معصوم پريا ڪماري ڪڏھن بازياب ٿيندي؟

سنڌ عظيم صوفين، بزرگن ۽ درويشن جي ڌرتي آھي، عظيم درويش صوفين پڻ ھن ڌرتي تي جنم ورتو آھي، شاعر شيخ اياز کان ويندي سيد راشد مورائي، ماما جمن دربدر جھڙن ڪردارن به سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ تي جنم ورتو، سنڌ جي درد کي سمجھي ھلڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه آهي، انھن مان ڊاڪٽر نظير کوکر به ھڪ آھي، سنڌ ھر روز مسئلن جي ور چڙھيل آھي، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ڀنگ لاءِ اغوا جو ڳڙهه بڻجي چڪو آھي ھر روز ڪو نه ڪو اغوا ٿي وڃي ٿو، بهرحال اوھان کي ياد ھوندو ته 26 مھينا اڳ سنگرار مان امام حسين عليه السلام جي سبيل ورھائيندي معصوم نينگري پريا ڪماري اغوا ٿي وئي ھئي، جنھن جا لاڳيتا احتجاج ٿيندا رھيا پر انتظاميا اڃا تائين معصوم نينگريءَ کي بازياب نه ڪرائي سگھي آھي، معصوم جي امڙ جي ڪهڙي حالت ھوندي، اھا ھڪ امڙ ئي اندازو لڳائي سگھي ٿي. چوندا آھن ته جت باهه ٻري اھا جاءِ سَڙي، جنھن امڙ کان معصوم گلاب جي گلڙن جھڙي پريا ڪماري پري ھجي، ان امڙ جي ڪهڙي حالت ھوندي؟ لاڳيتو راڻيپور احتجاجن، علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ تي ويٺل رھيو ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽر نظير کوکر جي اڳواڻي ۾ پيدل مارچ سکر پريس ڪلب روانو ٿيو، جنھن کي اڄ 2 مھينا ۽ 5 ڏھاڙا گذري چڪا آھن پر معصوم پريا ڪماري سميت سنڌ مان جيڪي به اغوا ٿيل آھن انھن مان ھڪ به بازياب نه ٿي سگھيو آھي. جدوجهد جو ٻيو نالو ڊاڪٽر نظير کوکر آھي (رت ديس تنھنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وھي وڃي، تنھنجو به قرض لھي وڃي، منھنجو به نصيب ٺھي وڃي). ڊاڪٽر نظير کوکر پنھنجا سڀ ڪم ڪار ڇڏي سنڌ جي درد کي پنھنجو درد سمجھي معصوم پريا ڪماري جي امڙ جو درد ڏسي پنھنجو فرض سمجھي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي تائين سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي علامتي بک ھڙتالي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آھي، جيڪا رات ڏينھن اھا علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ جاري آھي، سڄي سنڌ جي ساڃاهوندن جو ھڪ ئي مطالبو آهي ته  معصوم پريا ڪماري سميت اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرائي ڏيو.

عبدالجبار چانگ/ ھنڱورجا

 

ايف آءِ اي هڪ باوقار ادارو!

جنهن ملڪ جا ادارا مضبوط هوندا ته اهو ملڪ مضبوط هوندو، هن وقت ملڪ جا ادارا پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهي ادارن ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندا پيا اچن، ڳالهه ڪجي وفاقي تحقيقاتي ادري ايف آءِ اي جي ته اها هڪ سيڪيورٽي ايجنسي آهي جيڪا ڏوهن مثلن اميگريشن، غير قانوني انساني اسمگلنگ، رشوت خوري، سائيبر ڪرائيم، مني لارنڊنگ وغيره بابت معاملا ڏسندي آهي، هن وقت ڳالهه اها آهي ته فٽيف جي گري لسٽ کان پاڪستان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ان لاءِ جن قدمن جي ضرورت هئي تنهن لاءِ مختلف ايجنسين ملي ڪم ڪيو، جنهن ۾ ايف آءِ اي به شامل آهي، مني لارنڊنگ روڪڻ لاءِ ايف آءِ اي وڏا قدم کنيا اسلام آباد ۾ جڏهن چيئرمين نيب ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان سلسلي ۾ هم رابطا وڌائڻ لاءِ مختلف حڪمت عملين تي غور ڪيو ويو. احتساب جاچ ۽ صلاحيت جي اهم شعبن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار وڌائڻ تي پڻ اداري ڪم ڪري رهيو آهي. ايف آءِ اي جو ميڪنزم اهو آهي ته ان جي سربراهه جي مقرري وزيراعظم جي منظوري سان عمل ۾ ايندي آهي، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي پوليس جي اعليٰ عهديدار مان هوندو آهي. ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪاررواين جي نگراني ۽ سولائيءَ سان 08 ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ۽ 35 ڊائريڪٽرز جي مدد حاصل هوندي آهي. ايف آءِ اي جو هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ آهي جيڪو اتي الڳ ٽرينگ ايف آءِ اي اڪيڊمي رکي ٿو، جيڪو اسلام آباد ۾ 1976 ۾ کولي وئي. ايف آءِ اي انفارميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي بابت ڏوهن جي جاچ لاءِ هڪ ماهر ونگ ٺاهي، سائبر ڪرائيم ونگ ۾ جديد ترين ڊجيٽل فرانزڪ ليبارٽريون پڻ آهن جن جو انتظام اعليٰ تعليم يافتا فرانزڪ ماهر ڪندا آهن. ڪمپيوٽر ۽ سيل فون فرانزڪ سائبر/ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي جاچ، انفارميشن سسٽم آڊٽ ۽ ريسرچ اينڊ ڊولمينٽ ۾ مهارت حاصل هوندي اٿن. هلندڙ سال ڪرنسي جي غير قانوني ايڪسينچ ۾ ملوث 416 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جون آفيسون سيل ڪيون ويون. ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ پڻ بهتر قدم کڻي رهي آهي، جنهن لاءِ سڀ کان پهريان انساني اسمگلنگ جي پاڙان خاتمي لاءِ سماج ۾ آگاهي ضروري آهي. هن وقت سرحد تي شهرين جي چرپر لاءِ جديد طرز جو نظام متعارف ڪرائڻ لاءِ زور ڏنو پيو وڃي ته ايف آءِ وٽ هڪ ميڪنزم موجود آهي، جيڪو اسان وٽ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ملازم ۽ آفيسرن خلاف پهريون انڪوائري ٿيندي آهي، پوءِ ميرٽ تي انهن خلاف فيصلو ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ نوڪري ۽ عهدي تان ڪڍڻ لاءِ ڪارروائي عمل ۾آندي ويندي آهي. هن وقت هي ادارو قابلِ فخر اداري واري حيثيت سان نهايت ذميوار ۽ ايمانداراڻي طريقي سان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

ھاڻي سنڌ مٿان به بار گهٽائجي!

(حصو پهريون)

پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين لکين ڌاريا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي ھتي رھندڙ اصل وارثن سان وڏيون ناجائزيون پيا ڪن جن کي اسان جيءَ ۾ جايون ڏنيون، انھن اسان کي ٻوري ۾ لاش سان گڏ اسان جي ٻارن کي نشي جھڙي لعنت تي ھيرايو ۽ ان سان گڏ اسان جي مڪتبن تائين ھٿيار پھچايا، ان سان گڏ ڪئي برايون پکيڙيون، جن جو درد ھن مھل تائين ڀوڳيون پيا. اسان پاڪستان ٺھڻ وقت ايندڙ مھاجرن مان سبق نه سکي سگهياسين جو برمي، بنگالي، افغانين توڙي ٻين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. صرف سياسي مفادن جي ڪري سنڌين کي تباهه و برباد ڪيو ويو، جنھن ۾ سنڌ حڪومت جو وڏو ڪردار آھي، ھنن ھميشه ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو، جنھن سان ھنن کي ووٽ وٺڻ خاطر سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا، ھن سان گڏ نادرا جو عملو جنھن غيرقانوني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌين سان وڏي ناجائزي ڪئي، ھي سنڌ ڌرتي جا غدار نادرا ۾ ويھي چند پئسن عيوض پنھنجي ايمان جو سودو ڪري ھنن کي پاڪستان جي سڃاڻپ ڏني. اسان اڳي ئي ڌارين جي لوڌ جو بار کنيو ويٺا ھئاسين مٿان آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو تڏھن ان دور جي ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف افغانين کي پاڪستان ۾ رھڻ جي اجازت ڏني، انھن افغانين کي پاڪستان جي ٻين صوبن اڳ جيان چيو ته پاڪستان آگي ھي پر سنڌين وري به ساڳي مھان نواز ي واري روايت قائم رکي جيڪا ھميشه ھنن کي ڳچي ۾ پئي آھي، انھن افغانين کي سنڌ ۾ جاءِ ڏني، جن ايندي ئي سنڌين ۾ دھشتگردي جو ٻج ڇٺيو، جن پناھگيرن کي ڪئمپن ۾ رھائڻو ھو اھي سنڌ جي ڪنڌ ڪرڇ ۾ ڦھلجي ويا، جيڪي سنڌين لاءِ وڏو ناسور بڻجي ويا. ھر پاسي اھي افغاني نظر پي آيا، ڪراچي، حيدرآباد ۾ ھر جاءِ تي صرف اھي افغاني نظر پي آيا. ڪراچي سي وي يو تي انھن ڄڻ ته قبضو ڪري ورتو آھي، اتي سنڌين سان جھيڙو معمول بڻيل آھي، انھن ڪئين سنڌي نوجوان به قتل ڪيا آهن جن ۾ سنڌ جي راڳي شمن علي ميرالي جو ڀائٽو توڙي ارشاد رانجھاڻي کي قتل ڪيو، ھي اصل ۾ ڏوھاري آھن جيڪي ھنن ڏوھاري ڪارروايون سنڌ ۾ به جاري رکيون، اصل ۾ ھنن کي ڪئمپن ۾ رکڻو ھو پر ھنن کي اھا ڇوٽ ڏني وئي، اوھان وڃو ۽ سنڌ تي قابض ٿي اتي ڪاروبار به ڪيو اصل وارثن کي لاش ڏيو ۽ انھن سولائيءَ سان ڪارروايون ڪيون توڙي جو ھر شھر جي ڦٽ پاٿن تي قبضو ڪري ورتو، ھن وقت ميرپورماٿيلو شھر جي ڦٽ پاٿ تي ھنن جو قبضو آھي. (جاري)

علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو