ايس ايس پي دادو ڏانهن خط!

ادارن تي لکڻ سان ادارن تي يا ادارن اندر ويٺل ڪامورن تي ڪو به اثر نٿو ٿئي ڇو ته ادارن کان ڪو به پڇڻ وارو ناھي، ان ڪري پاڻ ادارن تي لکڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي. خاص ڪري پوليس کاتي تي لکڻ لاءِ قلم به ڪيٻائي ٿو پر اڄ قلم کي ميڙ منٿ ڪري چند اکر ايس ايس پي دادوءَ لاءِ لکي رھيو آھيان. دادوءَ ۾ جتي قانون مفلوج بڻيل آھي، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، قانون جي حڪمرانيءَ بدران ڀوتارن جي حڪمراني قائم آھي. سياسي مداخلت عروج تي آھي، جنھن ڪري عام ماڻهو جو جيئڻ محال بڻجي ويو آھي، جڏهن کان ايس ايس پي شبير سيٺار دادو ضلعي جون واڳون سنڀاليون آهن تڏهن کان امن جون واڳون بدامنيءَ جي هٿ ۾ اچي ويون آھن. جنھن ڪري ڦرون، ڌاڙا، چوريون ۽ تشدد سميت رتوڇاڻ روز جو معمول بڻيل آهي. روز ڪو نه ڪو واقعو پيش اچي ٿو، ڪڏهن جوهيءَ ۾ جهيڙو ته ميهڙ ۾ ڌاڙو، ڪڏهن خيرپور ۾ چوري ته ڪڏهن دادوءَ ۾ ماڻهو قتل ٿين ٿا جنهن سبب دادو جي عوام ۾ بيچيني پکڙيل آهي. بدامني جي ايڪسيليٽر تي آخر ڪنهنجو پير آهي؟ بدامني ته اڳوڻي ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو جي هوندي به هئي پر ايترو ظلم نه هئو، اها به حقيقت آهي ته اڳوڻو ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو گهڻي قدر ڏوهن کي روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو پر جڏهن کان سيٺار صاحب دادو ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان رتوڇاڻ جي واقعن ۾ غير معمولي تيزي اچي وئي آهي. منهنجي خيال ۾ ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب پوليس جو تحرڪ ۾ نه اچڻ آهي ۽ ٻيو سبب اهو به آهي ته سيٺار صاحب ان کان اڳ به دادو ضلعي ۾ ايس ايس پي رهي چڪو آهي. تنھن ڪري ڏوهارين جو سندس پاڻي ڪڇيل آهي. ھڪ طرف بدامني ضلعي ۾ رقص ڪري رھي آھي ته ٻئي طرف سماجي برايون به نانگ جيان ڪر کنيون بيٺل آهن، ضلعي جي ھر شھر ۾ منشيات جو سرعام وڪرو جاري آھي، جنھن سبب نئين نسل جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي، ايئن به ناھي ته مقامي پوليس کي منشيات فروش اڏن جي خبر ناھي پر پوليس جي انھن وٽ منٿلي فڪس آھي، منشيات ۾ چرس، آفيم، ڪچو شراب ۽ زھريليون سوپاريون ھر ھنڌ ٿي رھيون آھن، جن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آھي. ان کان سواءِ فحاشي ۽ جوئا جا اڏا پڻ ھر شھر ۾ پوليس سرپرستيءَ ۾ھلندڙ آھن پر دادو ضلعي جو هن وقت سڀ کان وڏو امن جو مسئلو آهي، ان ڪري سيٺار صاحب کي گهرجي ته دادو ضلعي ۾ خوني تڪرارن کي ٻنجو ڏئي جاني نقصان کان بچايو وڃي ته جيئن عوام سُک جو ساهه کڻي.

حاڪم علي چانڊيو/ دادو

 

پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڇڪتاڻ!

‎ ايم ڪيو ايم چونڊن بابت ن ليگ سان اتحاد جوڙيو آهي، ان جو وفد لاهور ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪري چڪو جنهن ۾ فاروق ستار، خالد مقبول، مصطفيٰ ڪمال شامل هئا، جيڪو هڪ سياسي ۽ چونڊ اتحاد آهي. ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم 08 فيبروري تي گڏجي اليڪشن وڙهنديون، ٻنهي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي ملاقات ۾ خاص طور ڪراچي، حيدرآباد ۾ چونڊ اتحاد سيٽ ايڊسجٽمينٽ سان گڏ ٻيا معاملا غور هيٺ آيا، جنهن ڪري ٻنهي پارٽين اتفاق ڪيو ته پاڪستاني عوام کي ملڪ ۾ موجوده مسئلن مان ڪڍڻ ۽ ملڪي ترقي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪنديون، ڳالهه آها آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجي سموري قوت سان چونڊ مهم دوران ڪراچي جو ڪيس پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم لياقت آباد ۾ وڏو جلسو ڪيو، جنهن ۾ پارٽي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، فاروق ستار ۽ ٻين اڳواڻن ڪراچي سان ٿيندڙ زيادتين، ناانصافين کي موضوع بڻايو جنهن ۾ مصطفيٰ ڪمال موجب پ پ پنهنجي 15 سالا حڪومت دوران روشنين واري شهر کي اونداهين طرف ڌڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جو پ پ تي اهو الزام بي بنياد ٿي سگهي ٿو، ممڪن آهي ته پ پ ڪراچي کي 100 سال پهريان وارو لاڙڪاڻو بڻائڻ چاهيندي هجي، جڏهن لاڙڪاڻي ۽ ڀٽو خاندان جي آبائي شهر لاءِ اها چوڻي مشهور هئي ته “هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو” 1843 ۾ انگريز ڪمانڊر چارلس نپيئر سمنڊ رستي ڪراچي بندرگاهه کي “مشرق جو موتي” چيو هو. ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ۾ ڇڪتاڻ 88ع کان جاري آهي، جنهن ڪيترائي ڀيرا ٽڪراءِ به ٿيو آهي، اليڪشن ۾ سنڌ جي شهري علائقن کان ايم ڪيو ايم ۽ ٻهراڙي علائقن کان  پ پ ڪامياب ٿيندي هئي. اليڪشن فوج نگراني ۾ ٿيا ته اسحاق خان صدر بڻيو، تڏهن شهيد بينظير ڀٽو اڪثريتي پارٽي جي ليڊر هئي پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سندس ساٿ ڏنو هو. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي ڀائيواري سان قائم علي شاهه وڏو وزير ۽ عبدالله شاهه اسپيڪر چونڊيو. ٻنهي پارٽين ۾ 05 ڏينهن تائين ڳالهيون هليون نتيجي ۾ 59 نڪاتي “معاهدو ڪراچي” طئي ٿيو، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي مقتول چيئرمين عظيم طارق ۽ پ پ سنڌ جي صدر قائم علي شاهه 02 ڊسمبر تي صحيون ڪيون، جيڪو معاهدو ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ ۾ مفاهمت، ڀائيچاري ۽ برابري جي هڪ مثالي دستاويز هو، جنهن تي عمل جاري رهي ها ته سنڌ ۾ لساني ثقافتي اتحاد پروان چڙهي ها پر جلد ئي ٻنهي طرفن کان معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ الزام شروع ٿيا، صورتحال ٽڪراءَ طرف هلي وئي، ايم ڪيو ايم جو پ پ خلاف بيانيو انهي ڇڪتاڻ جو آئينيدار آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

ڏياري، عيد ۽ معصوم ٻارڙا!

ماروئڙن جي ديس ۾ ڪهڙيون عيدون؟ ڪهڙيون خوشيون؟ بهرحال سڄي دنيا ۾ هن وقت ڏياري واري عيد ملهائي پئي وڃي، اتي به سنڌ جا معصوم گلن جهڙا ٻارڙا اڄ به پنهنجي مال جو گاهه ڪرڻ ۾ نظر اچن ٿا. راهه ويندي رستي ۾ موٽرسائيڪل هلائيندي اوچتو معصوم ٻارڙن تي نظر پئي ۽ وڃي ساڻس مليس ۽ پڇيم ته پٽ! اڄ ته توهان جي عيد آهي پوءِ به اڄ گاهه ته هليو آيو آهين؟ جواب ڏنائين، چاچا! ڇا جي عيد آهي؟ اسان کي ڪنهن به ڪو نه ٻڌايو آهي! پڇيم اوهان جو بابا ڪٿي آهي؟ چيائين ته بابا ڪم تي ويو آهي ۽ ماءُ به گاهه تي وئي آهي. وراڻين ته چاچا ڦٽاڪا ڪٿان ملن ٿا ۽ گهڻي جا ملن ٿا؟ سندن معصوميت ڀريا سوال ۽ سندن عيد واري ڏيهاڙي ته بي خبر هجڻ سبب منهن جي مرڪ ئي وڃائجي وئي هيس. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جا اصل وارث جيڪي اڄ به دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، سندن عيد ڏيهاڙا ياد هجڻ باوجود به معصوم ٻارڙن سان سنڌ ۾ اهڙيون زيادتيون ڇو پيون ٿين؟ آئون انهن سڀني شعور رکندڙ کي عرض ڪندس ته خدارا ڪٿي راهه ويندي ڪو پاڙيسري هجي يا ڪير هندو ڀائر ڀينرن يا سندن معصوم ٻارڙن کي ڏسو ته سندن سار لهڻ سان گڏوگڏ هڪ مسڪراهٽ ڏئي ڇڏيندا ڪيون توهان جي هڪ مسڪراهٽ سندن زندگيءَ ۾ خوشيون آڻڻ سان گڏ عيد هجي يا خالي ڏينهن پر اوهان جي مسڪراهٽ هنن لاءِ عيد کان گهٽ ناهي هوندي.

ماڻڪ حڪيم جروار/ بڪيراشريف