ميان! ڪا “ميائون” اسان پڻ ڪئي هئي

ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته تازو سياست جي جهان ۾ داخل ٿي نواز ليگ سان سياسي “عقد” ڪندڙ بشير ميمڻ ذاتي طور تي انتهائي سٺو ماڻهو آهي. پوليس هجي يا ايف آءِ اي، ان جي ساک تمام سٺي رهي آهي پر سياست ۾ اهڙا ماڻهو کوٽي سِڪي وانگر هوندا آهن جيڪي هلي نه سگهندا آهن، ڇو ته اهي سياست جي “اندرين، ٻاهرين ۽ وچين” کان واقف ڪونه هوندا آهن ۽ نواز ليگ به جڏهن اقتدار ۾ هوندي آهي ته اها سنڌ کي وساري ڇڏيندي آهي. رڳو شاهه محمد شاهه ۽ کيئل داس ڪوهستاني جهڙا وڏڙن جي نشانين طور گڏ کڻي هلندي آهي، پر هن ڀيري ته اهي به ميارون پيا ڏين ته اسان کي به آزمائي ڏسو ها. ڪي وري “نوني” ورڪر اهي ميارون پيا ڏين ته، “ميان ڪا ‘ميائون’ اسان پڻ ڪئي هئي!، پر توهان هالائي يار ڪيو آهي. اهو هالائي همراهه بيشڪ شفاف ڪردار وارو هجي پر سياست جو تجربو نٿو رکي. پ پ پ جو سڄو انحصار اليڪٽيبلز (ڀوتارن) تي آهي، جڏهن ته نواز شريف اليڪٽيبلز بدران ايف آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه کي آندو آهي، (اليڪٽيبلز تي انحصار نه ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي) وري به نواز ليگ ڪجهه مقابلو پ پ پ جو ڪري وڃي ها پر هاڻي جيڪو جي ڊي اي سان اتحاد ڪري چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان اهي امڪان به گهٽائي ڇڏيا آهن، ڇو ته سڀ سمجهن ٿا ته جي ڊي اي وٽ ڇٽل ڪارتوس آهن.

عليم سميجو/ڄامشورو

 

“هيجڙا فيسٽيول”: شاباس ٽرانسجينڊرز!

اڄڪلهه ملڪ ۾ ميلن جي موسم آهي. ميلي لاءِ انگريزي لفظ ۾“فيسٽيول” آهي، “ميلو” ٻهراڙين جي لغت ۽ مقامي لفظ آهي. ميلي وارو لفظ سامهون ايندي ئي ملهه ملاکڙو، ڍڳن (ڏاندن) جا مقابلا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سامهون ڦرڻ لڳي ٿو. ميلي ۾ ماڻهو ڪا ميڊم ڏسڻ لاءِ ئي سِڪيو وڃي، پر فيسٽيول ته آهي ئي ميڊمن جو. نواڻ بهرحال سٺي ڳالهه آهي. سو ڳالهه پئي ڪيم ته هيءَ ميلن جي موسم آهي. ميلو يا فيسٽيول ڪٿي به هجي، گهڻو ڪري هوندا ساڳيا ئي ماڻهو آهن، اديب، فنڪار، شاعر، دانشور، سڄي ساري سول سوسائٽي، رڳو سيشن الڳ الڳ هوندا آهن. هن ميلن جي موسم ۾ ملڪ جي مظلوم خلق ٽرانسجينڊرز “هيجڙا فيسٽيول” جي نالي سان ميلو مچائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. 10 نومبر تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ لڳندڙ ان ميلي ۾ سماج جي سجاڳ ۽ ساڃاهه وند پرتن کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. ان فيسٽيول جو مقصد محبت ۽ ڀائيچاري جو پرچار آهي. اسان کي ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جي ان فيصلي ۽ جرئت کي ساراهڻ گهرجي ته بنياد پرستي واري هن دور ۾ انهن مزاحمت جي وک کڻي محبت ۽ ڀائيچاري جي پيغام لاءِ وقت ڪڍيو آهي ۽ سنڌ جي ساڃاهه کي سڏ ڏنو آهي. شاباس ٽرانسجينڊرز!

امان بڙدي/حيدرآباد

 

مليريا پيراسائيٽ تي تحقيق

الفونس ليوران 18  جون 1845 ۾ پيرس فرانس ۾ پيدا ٿيو. ھن جو پيءُ ۽ ڏاڏو دوائن جي فيلڊ ۾ ڪم ڪندا ھئا. ھن جو پيءُ لائوس ٿيڊور ليوران آرمي جو ڊاڪٽر ۽ پروفيسر ھو. جڏھن ھي ننڍو ھو ته پنھنجي خاندان سان گڏ الجيره جو سفر ڪيو. ھن جي پيءُ فرانس واپس اچي ايڪوئي دي ول گريس ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. الفونس پنھنجي  تعليم سينٽ ڪاليج بابي مان مڪمل ڪئي۔ 1860ع ۾ ريزيڊنٽ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ طور اسيٽ برگ سول اسپتال ۾ ڪم ڪيو. 1894 ۾ ھن آفيسر طور ڪم ڇڏي ڏنو ۽ ھن چيف ميڊيڪل طور ڪم شروع ڪيو۔ 1893ع ليوران سياسي اڪيڊمي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ھن وٽ نه ڪا ليبارٽري ھئي، نه ڪو مريض ھئو پر ھن جي خواھش ھئي ته ڪم کي جاري رکيو وڃي. ھن 1897ع کان 1907ع تائين تحقيق ڪئي. ھيماٽوزوا (Haemotozoa) اسپوروزوا (Sporozoa) ۽ ٽرپنوسوما (Trypnosoma) تي ريسرچ ڪئي ۽ پوءِ پاسٽر انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ٿيو. 1882ع ۾ ھي روم ويو، مليريا جي مريضن جي ڳولا ۾، پر ھن کي مليريا جو مريض نه مليو. ھن کي مليريا پيراسائيٽ تي تحقيق جي ڪري برينٽ پرائيز سان نوازيو ويو. مليريا جو اتر يورپ ۾ ڪوبه تصور نه ھو پر اٽلي ۽ يونان ۾ مليريا جو بخار عام ھو. 1885 ۾ الفونس ليوران کي ٻين ايوارڊن سان گڏ نوبل پرائيز سان نوازيو ويو۔ ھن جي وفات 18 مئي 1922ع تي پيرس فرانس ۾ ٿي.

رحمت الله راھمون/ سنڌ يونيورسٽي

 

“چائنا ڪٽنگ” تي هريل خلق ۽ سنڌ

لياقت آباد (ڪراچي) ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي سنڌي اصلوڪن رهواسين ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ وڌيڪ ويڇا وڌائينديون. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن پنهنجي تقريرن ۾ چيو آهي ته ڌرتي ماءُ صرف پاڪستان آهي، صوبا ڌرتي ماءُ نٿا ٿي سگهن. ايم ڪيو ايم صوبن کي صرف انتظامي يونٽ سمجهي ٿي. سنڌ ۾ عرب، افغان، بلوچ، پٺاڻ، يوناني، ايراني، ترڪ، ارغون، ترخان ۽ مغل جيڪي مختلف وقتن تي هتي آيا ۽ هتي جا ئي ٿي ويا. انهن هتي جي ٻولي ۽ ثقافت اختيار ڪئي. اهي پيڙهين کان پاڻ کي سنڌي سڏرائي رهيا آهن پر صرف ورهاڱي کانپوءِ جيڪي سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آيا، اهي پاڻ کي الڳ ۽ ڌار سمجهندا رهيا ۽ انهن نه هتي جي ثقافت اختيار ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ نه ئي وري هن قوم ۾ ضم ٿيڻ جي ڪا شعوري ڪوشش ڪئي. انهن پنهنجي سڃاڻپ “مهاجر” برقرار رکي ۽ توڙي جو مُني صديءَ کان انهن جون ڪئين پيڙهيون هتي پيدا ٿيون پر اهي پاڻ کي اڃان تائين “مهاجر” سڏائيندا اچن ۽ حد ته اها آهي جو پاڻ لاءِ ڌار صوبي جي به گهر ڪندا رهيا آهن. 70ع واري ڏهاڪي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي واري دور ۾ “مڪس اپ” ٿيڻ وارو عمل ڪجهه تيز ٿيو هو پر سنڌ جي بدخواهه قوتن کي اها ڳالهه نه آئڙي ۽ منظم رٿابنديءَ سان جهيڙا ڪرائي ان عمل کي روڪيو ويو ۽ نفرتون پيدا ڪري اردو ڳالهائيندڙن کي پري ڪيو ويو. اهي هر ڀيري اسٽيبلشمينٽ وٽ استعمال ٿيا آهن ۽ سنڌ جي مفادن سان انهن جو ٽڪراءُ رهيو آهي. اها ڳالهه سڀني اردو ڳالهائيندڙن لاءِ نٿي ڪري سگهجي. لساني بنيادن تي سياست ڪندڙ تنظيم اهي ويڇا وڌايا. اردو ڳالهائيندڙن کي اهو ادراڪ هجڻ گهرجي ته انهن کي سنڌ ۾ ئي رهڻو آهي ۽ سنڌ ۾ رهڻ لاءِ سنڌ کي ڌرتي ماءُ سمجهڻو پوندو. انهن کي پنهنجا مفاد سنڌ سان سلهاڙڻا پوندا. متحده قومي موومينٽ (پاڪستان) جي قيادت کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته معاملو مُني صديءَ جو ناهي، سنڌ صدين کان قائم آهي. سنڌ وطن آهي. سنڌ کي ڌرتي ماءُ مڃڻ کان انڪار ڪنهن به ريت اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي مفاد ۾ نه آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت جي ذهن ۾ اڃان تائين به ون يونٽ وارو تصور آهي. انهن طرفان اهڙا مطالبا ڪنهن به ريت اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي مفاد ۾ نه آهن. سنڌ تاريخي وطن آهي، سنڌ زمين جو ٽڪرو ڪونهي، جو ان کي “چائنا ڪٽنگ” ڪري کڻي وڃبو! ان ڪري ضم ٿيڻ واري تاريخي ارتقائي عمل جي مزاحمت ڪرڻ بدران ان کي قبولڻ گهرجي، اهو ئي اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي مفاد ۾ آهي.

شفيع ايم. بلوچ/لياري