾ وڏا وڏا احتجاج رڪارڊ ڪرايا ۽ سوشل ميڊيا تي فيس بڪ ۽ ايڪس تي لکين ٽوئيٽ ڪري #UnfreezePSTJESTProcess جا ڪامياب ٽريڊ هلايا پر Education department جي ڪنن تي ڪا به جونءِ نه سري، جڏهن ته سڄي سنڌ جي اميدوارن 16 آڪٽوبر 2023ع تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو ته تعليم کاتي ۽ وزارت قانون جي اک کلي ۽ اميدوارن سان ڳالهيون ڪري قانوني رڪاوٽون ڄاڻايون جنهن ۾ هڪ Cp508/2023 ڄاڻائي ۽ 20 ڏينهن جي اندر ڪورٽ مان رليف وٺي ڏيڻ جي ڳالھه ڪئي ۽ اميدوارن کي بيوقوف بڻائي احتجاج ختم ڪرايو ويو پر هاڻي سال کان هلندڙ ڪيس Cp508/2023 جو فيصلو هن وقت تائين ناهي اچي سگهيو ڪورٽ صرف تاريخ تي تاريخ ئي ڏئي رهي آهي، جنهن ڪيس جو فيصلو ٻن ٻڌڻين ۾ به اچي پئي سگهيو اهو ڪيس هر ڏهين يا پنڌرهين ڏينهن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ لڳايو ته وڃي ٿو پر ڪڏهن جج صاحبان جي موڪل سبب ڪڏهن ٽائيم پورو ٿيڻ سبب ته ڪڏهن جج صاحبان جو موڊ صحيح نه هجڻ سبب ٻڌڻي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي نئين تاريخ ڏني پئي وڃي هاڻي آخري ٻڌڻي 18 جنوري 2024ع تي هئي جيڪا پڻ جج صاحب جو موڊ صحيح نه هجڻ سبب ٻڌڻ کان اڳ ئي نئين تاريخ 31 جنوري 2024 ڏني وئي آهي اوھان کي ٻڌائيندو هلان ته Cp508 /2023 ٻڌڻيءَ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ چيف جسٽس وٽ مقرر ٿيل آهي، هاڻ جڏھن چيف جسٽس جي ڪورٽ ۾ اها حالت آهي ته ٻين ججن وٽ ڪهڙي حالت هوندي هي ته اها ئي ڳالھه ٿي ته “انصاف ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي گا”. آخر ڪنهن مان چڱائيءَ جي اميد رکجي؟ تاريخ مٿان تاريخ ملڻ تي اميدوارن ۽ عام عوام جي ذهنن ۾ کوڙ سارا سوال پيدا ٿين ٿا ته آخر ڪنهن کي راضي ڪرڻ جي چڪر ۾ نگران حڪومت ۽ عدالت سڳوري فيصلو ڏيڻ جي بجاءِ معاملي کي ڊگهو ڪندي پئي وڃي؟ آخر ڪيستائين سنڌ جي 25 هزار ٽيسٽ پاس استادن کي پريشان ۽ خوار ڪيو ويندو؟ آخر ڪيستائين سنڌ جا هزارين اسڪول بند پيا هوندا؟ آخر ڪيستائين سنڌ جا 80 لک ٻار اسڪولن ۾ استاد نه هجڻ سبب تعليم کان محروم رهندا؟ انهن سڀني سوالن جا جواب آخر ڪير ڏيندو؟ 25 هزار ويٽنگ اميدوار انصاف جي گهر آخر ڪنهن کان ڪن؟ بهرحال انهن سڀني سوالن جي هجڻ باوجود ان اميد سان اميدوار هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ آخري ساهه تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين ڪڏهن ته ڪنهن جي ڪن تي سندن جي ڪوڪ پهچندي ۽ کين انصاف ملندو ۽ سندن جا خواب ساڀيان ٿيندا.

 

اظهر علي مهر /لکي، شڪارپور

سنڌي قوم جو ويڄ، رسول بخش پليجو!

 

ويڄ معنيٰ طبيب، يا ڊاڪٽر، ھڪڙا وِيڄ ماڻهن جي جسماني بيمارين جو علاج ڪندا آهن جيڪي ماڻھن کان ڪروڙين رُپين جي عيوض اُنهن جي خطرناڪ کان بيمارين جو علاج ڪري اُنهن کي ٺيڪ ڪندا آهن پر انهن جي ماڻهن جي معاشي حالت اهڙي ٿي ويندي آهي جو اهي پنڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن، اهي ويڄ اهڙا ويڄ آهن جيڪي ماڻهن جو رت چوسيندا آهن، پئسا وٺندا آهن پوءِ علاج ڪندا آهن، اهي ويڄ صرف سرمايو ميڙيندا رهندا آهن، اهڙا ويڄ فقط اُنهن ماڻهن جا ويڄ هوندا آهن جيڪي پئسي وارا ھجن، اهي ويڄ جاگيردار، سرمائيدار ۽ آفيسر شاهي جا ويڄ هوندا آهن ۽ اهي انهن جا ساٿي هوندا آهن انهن لاءِ عام ماڻهو فقط گراهڪ هوندو آهي، اهڙو گراهڪ جيڪو هر وقت بيمار رهي ۽ ان جو علاج ڪري وڌيڪ پئسا ميڙيندو رهي، سرمائيداري طبقي اندر پئسو ئي واحد خدا هوندو آهي اهڙا ويڄ پئسي کي پوڄيندا رهندا آهن ان جي عبادت ڪندا رهندا آهن، هڪڙا ويڄ وري اهڙا ويڄ هوندا آهن جيڪي ماڻهن جي ذهنن جو علاج ڪندا آهن انهن جي سوچن جو علاج ڪندا آهن اهڙا ويڄ جنهن جي لاءِ اسان جي سنڌ جي عظيم شاعر جيڪو شاعري ۾ ماڻهن جو ويڄ هو چوي ٿو ته:

انڌا اونڌا ويڄ کل ڪڄاڙيا کائيين،

اسان ڏکي ڏيل ۾ تون پيارئين پيڄ،

سوري جنين سيڄ مرڻ تن مشاهدو.

هڪڙو اهڙو ويڄ محترم رسول بخش پليجو هو جيڪو سنڌي ماڻهن جو طبيب هو، اهڙو ڊاڪٽر جيڪو ماڻهن جي دماغن جو ڊاڪٽر هو جنهن جو لفظ لفظ هر ماڻهوءَ لاءِ اهڙو گس آهي جيڪو پنهنجي منزل طرف وٺي وڃي ٿو، جيڪڏهن ان گس جي پنڌ کي ڪنهن پرکيو ته اهو ماڻهو مڪمل تبديل ٿي ويندو ويڄن سين وائي پيا ڪِري نه ڪيائون جي پنڌ پاريائون ته سگھائي سگھا ٿيا پليجو صاحب هڪ وقت ۾ ڪيترن ئي ڳالهين ۾ مهارت رکندو هو. هو هڪ ئي وقت ۾ وڪيل، دانشور، اديب، سياستدان ۽ بهترين مقرر ۽ ليکڪ هو. هن جي ڪم تي صديون ڳالهائي ۽ لکي سگهجي ٿو پر هُن جو ڪم نه کُٽندو هو سنڌ اهڙن عظيم ويڄن تي فخر ڪري ٿي جنهن پنهنجي حاصل ڪيل علم جي سمنڊ مان موتي ميڙي ماڻهن تائين پهچايا. انهن ڪيترن ئي ماڻهن کي شعور ڏنو جيڪي هو ڌرتي ۽ درياهه جو وڪيل هو هن جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ لکيون سي سراپا سچ آهن. هن جو وڏو ڪمال سنڌ جي پورهيتن کي اسٽيج مهيا ڪرڻ هو پليجي صاحب جو جنم ڏينهن آهي کيس سموري سنڌ جي مظلوم ماڻهن سموري دنيا جي مظلوم قوم کي جنم واڌايون هُجن.

جو قوم جيئاري اهو جيئندو رهندو،

جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،

مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ،

جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.

 

مظهر سنڌي/ڀٽ ڀائتي.

پنهنجي اخبار سان پيار!

 

ننڍپڻ ۾ درسي ڪتابن ۾ پڙھيو هئم سچ ته بيٺو نچ، جيئن غلط عمل لاءِ آواز اٿارڻ فرض آھي، تيئن سٺي عمل جي لاءِ ساراهه ڪرڻ به ضروري آھي، مون کي ياد آھي جڏھن مان پنهنجي اخبار وارن ڏانهن پهريون ڀيرو چٺي موڪلي، مون کي ان ئي وقت سٺي موٽ وارو خط موصول ٿيو، ان وقت ئي دل ۾ اميد جاڳي پئي ته اسان جي ڪيل محنت رائيگان نه ويندي. پنهنجي اخبار پڙھڻ سان احساس ٿو ٿئي ته واقعي هي ڪا پنهنجن جي اخبار آھي، ڪو به ليکڪ پيدائشي اديب ناهي هوندو، مشھور ليکڪن جا ته هر اخبار ڪالم، چٺيون ڇپيندي آھي، انهن کي سٺي موٽ به ڏيندي آھي، نون ليکڪن جون پهتل چٺيون ڪچري جي دٻي ۾ يا آفيس جي ٻاهران اڇلايل ملنديون آھن پر پنهنجي اخبار اها واحد اخبار آھي جيڪا نئي لکندڙ نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪري سٺا ڪالمنگارن، اديب ۽ ليکڪن کي پيدا ڪري اهو ثابت ڪري رهي آھي ته دنيا ۾ ڪو به آيل انسان فضول ناهي، الله رب العالمين هر انسان کي پنهنجي اهليت کي سڃاڻپ ڪرڻ ھر انسان جي وس جي ڳالھه ناهي. پنهنجي اخبار هر انسان جي اهليت کي سڃاڻي اڳتي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آھي. هتي چٺي موڪلڻ وارو پاڻ کي بلڪل مطمئن، محفوظ ۽ پرسڪون سمجهي ٿو ايئن ئي ٿو لڳي جيئن پنهنجي گهر ۾ ويهي ڪري هڪ ٻئي جي ڳالھه ٻڌي ان کي اهميت ڏني وڃي ٿي ڪو به لکندڙ پاڻ کي غير نه ٿو سمجهي. ايئن ئي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪري ٿو، پنهنجي اخبار جي ويب سائيٽ وزٽ ڪرڻ کان پوءِ ايئن لڳو ته ڄڻ پنهنجو پڪاريندو هجي ۽ اچو پنهنجا پنهنجا خيال اسان سان ونڊيو، اسان توهان جي آواز کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي توهان جي خيالن کي آزادي ڏيارينداسون پنهنجي اخبار جو ايڊيٽر محمد علي قاضي صاحب ۽ ان جي ٽيم لکندڙن جو ڀرپور ساٿ ڏئي حوصلا افزائي ڪري رهيا آھن مان ڪجھه ذاتي مصروفيتن سبب ڪجھه ٽائيم پنهنجي اخبار ڏانهن چٺي نه موڪلي سگهيس پر پنهنجي اخبار سان منهنجو ساٿ شروع کان وٺي آھي ۽ رهندو مان دلي شوق سان روزاني پنهنجي اخبار جو مطالعو ڪندو آھيان، منهنجو سلام آھي پنهنجي اخبار جي ايڊيٽر صاحب کي ۽ ان جي پوري ٽيم کي جيڪي بروقت موٽ ڏيئي پنهنجائپ جو ثبوت ٿا ڏين، شايد هن کان تيز موٽ ئي دنيا جي ڪا اخبار ڏيندي هجي الله سائين کان دعا آھي ته پنهنجي اخبار وڌيڪ ڪاميابي ماڻي.

 

بجار جعفري/ ڪرمپور

 

اڄ جي تصوير “تصويري ليک”‎!

 

ھي روڊ ان علائقي ۾ ٺھي راس ٿيو آھي جنھن علائقي جو 2011ع جي مھا ٻوڏ ۽ برساتن کان پوءِ ڪوئي والي وارث ڪونه ھو، ڇاڪاڻ ته ھي روڊ 2011ع جي پيل مھا برساتن ۾ مڪمل تباهه ٿي چڪو ھو، ھاڻ 12 سالن کان پوءِ جڏھن ھي روڊ ٺھي تيار ٿي چڪو آھي ته گذريل 4 مھينن کان ھن روڊ تي ڪا به عوامي سواري موجود ڪونھي، ھي نئون ڪوٽ کان ڏيپلو جو مين روڊ آھي، اسان ھتان جي وس وارين اختيارن ۽ ٽرانسپورٽرن کي عرض ڪيون ٿا ته غريب ماڻھن جي ڏکيائين کي ڏسندي ھن روڊ تي نئوڪوٽ کان ڏيپلو ڪوچون ھلايون وڃن ته جيئن ھتان جا غريب ۽ بي پھچ ماڻھو ضروري ڪمن ڪارن کي سولائيءَ سان اڪلائي سگھن.

 

ھوتچند کوکر/نئون ڪوٽ