سنڌ جي روينيو رڪارڊ سان ٿيندڙ هٿ چراند!

 

(حصو ٻيون)

 

جيئن موٽروي ڪيس مٽياري ۽ نوشهروفيروز اسڪينڊلز سامهون آيا پر ٿيو ڇا خبر ناهي ٿيو ڇا، هن وقت سنڌ جون سرڪاري زمينون ۽ ملڪيتون بااثر ۽ مافياز کان وٺي دنيا جي گروهن جي زد ۾ آھن جنهن ڪري هي اسڪينڊلز سامهون اچي رهيا آھن ۽ سرڪاري کاتن اندر خصوصي طور تي روينيو کاتي ۾ رڪارڊ جي هيرڦير کان ويندي کاتن جي جعلسازي ۾ اهڙا مٿي ڄاڻايل حلقا ۽ سرڪاري عملدار ملوث ٿين ٿا. هن وقت به سنڌ ۾ روينيو رڪارڊ جي ڇنڊڇان ٻين لاءِ روينيو رڪارڊ جا ڪيترائي شعبا آھن پر افسوس جو سنڌ گورنمينٽ لينڊ ميشن، ٽربيونلز کان ويندي، رجسٽريشن وغيره جا ادارا آھن  پوءِ به هي اسڪينڊلز روز جو معمول بنيل آھن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين کي مٿين ڪيس ۾ اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏئي نوڪري بدر ڪيو وڃي ته جيئن ٻين عملدارن لاءِ هي سخت قدم سبق ثابت ٿين. اهي ڳالهيون به هاڻي عام ڪچھرين جو عام بحث آھن ته اسان جي ملڪ توڙي سنڌ صوبي جا جاچ ڪندڙ احتساب ادارا جنهن ۾ پاڻ نيب لاءِ گذريل ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان ڪي سٺا ريمارڪس ناهن ڏنا ته احسان لانگو  ڪيس ۾ چيو ته جنهن ماڻھو وٽان اربين رپيا ڪرپشن جا پڪڙيا وڃن ان کي 6 مهينا سزا، اهڙي نموني اربين رپين جا سياسي ماڻھن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جا ڪيس ايف آءِ آر ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ وٽ هلن ٿا پر ڪا اڳڀرائي ناهي، ايتري قدر جو ميگا ڪرپشن ڪيسن ۾ نيب، ايف آءِ اي کان ويندي اينٽي ڪرپشن ڪيسز ۾ سزا يافتا ڪامورا ضمانتن تي ٻاهر اچي پروموشن وٺي ساڳين پوسٽن تي ويهڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ تي سزا مليل اٿن، وري ويهن ٿا ۽ پروموشن وٺي مٿين سيٽن جون به چارجون وٺن ٿا، جن جا اڳتي هلي مثال سامهون رکي سگهجن ٿا. سياسي ڪرپٽ ڪردار سياسي ۽ اقتداري پٺڀرائيءَ جي ڪري نيب ڪيسن ۾ سزا يافتا هوندي جيلن مان ضمانتون ڪرائي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٿي منسٽر، چيف منسٽرز ۽ پرائيم منسٽر ٿين ٿا ۽ پنهنجا ڪيس پاڻ ڊيل ڪري معاف ڪرائن ٿا، ان ڪري مٿين خبر جيڪا هيڏي وڏي اسڪينڊل واري آھي ۽ سنڌ جي سرڪاري زمينن سان ڪنهن هٿ چراند کان گهٽ ناهي جنهن ۾ ڪرپٽ ڪامورا شاهي، قبضا مافيا کان ويندي اقتداري ڌرين جي آشيرواد سان سڀ ڪجهه ٿي رهيو آھي، جيڪا ڪنهن سازش ۽ عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن منصوبي کان گهٽ حرڪت ناهي. ان ڪري مٿي ملوث ڪيس جي وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم وارو ادارو ۽ ان جو سربراھ سميت ٻين ادارن کي اعليٰ سطح تي جاچ ڪري ملوث ڪردارن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙي حرڪت ٻيهر نه ٿئي.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

اسان سان انصاف ڪير ڪندو؟

 

(حصو ٻيون)

 

اسان ملازمن جي باري ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 2008ع وارو فيصلو ۽ 2018ع وارو فيصلو هڪ ٻئي جي ٽڪراءُ ۾ آهن، ڪانٽريڪٽي نظام جو ملازم فڪس پگهار ۾ لوڙي ٿو، پڪن ملازن جي پگهار  ۾ هر سال ڊسمبر ۾ انڪريمينٽ لڳندي آهي، ان کان پڻ محروم رهڻ سان گڏ پروموشن ملڻ ۾ پڻ نقصان ٿئي ٿو. آئون پڻ BPS-17 ۾ 17 سال نوڪري ڪرڻ بعد به ساڳئي گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيس. ساڳئي گريڊ ۾Re-Designation  ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو نوٽيفڪيشن نڪتو، ان تي پڻ عمل نه ٿي سگهيو آهي. منهنجي ڄاڻ موجب مون سميت ڪل چار ڄڻا رٽائر ٿيا آهيون، اسان چارئي متاثر ٿيا آهيون، ٻيا به ملازم جهڙوڪ ايگريڪلچرل انجنيئرنگ، سول ۽ مڪينڪ انجنيئرنگ گريجوئيٽ جيڪي مختلف سرڪاري ادارن ۾ لوئر گريڊ جهڙوڪ سب انجنيئر وغيره هئا پنهنجن ادارن معرفت 17، 18 گريڊ ۾ آفيسر ٿيا، اهي پڻ رٽائر ٿي رهيا آهن. مون کي هڪ سال چار مهينا ٿيڻ تي آهن LPR جون ٻارنهن پگهارون ۽ پينشن بند آهي، ڊيوٽي دوران ٻهراڙي جي آبادگارن کي واٽر ڪورسن کي پڪي ڪرائڻ لاءِ رابطو ڪرڻ لاءِ ڀڳل ٽٽل، ناهموار روڊن تي سرڪار طرفان قسطن تي مليل موٽر سائيڪل تي سفر ڪندي ٻه ڀيرا حادثا پڻ ٿيا آهن جنهن ڪري ساڄي ڪلهي ۽ کاٻي هٿ جي ڪرائي ۾ فريڪچر ٿي پيا هئا، جنهن سبب ٿڌي موسم ۾ سور رهندو آهي، اسان جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڀرتي ٿياسين ان ڪري اڳوڻي سنڌ حڪومت جي قانوني ٽيم عدالتن ۾ اسان جي جوائنگ تاريخ کان يعني جون 2005ع کان مستقلي جي شديد مخالفت ڪئي آهي. حقيقت ۾ 25.03.2013 تي سنڌ اسيمبلي بل پاس ڪيو، ان تاريخ کان مستقلي سان به مون سميت رٽائر ٿيندڙن جي ڪل سروس 9 سال ٿيندي، جڏهن ته پينشن لاءِ 10 سال سروس هجڻ ضروري آهي، ان ڪري بنا دير 2005ع کان ريگيولر ڪري Length of Service ۽Pay Protection  ڏنو وڃن، هت حوالو ڏيندس ته پيپلزپارٽطرفان محترم بينظير ڀٽو جي ٻي دور حڪومت ۾ سئي گيس ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن کي بعد ۾ ايندڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نوڪرين تان برطرف ڪيو هو، اهي ملازم (11) يارنهن سالن جي برطرفي بعد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سن 2008ع ۾ وفاق ۾ پيپلزپارٽي جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي حڪومت قائم ٿي جنهن ۾ انهن سئي گيس جي ملازمن سان انصاف ڪندي جوائننگ تاريخ کان ملازمت مستقل ڪئي. ملڪ ۾ مختلف دورن ۾ مختلف پارٽين جون حڪومتون قائم ٿيون جيڪي اهڙا انتقامي عمل ڪن ٿيون جيڪي نه ٿيڻ گھرجن. اسان NPIW جا ملازمن جن کي جنرل پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ هڪ شفاف عمل ذريعي روزگار مليو اسان جي مستقلي جي مسئلي کي سنڌ صوبي ۾ گذريل ٽن دور حڪومت جي پندرهن سالن ۾ به حل نه ڪيو ويو آهي. مجموعي طور گذريل 18 سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. (جاري)

 

انجنيئر غلام حسن چانڊيو/ بدين

 

درويش ڇوڪري!

 

ڪافي وقت کان پوءِ ھُن سان ٻيھر ڳالھ ٿي، مون ته سوچيو ھو ھوءُ ھيئنر وڏي فيم ۾ ھوندي، دنيا جا سڀ رنگ سندس پيرن ۾ پازيب جيان ڇم ڇم ڪندا ھوندا، محل ۽ ماڙين ۾ ھوندي پر نه، ايئن بلڪل به نه ھو، ھُن کي جتي مون ڇڏي موٽيو ھئس ھوءَ اڃا تائين اتي ئي بيٺل ھئي. ھوءَ جيڪا پھريان شوخ ۽ چنچل رھندي ھئي سا هاڻي عجيب ٿي وئي ھئي, وڏا وڏا فلسفا سکي ورتا ھئائين، ڳالھائڻ وقت لفظن کي ماپڻ تورڻ جو ھُنر سکي ورتو ھئائين, ھوءَ جيڪا اڳ موٽر ڪار جي خواھشمند ھئي سا ھاڻي هنڌ ھلڻ ۾ لُطف محسوس ڪرڻ لڳي ھئي، چنڊ کي ڏسي سڄي رات جاڳڻ واري ھاڻي وقت تي لائيٽ بند ڪري سڪون جي ننڊ سمھڻ لڳي ھئي. اڄ ھوءَ فطرت جي تمام ويجھو پھچي وئي آھي، ھوءَ ننڍيون ننڍيون پٿريون کڻي يڪو گم ٿي ويندي آھي، وھندڙ ندين ۾ وھنجڻ لڳندي آھي، گلن ٻوٽن کي ڏسي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳندي آھي، ھوءَ واٽ ويندڙ کي سلام ڪندي ويندي آھي ۽ غريب غربي کي پنھنجي کيسي جا پئسا ڏيندي ويندي آھي، ھوءَ چوندي آھي مون کي انسانيت تي فنا ٿيڻو آھي، ھوءَ لالچ، لوڀ، ڪوڙ ۽ فريب کان پري ٿي وئي آھي. ھوءَ ڪنھن بيمار کي ڏسندي آھي ته پنھنجي رب اڳيان مڙني بيمارن جي حق ۾ نه رڳو دعا جا ٻُڪ جھليندي آھي پر لُڙڪ به ٽمائيندي آھي، ھوءَ باک ڦٽيءَ مھل پنھنجي ڪمري جي دري کولي وڏي وڏي آواز ۾ پنھنجي رب کي ٻاڏائيندي رھندي آھي. ھُن جي اکين ۾ پکي پکڻ پناھ وٺڻ لڳندا آھن، وڻ پنھنجون ٻانھون ڦھلائي کيس سڏيندا آھن پر ھوءَ آھي جو پنھنجي رنگ ۾ رنڱيل ئي رھي ٿي!

 

قربان علي زرداري/سرهاڙي

 

عذاب بڻيل صحافين جي زندگي!

 

ڪنب ۾ صحافت ڪرڻ ڏوھ بڻجي وئي، حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ صحافين کي اذيتون ڏنيون پيو وڃن، قلمڪار ته وقت جا منصور ھوندا آھن ۽ ڌرتي جو قرض لاھڻ لاءِ لکندا آھن، لکڻ سندن فرض به آھي، سندن زميواري به آھي، وقت جي فرعونن سان ديده دليريءَ سان مقابلو ڪندا آھن، سچا صحافي چاپلوسيءَ بدران ڪنڌ ڪپائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آھن، جڏھن به صحافي ڪنھن ڪرپٽ ڪاموري خلاف قلم کڻي ٿو ته ان کي نت نون طريقن سان ڊريڄاريو ٿو وڃي، ھتي درٻاري صوبيدار ٿاڻن تي مقرر ٿيل آھن، صحافين کي کنڀي اغوا ڪرائي حراست ۾ رکي ٽارچر ڪري کين ڊيڄاريو پيو وڃي، اي وقت جا جابرو، ياد رکو سچا صحافي سِر ته ڏئي سگھن ٿا پر ملڪ ۽ عوام جي حقن جي سوديباري نٿا ڪري سگھن. ڪنب ۾ صحافت ڪرڻ اڀن ڪاون مٿان پير رکڻ برابر بڻجي وئي آهي، ھن دور ۾ صحافت ڪرڻ ڪنڊن سيج تي سمھڻ جھڙي زندگي گذارڻ برابر آھي، سرڪار طرفان ڪي به مراعاتون نه ملڻ جي ڪري صحافي مالي بحران جو شڪار بڻجي ويا آھن، ٻئي پاسي ننڍن شھر جا صحافي پوليس ۽ بااثرن جي عتاب ھيٺ آھن، انھيءَ ڳالھ جي تاريخ شاهد آھي ته پوليس ۽ جاگيردارن، وڏيرن، سردار جي پاڻ ۾ ڳٺجوڙ رھي آھي، پوليس ۽ بااثرن جي ونگار ۾ ڪيترن ئي بي گناھ ماڻھن سان ظلم ڪيا آھن، وڏيرا تر کي ڪٽ ڪرڻ لاءِ گھڻي ڀاڳي پوليس کي استعمال ڪندا آھن، پوليس ھميشه وڏيرن، جاگيرن جي ڪمداري ڪئي آھي، وڏيرن جي چوڻ تي غريب ماڻھن کي ٻڌي ڪُٽي سَٽي وڏيرن وٽ ماڻھن کي جھڪڻ تي مجبور ڪندي آھي . اھڙي ظلم جي ڪاري رات ۾ سچي قلمڪار جو وجود ظلم جي اک ۾ ٻٻر جي ڪنڊي جيان چڀندو آھي، جڏھن ته ديس ۾ ڪا اک آلي ڏسندو ته سندس سک ڦٽي ويندو آهي، سندس ھر سٽ ھر ٻول قھر جي ڪوٽن ۾ ڪمبڻي وجھي ڇڏيندو آھي، ڪڏھن ڪڏھن حالتن جون مصيبتون ڪجھ وقت لاءِ ڏمر بڻجي ماٺار ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون آھن. سوچ تي به پھرا ھجڻ، سچ لکڻ وارن جي لاءِ جيل، ڦاسيون، ڦٽڪا ۽ اذيتون ھجن انھي وقت واحد روپ صحافي جو آھي، جيڪو ڏيئي جيان پاڻ جلي مظلومن کي روشني ڏئي ٿو، جاگيردارن، وڏيرن، سردارن، درٻاري آفيسرن جي منھن تان مَڪاري وارا ماسڪ لاھي سندس جا ڪوڙھيل حالت وارا اصل چھرا ڏيکاري ٿو. ان عيوض صحافيءَ کي اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون، ڪڏھن صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن، ڪڏھن صحافين کي پوليس ھٿان کنڀي اغوا ڪري تشدد ڪيو وڃي ٿو، رياست صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ خراب طرح ناڪام بڻيل آھي، رياست نٿي چاھي ته ميڊيا انهن جا پول پڌرا ڪري، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل آھي ته صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

رٽائر ريلوي ملازمن جي پينشن دير سان ملڻ جو مسئلو!

 

کاتي ۾ رٽائرڊ ملازم جيڪي پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي سونهري سال پنهنجي کاتي کي ڊيوٽي ڏيڻ دوران گذاري ٿا ڇڏين ۽ بعد ۾ رٽائرڊ ٿيڻ جي صورت ۾ رٽائرڊ ملازم جو جيڪو پوڙهائپ جو آخري ۽ واحد مالي سهارو پينشن جي رقم جي صورت ۾ هوندو آهي ۽ اها پينشن به ملڻ لاءِ ڏکيائين جو شڪار هجي ته اها هڪ وڏي زيادتي چئجي. اهائي ڳالهه آهي ته ريلوي جي کاتي ۾ سڄي ملڪ ۾ تقريبن هڪ لک 22 هزار پينشنر آهن جيڪي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پينشن ملڻ ۽ وٺڻ جي لاءِ رولڙي جو شڪار هميشه ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن جو اهو مسئلو حل ئي نٿو ٿئي ته اها ڳالهه تڪيلف جو سبب بڻجي پوي ٿي جن پينشنرن جي پوڙهائپ جو تقاضو اهو هوندو آهي ته انهن کي کاتي جا چڪر ڪٽرائڻ بدران پينشن انهن جي اڪائونٽ ۾ جلدي منتقل ڪئي وڃي ته بهتر ڳالهه چئبي، جن پينشنرن ۾ اڪثريت جيڪي پنهنجي لاءِ بيماري وغيره جون دوائون خريد ڪرڻ، يوٽيليٽي بل، اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جو فيسون وغيره جمع ڪرائڻ، گهر جو خرچ وغيره هلائڻ واسطي ۽ ڪيترين ئي بيواهه عورتون ۽ نياڻيون جيڪي پينشن ملڻ واري مسئلي جو شڪار هجن ٿيون، انهن کي ٺوڪرون کائڻ بجاءِ انهن جي بهتر طور سار لڌي وڃي، جنهن سلسلي ۾ آل پاڪستان ريلوي پينشرز ايسوسئيشن جو اجلاس چيئرمين اسلم عادل بٽ جي صدارت ۾ منقعد ٿيو جنهن ۾ مرڪزي ڪابينا جي عهديدارن ويڊيو لنڪ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ صدر پاڪستان، وزيراعظم، چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، وزير ريلوي اشرف تارڙ ۽ چيئرمين ريلوي ۽ ٻين اختيارين کي ان مسئلي طرف ڌيان ڪرائي ۽ چيو ته کين نوٽيس وٺڻ گهرجي ته 06 جنوري به گذري چڪي پر هن وقت تائين ريلوي جي رٽائرڊ پوڙهن ملازمن، بيواهن ۽ يتيم ٻارن کي پينشن جي ادائيگي لاءِ فنڊ جاري ناهن ڪيا ويا، جنهن لاءِ آل پاڪستان ريلوي پينشنرز ايسوسئيشن درخواست گذار آهي ته هنگامي بنيادن تي پينشن لاءِ فنڊ رليز ڪيا وڃن ته جيئن رٽائرڊ بينشنرن مان بيچيني ختم ٿي سگھي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

اسان ۾ شعور ڪڏھن ايندو؟‎

 

هن وقت جڏھن دنيا تمام گھڻو اڳتي نڪري چڪي آھي پر عام سنڌي ماڻھو سالن تائين پراڻين رسمن رواجن ۾ ڦاٿل نظر اچي رھيو آھي، انهن مسئلن جي دوران اھي ئي پير وڏيرا ڀوتار اسان تي سالن کان حڪمراني ڪري رھيا آھن، ھرطرف ظلم ۽ ناانصافيون ٿي رھيون آھن پر بجاءِ جو ھنن ظلم ۽ ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ جي اسان پنھنجي خوشي سان ھر ڀيري ھنن ساڳين حڪمرانن کي ووٽ ڏئي پوءِ 5 سالن تائين پيا سُور پٽيندا آهيون، آخر ڪيستائين اسان هنن حڪمرانن کي آزمائينداسين، خدارا هن ايندڙ اليڪشن ۾ سوچي سمجهي پنهنجي قيمتي ووٽ جو استعمال ڪرڻ گهرجي، هن وڏيرا شاهي نظام کي شڪست ڏئي نون چهرن کي آزمائڻ گهرجي.

 

صابر علي خاصخيلي/دبئي

 

ماحولياتي تبديلي جي منهن ۾ پيل ماروئڙا!

 

دنيا جي دڳن تي ماضي جي ورقن جو مطالعو ڪجي ٿو ته تاريخ جي منظرن مان اھو معلوم ٿئي ٿو ته انسان جڏھن بي فطرتي نظام جي ابتڙ ڪا ڪاھ ڪئي ھجي يا آسائشن جي آڙ ۾ سهولتن جو ثمر ساڻ ڪرڻ لاءِ قدرتي سونهن سان ھٿ چراند ڪئي هجي ته انهيءَ جا ناڪاري اثر جيئرن جاندارن لاءِ خطرو بڻجي وڃن ٿا. پکي، جيتن ۽ جانورن کان ويندي انسانن جي جياپي تائين ھر وجود جي بقا به ڌرتيءَ جي گولي تي نسلي واڌ ويجھ لاءِ جدوجهد ڪري رھيو آھي. انسان جيڪو پنهنجن ضرورتن ۽ آسائشن جي حاصلات لاءِ وس آھر سوچ ويچار کان پوءِ موجود وسيلن کي ضابطن ھيٺ آڻي ھر روز نيون نيون ايجادون ۽ دريافتون ڪري رھيو آھي، پوءِ ڀلي ڇو نه انهن جا ناڪاري رخ اسان جي زندگي تي اثرانداز ٿئي حياتي لاءِ خطرو بڻجندا وڃن. ڪلورو فلورو، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ھائبرڊ ماڊل، تابڪاري تباھي، سستي توانائي کان ويندي 5 ڪلو تائين اھي ايجادون جيڪي زنده جيوت جي ڪنهن نه ڪنهن گروپ جي وجود کي فنا ڪري ھر اڳئين سائيڪل لاءِ خطرو بڻجي رھيون آھن ۽ ايئن ئي ماحول ۾ پڻ تبديلي جو سبب ٿي رھيون آھن، جنهن کي اسان ماحولياتي تبديلي جو نالو ڏيو ٿا، جنهن جي ڪري ٻوڏ، زلزلا، اڻ مندائتا مينهن ۽ ڏڪار جهڙيون قدرتي آفتون تباھي جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. ڪجهه مهينا اڳ پوري پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيل تباھي پڻ ماحولياتي تبديلي جو نه وسرندڙ ھڪ سبق آھي. ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جا منصوبا جتي سڄي دنيا ۾ بند ٿي رھيا آھن، اتي وري اسان کي ھاڻ سجاڳي ٿي آھي ۽ اسان ايڪهين صدي ۾ به پنهنجي ايندڙ نسلن جي وجود کي خطري ۾ وجهي سستي توانائي جا وسامندڙ ذريعا ضابطن ھيٺ آڻي رھيا آھيو. اسان ڪوئلي جي کليل کاڻ جي کوٽائي ڪري ماحولياتي تبديلين جو اھم سبب بڻجي رھيا آھيو، جنهن جو مثال شايد ڪجهه سالن کان پوندڙ اڻ مندائتا مينهن ۽ انهن ۾ کنوڻ جو ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو، جنهن جي ڪري گهڻي تعداد ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان به خطري جي گهنٽي آھي. ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته فطري ماحول سان ھٿ چراند وقت ان جي ناڪاري اثرن کان بچاءُ ۽ احتياط جا اصول اپنائي ماحول کي تباھي کان بچايو وڃي.

 

ساجد حبيب ٻهپار/ ڪانڪيو، ڇاڇرو

 

سموري سنڌ جو نظرون ڪنگري تڪ تي!‎

 

ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عوامي پارٽي جيڪا شهيدن جي پارٽي سڏجي وڃي ٿي، پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان گذريل ڏهاڙي عام چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سموري سنڌ جي تڪن تي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي اميدوارن جي چونڊ لاءِ لسٽ جاري ڪئي وئي، اتي خيرپور ضلعي جي PS 26 تي ايم پي اي جي سيٽ لاءِ سينيئر سياستدان سيد قائم علي شاهه جيلاني صاحبPS27  ڪوٽڏيجي تي خوابن جي بادشاهه سڏجندڙ منظور وساڻ صاحب جي فرزند بئريسٽر هالار منظور وساڻ صاحب PS28 ٺري ميرواهه تي ساجد ٻانڀڻ،PS29  فيض گنج تڪ تي بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر، Ps30 گمبٽ تي نعيم احمد کرل جڏهن ته ايم اين اي جي اميدوارن لاءِ NA202 خيرپور، ڪوٽڏيجي تڪ تي سيده نفيسه شاهه جيلاني صاحبهNA203، ناري فيض گنج ٺري ميرواهه تڪ تي سيد فضل علي شاهه جيلاني صاحب، NA204 ڪنگري گمبٽ سوڀوديرو تڪ تي سيد جاويد علي شاهه جيلاني کي ميدان تي لاٿو ويو آهي پر هن وقت تائين PS31 ڪنگري تڪ تي پ پ پاران اميدوار آڻڻ جو اعلان نه ڪري سگهي آهي. پ پ جي سيٽ تي ڪنگري تڪ لاءِ خوابن جي بادشاهه منظور وساڻ، پ پ سکر ڊويزن جي صدر سيد بچل شاهه جيلاني، سنڌ ۾ وڏي گادي طور سڃاتي ويندڙ درگاهه حضرت سچل سرمست جي سجاده نشين پير خواجه عبدالحق فاروقي، ڪنگري سرزمين تان جنم وٺندڙ پهريون ڀيرو عام چونڊن ۾ سامهون ايندڙ عورت ريحانه مصطفيٰ سهاڳ، سيد قائم علي شاهه جيلاني جي فرزند اسد علي شاهه جيلاني، شفقت حسين مهيسر طرفان فارم جمع ڪرايا آهن، هاڻي ڏسجي ته پ پ طرفان ڪنهن کي ٽڪيٽ ڏني پئي وڃي ڇو ته پ پ سکر ڊويزن جي صدر سيد بچل شاهه جيلاني جو هن تڪ تي وڏو ووٽ آهي ۽ گھڻا مريد، خادم، راڄ ڀاڳ پڻ آهي ۽ هو لاڳيتو هن تڪ تي اليڪشن وڙهندو اچي پيو، منظور وساڻ به سينيئر سياستدان آهي ۽ ان جو به ڪافي اثر رسوخ وارو آهي، جڏهن ته سچل سائين جي گادي به ڪا عام گادي ناهي ان جي سجاده نشين پير خواجه عبدالحق پڻ هي سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پراميد آهي، جڏهن ته لوڪل سطح تي ڏسجي ته هن ڀيري ڪنگري جي ڪافي عوام جو اميدون به عورت اڳواڻ ريحانه مصطفيٰ سهاڳ ۾ آهن، هاڻي ڏسجي ته پ پ ڪنهن کي ٽڪيٽ ڏئي ٿي ۽ ڪنهن کي مايوس ڪري ٿي، ڇو ته هي مقابلو ڪو عام نه هوندو اڳيان به پير سائين سردار جو پڳدار پٽ سيد راشد شاهه راشدي (GDA) طرفان اميدوار آهي ۽ ايم اين اي جي سيٽ لاءِ معظم عباسي صاحب، سو سموري سنڌ جو نظرون ڪنگري طرف آهي، وڌيڪ ڏسجي ڇا ٿو ٿئي؟ معظم عباسي طرفان به ڪلهوڙا برادري جو هنن تڪن تي وڏو ووٽ هئڻ ڪري فائدو ملي سگهي ٿو بهرحال ڪنگري تي ڏسجي ته پ پ ڪهڙو مضبوط اميدوار ٿي آڻي.

 

آصف علي ابڙو/ ڪولاب جيئل