اليڪشن ۽ متحرڪ
ٿيل سياسي پارٽيون!
فيبروريءَ ۾ اليڪشن نتيجا الائي ڪهڙا اچن پر هاڻ کان ئي اندازو آهي ته ان ۾ ن ليگ کي سرسي حاصل هوندي، پهرين نمبر تي اهائي پارٽي هوندي، جنهن جو وڏو سبب اهو آهي ته ن ليگ جي اصل ۽ سخت مخالف تحريڪ انصاف جي حالت ابتر آهي، پارٽي قيادت ۽ ان جا اهم اڳواڻ جيلن ۾ يا وري روپوش آهن، جنهن جا ضلعي ۽ تعلقي سطح جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن. پنجاپ ۾ تحريڪ انصاف جن کي صوبائي اسيمبلي ٽڪيٽون جاري ڪيون هيون انهن مان گهڻا پارٽي ڇڏي چڪا آهن يا وري سياسي طور متحرڪ ناهن، پنجاپ جي قومي اسيمبلي مان 141 سيٽون آهن، جن مان 40،45 سيٽون ڏکڻ پنجاپ ۾ آهن، جڏهن ته سينٽرل پنجاپ جون 70،80 جي ويجهو سيٽون مٿئين پنجاپ جون آهن، جيڪڏهن تحريڪ انصاف پنجاب طاقت سان مقابلي لاءِ موجود نه هوندي ته پوءِ ن ليگ لاءِ معاملو گهڻو سولو آهي. ن ليگ جي سرسي جو ٻيون وڏو سبب اهو به آهي ته ملڪ جي ٽين وڏي پيپلز پارٽي پنجاپ ۾ پنهنجو دائرو ۽ اثر ناهي وڌايو ۽ جنهن جي حالت 5 سال پهريان هئي سائي آهي، جيڪا سنڌ تائين محدود آهي، اهو به چيو پيو وڃي ته نوازشريف سنڌ جو دورو ڪندو، ن ليگ قيادت سنڌ ۾ عوامي سطح تي موجود حمايت کي پنهنجي سياسي قوت ۾ بدلڻ لاءِ دوري جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ پوليس گروپ جي رٽائرڊ ناليواري ۽ وفاقي اداري ايف آءَ جي 22 گريڊ جي آفيسر بشير ميمڻ کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ ف به ڪجهه هنڌن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري چونڊ وڙهڻ چاهين ٿيون، جنهن لاءِ ن ليگ قيادت جا گهڻا اڳواڻ پاڻ ۾ صلاحون ڪري رهيا آهن ته انهن کي به ساڻ کڻي هلڻ کپي، جيئن سنڌ جي ٻهراڙي مان به ڪجهه سيٽون ملي سگهن. ڪي پي ڪي ۾ ن ليگ جو اثر هزاره ڊويزن جي ايبٽ آباد، هريپور، مانسهرا ۾ آهي، ن ليگ پنهنجي گهڻو زور پنجاپ تي ڏيندي. سومر تي آصف زرداري گهوٽڪي پهچي سردار علي گوهر مهر وٽ پهتو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي، عوامي جلسي کي خطاب به ڪيو، ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد مضبوط بڻيا آهن پر پ پ به سنڌ ۾ بااثر شخصيتن کي ساڻ کنيو آهي، جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پ پ جي پڪڙ مضبوط آهي. سانگهڙ وارو ڄام ڪرم پ پ ڇڏي ن ليگ ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جنهن کي ن ليگ اڳواڻ شاهه محمد شاهه ۽ اڳوڻي گورنر زبير احمد ڀليڪار ڪيو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
عام چونڊن جو سجيل ميدان!
عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ کان پوءِ سياسي پارو ھاءِ ٿيندي نظر اچي رھيو آھي، ميل ملاقاتون، جوڙ توڙ ۽ پنهنجي پنهنجي ورڪرن کي سٺي مستقبل جا سھانا خواب ڏيکارڻ جو ڪاروبار به عروج تي پھتل آھي. بظاھر وفاقي سطح تي پ پ ۽ ن ليگ ۾ دنگل جو امڪان آھي، ڇو ته گذريل چونڊ نتيجي ۾ حڪومت ٺاھيندڙ پي ٽي آءِ 9 مئي جي واقعي کان پوءِ جنهن نموني ٽٽي آھي ان جو سڀني تڪن تي اميدوار بيھارڻ به ڏکيو محسوس پيو ٿئي ڇو ته مرڪزي صوبي پنجاب ۾ ان جي پوزيشن تمام گھڻي ڪمزور آھي، ڪيترائي چوٽيءَ جا اھم اڳواڻ يا ته پارٽي ڇڏي چڪا آھن يا جيلن ۾ قيد آھن. ايستائين جو پارٽي چيئرمين عمران خان به مختلف ڪيسن سبب اڊيالا جيل ۾ 3 مھينن کان قيد آھي، اھڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ مڪمل طرح نه ته اليڪشن مھم ھلائڻ جي پوزيشن ۾ ھوندي پر کين ٻين پارٽين جيان اھا ليول پلينگ به ملڻ جو امڪان ناھي، تنهن ڪري اقتدار جي اصل جنگ ماضي ۾ ھڪ ٻئي جي سخت مخالف پارٽين پ پ ۽ ن ليگ جي وچ ۾ ئي ٿيڻي آھي پر اسٽيبلشمينٽ جي مائينڊ سيٽ کي فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻو آھي، ان جو جھڪاءُ جنهن طرف وڌيڪ ھوندو اھا پارٽي اقتدار جي ايوان ۾ نظر ايندي ۽ بظاھر سندن منظور نظر ن ليگ پئي لڳي ڇو ته جھڙيءَ طرح ميان نوازشريف جي لنڊن مان واپسي ٿي ۽ کيس جيل جو منهن به ڏسڻو نه پيو ۽ ھاڻ روز جي بنياد تي ڪيسن مان رليف ملي رھيو آھي، اھي شيون اشارو ٿيون ڪن ته مٿان کيس پڪ ملي چڪي آھي، انهيءَ ڳالهه تي جتي ننڍين پارٽين کي ڳڻتي آھي اتي پ پ به اھا شڪايت ڪندي نظر ٿي اچي ته ن ليگ کي جھڙي ليول پلينگ حاصل آھي اھا پ پ سوڌو ٻين پارٽين کي نه پئي ملي ۽ ميان نواز شريف کي لاڏلو بڻايو ويو آھي. ن ليگ جتي پنجاب سان گڏ ھاڻ سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ پـنهنجون سرگرميون وڌائي رھي آھي، اتي سنڌ ۾ مختلف پارٽين جا اڳواڻن پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رھيا آھن ۽ بلاول ڀٽو جا ھاڻي پنجاب ۽ ڪي پي جا دورا ڪري رهيو آهي، ان سان گڏ پ پ بلوچستان جي اڳواڻن بلاول سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪري بلوچستان جي دوري جي دعوت ڏني آھي، جيتوڻيڪ باقي بچيل پي ٽي آءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آھي پر سندن پوزيشن ڪهڙي بيھندي اھو ته وقت ئي ٻڌائيندو. ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ن ليگ جي سنڌ ۾ اڳڀرائي ۽ ن ليگ جي ايم ڪيو ايم سان چونڊ اتحاد ٿيڻ بعد مفاھمت جي بادشاهه آصف زرداري اھم ڪارڊ کيڏندي اسٽيبلشمينٽ ڏي نياپو موڪليو آھي ته جي کين ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشس ڪئي وئي ته اھي پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪرڻ جو سوچي سگھن ٿا. ان بعد زرداري سان ڪنهن اھم شخصيت جي ملاقات جي خبر به ميڊيا جي زينت بڻي آھي. جيئن جيئن چونڊ ويجھي ايندي ته صورتحال وڌيڪ واضح ٿيندي، ڪير ڪنهن سان اتحاد ٿو ڪري ۽ ڪنهن جي پوزيشن مضبوط ٿي رھي پر ھن ڀيري چونڊن ۾ وڏي ملاکڙي جو امڪان پڻ اڻٽر آھي.
مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار
ڏياري!
ڏياري (ڏيپاولي) سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، ڏيپاولي لفظ (ڏيئي) مان نڪتل آهي، ڏيپ يا ديپ جي معنيٰ شمع يا روشني آهي، والي جي معنيٰ صف يا قطار آهي، اهڙيءَ طرح ڏيپاولي يا سنڌي ۾ ڏياري جو مطلب ڏيئن جي قطار يا بتين جي قطار آهي، ان موقعي تي لکين ڏيئا گهر جي اڱڻ، امارتن ۽ ان مُلڪ ۾ جتي اهو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي اتي ٻاريا ويندا آهن، ڏياري اونداهي کان روشنيءَ، ناداني کان دانشوري، برائي کان بهتري ۽ مايوسي کان اميد ڏانهن اچڻ جو ڏڻ آهي، ھي هندو ڌرم جو وڏي ۾ وڏو مذهبي تهوار آهي، ڏياري بابت ڪٿا مشهور آهي ته پرماتما وشنو جي ستين اوتار شري رامچندر جڏهن پنهنجي پتني سيتا ۽ ننڍي ڀاءُ لڪشمڻ سان گڏ 14سال بنواس ويا، اُتي هڪ ڏينهن سيتا جي اسرار تي ٻئي ڀائر هڪ هرڻ کي پڪڙي آڻڻ لاءِ تما پري نڪري ويا، پويان لنڪا جي راڪشس راوڻ وجھه ملندي ئي ماتا سيتا کي جوڳيءَ جو روپ ڌاري بکيا بهاني اغوا ڪيو ۽ سمنڊ پار ڪري لنڪا جي اشوڪ واٽڪا علائقي ۾ اچي رکيو. روايت موجب سيتا کي بنواس مان اغوا ڪرڻ دوران “جٽايو” نالي پکيءَ مزاحمت ڪئي، جنهن کي راوڻ زخمي ڪري وڌو هو. اُن پکيءَ ذريعي رامچندر کي پنهنجي پتني سيتا جي اغوا جو اطلاع مليو ۽ شري رامچندر ۽ راوڻ وچ ۾ جنگ شروع ٿي. جنگ دوران راوڻ کي دُن ۾ ٻاڻ لڳڻ سبب راوڻ مارجي ويو .راوڻ جي جنگ ۾ مات ٿي ۽ شري رامچندر سوڀارو ٿيو، پوءِ شري رامچندر ماتا سيتا کي وٺي واپس ايوڌيا پهتو. شري رامچندر، ماتا سيتا ۽ لڪشمڻ، راڪشس راوڻ جي مارجڻ کان ٺيڪ 20 ڏينهن بعد واپس ايوڌيا پهتا، شري رامچندر جي بنواس ڪاٽي، ايوڌيا نگريءَ ۾ اچڻ تي عوام پاران وڏو جشن ملهايو ويو ۽ گهرن ۽ گهٽين ۾ ڏيئا ٻاريا ويا ۽ خوشيءَ وچان وڏا وڏا ٺڪاءَ ڪيا ويا، ان ڏينهن کي ياد رکندي هر سال اسان هن تٿ تي “ڏياري” ملهائيندا آهيون، ڏياري جو ذڪر شاهه صاحب پنهنجي رسالي ۾ به ڪيو آهي.
ڏِٺي ڏِياري، سامُونڊين سِڙهه سَنباهيا،
وجهيو ورُ ونجهه کي، روئي وڻجاري،
مارِيندءِ ماري! پِرِهه سُور پِريُنِ جا. (شاهه)
روھت ڇاٻڙيا /بخشاپور، ڪشمور