25 هزار نوجوانن کي ڇو پيو رلايو وڃي؟

2021ع ۾ تعليم کاتي استادن جي ڀرتين لاءِ مڃيل اداري IBA کي ٽيسٽ وٺڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ اميدوارن حصو ورتو، ان ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ 33 سيڪڙو اميدوارن چاليهه ۽ چاليهه کان مٿي مارڪون کڻي پاليسي موجب ٽيسٽ پاس ڪئي، جنهن مان ڪافي اميدوارن کي اپائنٽمينٽ آرڊر ملي ويا آهن ۽ اهي استاد پنهنجي ڊيوٽي خلوص سان نڀائي رهيا آهن ۽ ان جا بهترين نتيجا به ملي رهيا آهن، رهيل 25 هزار اميدوار جنهن کي فيبروري 2025ع تائين اهو چئي ويٽنگ ۾ رکيو ويو ته هر مهيني ٿيندڙ خالي پوسٽن تي کين اپائنٽ ڪيو ويندو، اميدوار ان ئي آسري ۾ هئا ته اڳوڻي سيڪريٽري ايجوڪيشن ڀرتي عمل کي روڪڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري انتظار ۾ ويٺل اميدوارن کي ڇرڪائي ڇڏيو ۽ احتجاج تي مجبور ڪيو. هڪ پاسي تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ جو ڪريڊٽ تعليم کاتي پاران IBA ٽيسٽ پاس استادن کي ڏنو پيو وڃي ته ٻئي پاسي ساڳي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ذهني ٽارچر ڪيو پيو وڃي. ھڪ طرف اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ برقرار آهي ۽ سنڌ اندر سٺ لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن ۾ استاد نه هجڻ ۽ بند اسڪولن سبب تعليم جي زِيور کان محروم آهن ته ٻئي طرف پنجويهه هزار ٽيسٽ پاس نوجوان استادن کي انهن ڪورٽن ۾ گهليو پيو وڃي جنهن ۾ انصاف جي حصول تائين سال لڳي ويندا آهن. اميدوارن ۾ بيچيني وارو ماحول آهي ۽ بيچين اميدوار هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج لاءِ سوچي رهيا آهن، جيڪڏهن پندرهن 15 نومبر 2023 تي مسئلو حل نه ٿيو ته 25 هزار اميدوار ڪراچيءَ ۾ وزير اعليٰ هائوس اڳيان هڪ وڏو احتجاج ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي ميدان تي ايندا، جنهن جا نتيجا جيڪي به نڪتا پر ذميوار تعليم کاتو ۽ وقت جي حڪومت هوندي.

اظهر علي مهر/شڪارپور

 

افغاني ۽ ملڪ جو نڪرندڙ ڏيوالو!

افغاني سڄي سنڌ ۾ ترسائڻ ئي اصل اسان جي حقن تي راتا هڻن جي برابر آهي، هڪ ڊگهي ۽ پر اثر تناظر ۾ تجزيو ڪجي ته اصل هن سڄي نظام جي پويان ڪنهن جا هٿ رهيا آهن ۽ ڪير پيو هن سڄي نظام کي هلائي، ڪاروبار جي آڙ ۾ سڄي ملڪ جو قصو ڊانوا ڊول ڪندڙ افغانين کي ڪارڊ ٺهرائڻ کان ڊوميسائيل، داخلائون ۽ سمورو نظام کين هٿن ۾ ڏئي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هڻي پٺي ۾ رنبيون ڄمائي اسان کي ڇا حاصل ٿيو؟ اسان جا ڪاروبار، اسان جي تعليم، اسان جي صحت تي راتا هنيا ويا، ماضيءَ جي پيٽ ۾ دولت پرست وزيرن جون ڀوڳنائون عوام پيو ڀوڳي، زمينن تي قبضا، وسيلن جي ڦرلٽ، جهيڙا فساد، قتل، ڦرون سڀ کيل هنن ڀڳوڙن جو ڪيل کيل ناهن ته ڇا آهي ٻيو؟ معاشي تبديلي، واپاري تبديلي ڪيئن ايندي؟ معيشيت قوتن وٽ وڪرو ٿيل، واپاري ادارا به قيد ٿيل، ڪوئلو، بجلي، گئس جي ذخيرن تي قبضو به اصل افغاني ڀڳوڙن سان ڪيل ڏي وٺ جو نه صرف نتيجو پر حقيقت تي ٻڌل تذڪرو آهي. گذريل ڪافي سالن کان اسان جا پريشر گروپ خاص ڪري عوامي تحريڪ هن سڄي مسئلي سنڌ، ملڪ ۽ صوبن کي پنهنجو حقيقي درد سمجهي جدوجهد جي ميدان تي رهي آهي. ملڪ جي ڳورپٽ وزيرن جي ڪيل غير قانوني ڪمن سبب هي سڄو عمل ٿئي پيو، ملڪ کي تبديل ڪرڻ بدران آقائي پيٽ پرست ڊونرن کي اهو به سمجهڻ کپي ته ايندڙ نسل لاءِ ڪهڙا ڪارناما اوهان وٽ آهن؟ جيڪي توهان ڊسپلي ڪرڻ ٿا چاهيو؟ گذريل ڪئين سالن کان فارين انٽري تي نظرثاني نه ڪئي وئي آهي، ڏي وٺ واري ماحول ۾ سڀئي شيون ڌارين وٽ يرغمال بڻيل آهن. ڪرائيم رپورٽن ۾ گهٽتائي بدران واڌ ٿي آهي، مسئلن کي منهن ڏيڻ بدران مسئلن جو پاڙون تيار ڪري سڀ ڪجھه آقائن وٽ گروي رکي وسيلن جي ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي وئي، سياست کي ناڪاري انداز ۾ پاڪستان جي حقيقي آئين کي هاڪاري استعمال ڪرڻ بدران ان کي ناڪاري طور استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن جو ڪريڊٽ آڳوٺي ڇاپ سياستدانن ڏانهن وڃي ٿو، انهن کي اهو ڪرڻ کان اڳ آئين بالادستي جي نظام هيٺ ڪم ڪرڻو کپندو هو پر هي انهن جون پاڙون ڪٽڻ جي پويان پيل آهن، جيڪا هيئنر ڳچيءَ جو ڳانو ثابت ٿي آهي. افغاني ڪيترا ملڪ ڇڏي ويا آهن اها ته خبر ناهي پر اڃا ڪيترو پيڙهيل طبقي جي فٽن جا ناسور بڻبا اها تاريخ جي تلخ حقيقت بڻجن کان اڳ هنن ڀڳوڙن کي پنهنجي ڏيھه موڪلڻ سان ئي ترقي جون راهون، معاشي بچت، وطن فروشي ۽ ملڪ جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ هڪڙي عظيم جدوجهد جي ضرورت آهي جيئن هن ملڪ جا پورهيت، هاري ۽ مزدور پنهنجي پيٽ جو پورائو ڪري جي سگهن ۽ سندن ايندڙ نسلن لاءِ معشل راهه بڻجي سگهن.

شمن اوٺو/مهراڻوي

 

 

ايس ايس پي دادو ڏانهن خط!‎

دادوءَ ۾ جتي قانون مفلوج بڻيل آھي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، قانون جي حڪمراني بدران ڀوتارن جي حڪمراني قائم آھي، سياسي مداخلت عروج تي پهتل آھي، جنھن ڪري عام ماڻهوءَ جو جيئڻ محال بڻجي ويو آھي. جڏهن کان ايس ايس پي شبير سيٺار دادو ضلعي جون واڳون سنڀاليون آهن تڏهن کان امن جون واڳون بدامنيءَ جي هٿ ۾ اچي ويون آھن. جنھن ڪري ڦرون، ڌاڙا، چوريون ۽ تشدد سميت رتوڇاڻ روز جو معمول بڻيل آهي. روز ڪو نه ڪو واقعو پيش اچي رهيو آهي، ڪڏهن جوهيءَ ۾ جهيڙو ته ميهڙ ۾ ڌاڙو ڪڏهن خيرپور ۾ چوري ته ڪڏهن دادوءَ ۾ ماڻهو قتل ٿي وڃي ٿو، جنهن سبب دادو جي عوام ۾ بيچيني جنم وٺي رهي آهي. بدامني جي ايڪسيليٽر تي آخر ڪنهن جو پير آهي؟ بدامني ته اڳوڻي ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو جي هوندي به هئي پر ايترو ظلم نه هو، اها به حقيقت آهي ته اڳوڻو ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو گهڻي قدر ڏوهن کي روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو پر جڏهن کان سيٺار صاحب دادو ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان رتوڇاڻ جي واقعن ۾ غير معمولي تيزي اچي وئي آهي. منهنجي خيال ۾ ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب پوليس جو تحرڪ ۾ نه اچڻ آهي ۽ ٻيو سبب اهو به آهي ته سيٺار صاحب ان کان اڳ به دادو ضلعي ۾ ايس ايس پي رهي چڪو آهي، تنھن ڪري ڏوهارين جو سندس پاڻي تانگهيل آهي. ھڪ طرف بدامني ضلعي ۾ رقص ڪري رھي آھي ته ٻئي طرف سماجي برايون به نانگ جيان ڪر کڻي بيٺل نظر اچن ٿيون، ضلعي جي ھر شھر ۾ منشيات جو سرعام وڪرو ٿي رھيو آھي، جنھن سبب نئين نسل جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي. ايئن به ناھي ته مقامي پوليس کي منشيات فروش اڏن جي خبر ناھي پر پوليس جي انھن وٽ منٿلي فڪس ٿيل آھي منشيات ۾ چرس، آفيم، ڪچو شراب ۽ زھريليون سوپاريون پڻ ھر ھنڌ سرعام وڪرو ٿي رھيون آھن، جن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آھي. ان کان سواءِ فحاشي ۽ جوئا جا اڏا پڻ ھر شھر ۾ پوليس جي سرپرستيءَ ھيٺ ھلندڙ آھن پر دادو ضلعي جو هن وقت سڀ کان وڏو امن جو آهي ان ڪري سيٺار صاحب کي گهرجي ته دادو ضلعي ۾ خوني تڪرارن کي ٻنجو ڏئي جاني نقصان کان بچايو وڃي جيئن عوام سُک جو ساهه کڻي.

حاڪم علي چانڊيو/ دادو

 

سنڌ جي تاريخي ماڳن جي به سار لھو!

‎ سنڌ جي تاريخي ماڳ سنڌ جي تھذيب کي زندهه رکڻ ۾ تاريخي جايون آھن، جن سان سنڌ جي تھذيب سڃاتي وڃي ٿي، ڏٺو وڃي ته سنڌ جا تاريخي ماڳ اجڙيل ۽ ويران آھن، ڪوٽڏجي قلعو، موئن جو دڙو، مڪليءَ جو قبرستان، ڀنڀور، ڪينجھر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، ھاليجي ڍنڍ (ٺٽو)، امر ڪوٽ، رني ڪوٽ، اڙور، گورک ھل دادو، شاھجان مسجد، ساڌ ٻيلو ۽ سنڌ ۾ اڃا ٻيون ڪيترائي تاريخي ماڳ ۽ ھنڌ موجود آھن جن تي ڪم ڪرڻ ۽ انھن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌ سھڻي من موهڻي پياري آھي، ان جو سبب ھڪ تاريخي ماڳ ۽ بزرگ هستيون حضرت لعل شهباز قلندر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست ستن ٻولين شاعر ۽ ٻيون مذھبي روحاني پيشوا هستيون به سنڌ ۾ آھن. ڪوٽڏجي قلعو تمام مضبوط قلعو آھي پر ان جي اندر ڪا به سھولت ناھي، ڪوٽڏجي قلعي جي اندر ميوزم ناھي، ڪوٽڏجي قلعي ۾ تاريخي شيون ھيون جيڪي خبر ناهي ڪيڏانھن ويون،. انھن کي واپس آڻي ڪوٽڏيجي قلعي ۾ رکرايو وڃي. قلعي جي اندر ڪم ڪرايو وڃي. گورک ھل جي رستي کي ٻين پاسن کان مضبوط ڀت ٺھرائي وڃي ۽ مٿي گورک تي مسافرن جي سھولتون مھيا ڪيون وڃن، ايئن اروڙ جي تاريخي ماڳن تي به ڪم ڪرايو وڃي، جيڪڏھن ھنن تاريخي ماڳن تي ڪم ڪرائي ۽ خوبصورت بڻايو وڃي ته ھي تاريخي ماڳ حڪومت جي لاءِ آمدني جو ذريعو بڻجي سگھجن ٿا، جيئن سنڌ خوبصورت ھئي ايئن سنڌ کي خوبصورت بڻايو وڃي.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ