آزاديءَ جي نالي تي استعمال ٿيندڙ نوجوان نسل!

 

آزادي هڪ اھڙو اصطلاح آهي جيڪو ڪيترن ئي معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي، ھر ماڻھو پنھنجي مفاد موجب ان لفظ جو استعمال ڪندو آھي، لغت ۾ لفظ “آزادي” جي معنيٰ آهي خودمختياري، غلامي آزاديءَ جو متضاد آهي. آزادي هڪ اهڙو مفھوم آهي جنهن کان سڀ واقف آهيون ۽ آزاديءَ سان انساني دلچسپي ڪا نئين ڳالهه ناهي، تاريخ شاهد آهي ته انسان جي آزاديءَ سان وابستگي سرمائيداري يا سوشلزم جي جديد سوچ جو نتيجو ناهي پر انساني فطرت ۾ ئي آزادي جي محبت موجود آهي ۽ اهو تاريخ جي هر دور ۾ ڏسي سگهجي ٿو. انسان جي ڪهاڻي پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۽ آزاد ٿيڻ جي جدوجهد ۾ ئي ختم ٿئي ٿي. تاريخ ۾ ڏٺو ويو آھي ته دنيا ۾ آزاديءَ جي نالي تي انسان ذات کي وڏيون اذيئتون پھتيون آھن، پنھنجي پيارن جي قرباني، بي گھر ٿيڻ پر ھن وقت ڪيتريون ئي تنظيمون نوجوان نسل کي آزاديءَ جي نالي تي خواب ڏيکاري انھن کي غلط ۽ غير قانوني رستن تي لاھڻ ۾ مصروف آھن. جنھن سان نه رڳو نوجوان کي جسماني طور تي نقصان رسي ٿو پر انھن جي ذاتي زندگين ۽ ذھني ڪيفيت تي ان جو وڏو اثر ٿئي ٿو. خاص طور تي دنيا کان ناواقف نئين نسل کي ان مان وڏو نقصان رسيو آھي. آزادي جي نالي تي ھلندڙ تنظيمن کي آزاديءَ سان ڪابه دلچسپي ناھي پر انھن کي صرف پنھنجي ذاتي زندگين کي سکيو رکڻ لاءِ ٻين جي زندگين سان کيڏڻو هوندو آهي. ايتري تائين جو پنھنجي مفادن جي پورائي لاءِ نوجوانن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو وڃو ٿو ۽ انھن جي زندگين جو نذرانو پيش ڪيو وڃي ٿو. نوجوان نسل کي اھو سمجھڻ جي ضرورت آھي ته دنيا صرف مفاد پرست آھي، انھن کي توھان جي آزادي ۾ به دلچسپي ناهي، آزادي حاصل ڪرڻ سڀ کان پھرين پنھنجي خواهش کان آزادي حاصل ڪرڻي پوندي آھي.

 

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

 

ڪير زرعي ڀاڻ تي ڪنٽرول ڪرائيندو!‎

ھن وقت ڪڻڪ سان گڏ ڪيلا، ڪمند، ڀاڄين کي ڀاڻ جي ضرورت آھي، ڪارو ڀاڻ ڊي اي پي جي في ٻوري 13500 روڪ تي واپاري وڪڻن ٿا، جيڪڏھن ھاري، آبادگار، واپاري ڪنھن کان فصل جي لھڻ تائين ڊي اي پي کڻن ٿا ته اھا في ٻوري 16000 ھزارن ۾ پوي ٿي، ان سان گڏ اڇي ڀاڻ يوريا جي في ٻوري 7800 ملي ٿي جنھن جو اگھه به آسمان سان ڳالهيون ٿو ڪري. ھن وقت ڪڻڪ جي فصل کي پاڻي سان گڏ ڀاڻ جي سخت ضرورت آهي، اڳ جي ڀيٽ ۾ ھن وقت ڀاڻ جو اگھه ٽيڻو آھي، پھريائين ٻه سال اڳ ڪاري ڀاڻ ڊي اي پي 4500 رپيا ھئي ۽ يوريا اڇو ڀاڻ جي ٻوري 2800 سئو رپيا ھئي، واپارين جي ھڪ ھٽي ۽ جيئن ئي ڪڻڪ جي موسم ايندي آهي ته ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪري اگھه کي وڌايو وڃي ٿو، اگھه کي وڌائي ھارين کي پريشان ڪيو وڃي ٿو. اڳ جي ڀيٽ ۾ ھن وقت ڪڻڪ جي پوکائي وڌيڪ ڪئي وئي آھي، جيئن ڪڻڪ جي پيدوار کي وڌائي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي پر ھن وقت آبادگارن کي مھانگي ڀاڻ وٺڻ جي سگھه نه آھي، آبادگار ھن مھانگائي ۾ پيٽ گذر ۾ پورو آھي، ھاري زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ٻج، ڀاڻ، ٽريڪٽر جي ھر ۽ مزدوري سميت في ايڪڙ تي 50 ھزار کان مٿي لڳ ڀڳ خرچ لڳي وڃي ٿو، اسان جي اڳوڻي يا موجوده حڪومت کي زراعت تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. اسان جو زرعي ملڪ آهي، زراعت معشيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي، زراعت ڪارخانن جي لاءِ ڪچو مال پيدا ڪري ٿي، ملڪ جي بچت ۾ 25 سيڪڙو زراعت جو حصو آهي، ملڪ ۾ جنھن رفتار سان آبادي وڌي رهي آهي ايئن وري ملڪ  جي حڪومت کي پيداوار وڌائڻ لاءِ زراعت تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، جيئن ملڪ ۾ اناج جي کوٽ نه ٿئي. ڪڻڪ جي فصل تي ته خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي. ڀاڻ جي ڊيلرن ۽ واپارين کي قانوني طور سزا ڏيڻ گھرجي، ضلعي سطح تي جيڪي اي سي يا ڊي سي آھن انھن کي گھرجي ته اھي اگھن تي ڪنٽرول ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن، جانچ پڙتال جو عمل سست آھي، جنھن ڪري واپارين جي من مستيون آھن، ان ڪري وڌيڪ اگھه ورتا وڃن ٿا، آبادگارن کي مناسب ۽ سستي اگھه تي ڀاڻ جي فراهمي ڪئي وڃي.

شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

ٻارڙن جو عالمي ڏينهن، سنڌ ۽ فلسطين جا ٻارڙا!

عالمي دنيا کي پنهنجي ترقي يافتا دور مان گذرندي سنڌ جا ٻار وسارڻ نه گھرجن، جن کي سستو علاج، بھتر خوراڪ، ماحول جي بھتري، اسڪول ۽ تعليم جي ضرورت، جنسي حملن توڙي اغوا کان بچائڻ، غربت، جبري پورھيو، بٺن تي سخت مزدوري وغيره جھڙا مسئلا لاڳو ٿيل ڏسجن ٿا. جنهن لاءِ ٻارڙن کي تعليم طرف آڻڻ، راغب ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ کين مزدوري نه ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ سميت ھندو معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابيءَ جو مطالبو ورجائجي ٿو.  اڄ خاص طور تي فلسطيني ٻارڙن تي اسرائيلي بمباري سان کين موت جي منهن ۾ سمھاري ڇڏڻ، ڪيترن معصومن کي معذور، زخميم دربدر ۽ يتيم ڪري ڇڏڻ جھڙا ڏوهه ڪندڙ اسرائيل مٿان سخت ڪارروايون ۽ پابنديون لاڳو ڪري گڏيل حڪومتن جي اداري مان خارج ۽ ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ لازمي بڻجي چڪو آھي. دنيا کي ٻارڙن جا ڏينهن ڀلي شوق سان ملھائڻ سان گڏ عملي طور انھن جي بھتر زندگي، امن، خوشحال مستقبل ۽ جنگين کان پرھيز ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو.

منظور ڪالرو /حيدرآباد

اچو ته نئين سنڌ اڏيون!

اھي قومون اھي، نسل جن پنھنجن ريتن، رسمن، رواجن، تھذيبن ۽ ثقافتن کي  نروار ڪيو، انھن جو دنيا تي زوال ڪڏھن به نه ايندو، صدين کان وٺي اھو نظر پيو اچي ته جنھن قوم تھذيب، ثقافت، ٻولي ۽ ٻوليءَ جي ادب کي ھٿي وٺرائي آھي اھا دنيا آڏو پان مڃرائي چڪي آھي. دنيا جي تھذيب  ۽ ٻولي رکندڙ ملڪن مان پاڪستان جو سنڌ صوبو به ھڪ خوبصورت ٻولي ۽ ثقافت وارو صوبو آھي، ھن قديم سنڌ جي عظيم ثقافت ڪيترن ئي سالن کان سنڌي ماڻهو ملھائيندا  پيا اچن، ھر سال جيان ھن سال به علي قاضي صاحب جي ڏنل پيغام “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” کي سنڌ واسين ڀليڪار ڪيو آھي. علي قاضي صاحب جي 3 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا عيد جون تياريو سنڌ جيان سموري دنيا ۾  زور شور سان جاري آھن، علي قاضي جي ڏنل پيغام “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” ھڪ بھترين سلوگن ثابت ڪرڻ لاءِ اسان کي تعليم جي سخت ضرورت آھي، نئين سنڌ، شعور سان اڏڻي پوندي، نئين سنڌ اڏڻ ۾ اسان جي نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ انھن کي وڏن پاچن تي سلوار  ۽ نوروزي پائڻ جي ضرورت ناھي پر سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ جي مظلوم، بيوس ۽ لاچار بڻيل ماروئڙن لاءِ آواز اٿاري انھن جو ڀرجھلو بڻجڻو آهي ۽ تعليمي ميدان ۾ مڃتا ماڻڻي پوندي، تعليم سان دنيا اڳيان اڀرڻو پوندو، مان ته سمجھان ٿو ته علي قاضي اسان کي ھڪ سائي وڻ جيا مليو آھي، جنھن ھيٺان اسان کي  ھڪ ٿيڻو پوندو، اھڙن ليڊرن جي سنڌ کي ضرورت به آھي، سموري سنڌ جيان اسان جي  ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ  ۾ به علي قاضي جي ڏنل پيغام تي چوھاڻ، ڀرٽ، پنهور، سولنگي، کھاوڙ ۽ ابڙا برادرين پاران روزانو رات جو مچ ڪچھريون ۽ ايڪتا جاگرتان ريليون ڪڍيون پيو وڃن ۽ سمورين برادرين گڏ جي 3_ڊسمبر تي پريس ڪلب نوشھرو فيروز ۾ ايڪتا عيد ملھائڻ جو وچن ڪيو آھي ۽  نفرتن کي  پوئتي ڪري محبتن جو پيغام ڏنو آھي. اسان کي فخر آھي ته اسان سنڌ جھڙي صوبي ۾ ڄاواسون، اسان  ثقافت، تھذيب ۽ ھڪ سھڻي ٻولي واري قوم آھيون، سنڌ ڪو يتيم صوبو ناھي جو انھن جي وسيلن تي قبضا پيا ڪيا وڃن، افسوس ته سنڌ جا نا لائق حڪمران جن کي سنڌي ڳالھائڻ به نٿي اچي، اهي اسان تي حڪمراني ڪري رهيا آهن، اسان ست ھزار سالن کان به پراڻي سنڌ جا وارث آھيون، اسان کي حق آھي ليڊر چونڊڻ جو ۽ تھذيب کي اڳتي آڻڻ جو، سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناھي، سنڌ جا وارث  اسان ئي آھيو. 3 ڊسمبر نچڻ جو ڏينهن نه پر اھو وچن ڪرڻ جو ڏينهن  آھي ته اسان ٻولي کي عام ڪنداسين، ڪنھن ڌارئين کي سنڌ تي قابض ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ تعليم ۾ اڳڀرا ٿينداسين.

اسڪول کپن تالا نه کپن،

اوطاقون ۽ واڙا نه کپن

صفدر سنڌي عرف دودو خان سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ