سنڌ جي نگران وزيراعليٰ جو طوفاني دورو!
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ تعليم صحت ۽ ٻين ادارن جو حال پورو آھي، ادارن جو دوري ڪرڻ سان ادارن ۾ سست نه ڪم ڪندڙن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ملازم ۾ ٿرٿلو مچي ويو، سکر ۽ خيرپور جي صحت جي ناقص ڪارڪردگيءَ تي سنڌ نگران وڏي وزير جي ڪاوڙ ۽ سرڪاري ڪامورن کي معطل به ڪري ڇڏيو آھي. خيرپور ۽ سکر جي سرڪاري اسپتالن ۾ وڏي پئماني تي رشوت ۽ مريضن کي سھولتون مليل نه آھن، جنهن ڪري مريض ڀوڳين ٿا، بنا علاج جي واپس اچيو وڃن، آباديءَ جي حساب سان صحت جا ادارا تمام گھٽ آھن خيرپور جي آبادي لڳ ڀڳ 10 لکن کان مٿي ھوندي، ان حساب سان اسپتال ۾ ايترا بيڊ به نه آھن، تمام گھٽ لڳ ڀڳ 200 جي وچ ۾ بيڊ آھن پر ڏٺو وڃي ته سول اسپتال جي بجيٽ لکين رپيا اچي ٿي پر اھا ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ جيڪڏھن شفاف بنياد تي ڊي ايڇ او يا ايم ايس رکيا وڃن بنا رشوت يا ڪنهن سياسي رحم ڪرم تي رکيا نه وڃن ته بهتري اچي سگھي ٿي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جي کنيل قدمن کي ساراھجي ٿو، جڏھن ته سرڪاري تعليمي ادارن ڪاليجن ۾ به سھولتن جي اڻاٺ آھي. نون ڪاليجن ۾ فرينچر، ليبارٽريز ۾ سامان ناھي، سنڌ جو نگران وڏو وزير ھر مھيني ادارن جو دورو ڪندو ۽ ادارن ۾ سھولتون به ڏيارڻ ۾ يقين دھاني ڪرائيندو ته ادارن ۾ بهتري ايندي. عوام کي به صحت تعليم جون سھولتون ملنديون پر ان سان گڏ ايريگيشن، زراعت کاتي، ورڪس اينڊ سروس جھڙن ادارن جو به دورو ڪيو وڃي ته اهي ڪھڙو پيا ڪم ڪن؟
ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
مذهبي سياسي پارٽين کي متحد ڪرڻ جو مشن!
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جنوري 2024ع جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي هن وقت تائين نگران حڪومت جا سوا ٽي مهينا گذري چڪا آهن، ايندڙ چونڊن لاءِ مذهبي ۽ غير مذهبي سياسي پارٽين جون تياريون زور سان جاري آهن، 13 جماعتي سياسي اتحاد پي ڊي ايم جي صدر ۽ جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڀيري حڪومت اسان جي ٺهندي جنهن وڏي اعتماد سان اها ڳالهه ڪئي آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي بعد تحريڪ انصاف ۽ ان جي سربراهه عمران خان جي ساڍا ٽي سالا حڪومتي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ عوام کي ٿڪائي وڌو آهي، جن جي حڪومتن ۾ نوڪر شاهي وڏي رشوت جو بازار گرم رکي، خاص ڪري سنڌ ۾ رشوت سبب جائز ڪم ڪرڻ به ڏکيا هئا، جنهن ڳالهه تي مذهبي پارٽين کي اڳيان اچڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو، ڪراچيءَ جي علائقي ملير ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجا بنياد مظبوط بڻائڻ لاءِ مصروف آهن، اتي مذهبي تنظيمن جو به هڪ وڏو پليٽ فارم “تنظيمات اهلسنت” نالي سان قائم ٿيو آهي، جنهن اتحاد ۾ انجمن طلباءِ اسلام، جمعيت طلباءِ پاڪستان، سني تحريڪ، مرڪزي جماعت اهلسنت، انجمن نوجوانان اسلام، جمعيت علماءِ مجديديه، انجمن غلامان مصطفيٰ ﷺ، المصطفي ويلفيئر ۽ عوام اهلسنت نالي تنظيمون شامل آهن، اهڙي نوعيت جو اتحاد پهريون ڀيرو جڙيو آهي. هوڏانهن جماعت اسلام مطالبن کي ايجنڊا بڻائي ڌرڻي، مظاهري ۽ جلسن ۾ مصروف آهي. امير جماعت اسلامي سراج الحق پئٽرول قيمتن ۾ ٿوري گهٽائي رد ڪندي پئٽرول قيمت 150 رپيا مقرر ڪرڻ ۽ مهانگائي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. مشرف حڪومت 2002ع ۾ پهريون عام اليڪشن ڪرائي ته مذهبي پارٽين ملي متحده مجلس عمل جوڙي جنهن ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، مجلس عمل جو چونڊ نشان ڪتاب هو، تنهن وقت ايم ڪيو ايم جهڙي پارٽي به جماعت اسلامي اميدوار عبدالستار افغاني جي مقابلي ۾ قومي اسيمبلي جي اليڪشن هارائي وئي هئي، هن وقت اهائي ڳالهه آهي ته سياسي مذهبي پارٽين جو امڪاني اتحاد ايندڙ چونڊن ۾ به سڀني کي حيران ڪري سگهي ٿو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ضلعي گهوٽڪي جا تباهه ٿيل تعليمي ادارا!
اسان جي سنڌ جي تعليم تي نظر ڦيرايون ته اسان جي تعليم کي بهتر ٿيڻ ۾ ڪئين ڏھاڪا لڳندا، ڇو ته اسان جي تعليمي ادارن جون اڪثر عمارتون زبوني حال آھن، خاص ڪري پرائمري تعليم ته بلڪل نه ھجڻ جي برابر آھي، ان جو ڪارڻ سھولتن جو فقدان ڪروڙين رپين جي بجيٽ صرف ڪامورن جا کيسا گرم ڪرڻ تي خرچ ٿئي ٿي، ايتري قدر جو فرنيچر جي نه ھجڻ جي ڪري اڪثر اسڪولن جا ٻار ھيٺ ويھي تعليم پيرائين ٿا. ضلعو گهوٽڪي جنهن کي امير ضلعو ڪوٺيو ويندو آھي، ھن جي تعليمي ادارن جي اھڙي حالت آھي جو بلڊنگون موت جو رقص ڪن پيون، جن جي ڇتين جا هر ٻئي ڏينهن چاپڙ ڪرندا رهن ٿا ۽ ڀتيون توڙي عمارتون زبوني حال آھن پر ھتان جا ڪامورا آفيسن مان ٻاھر نڪرن ئي ڪونه ٿا، جنهن جي ڪري ھتان جي عوام اڪثر ڪري سراپا احتجاج ھوندي آھي پر ھتي ڊي اي او پرائمري ڪنهن سياسي پٺڀرائي تي لڳل ھوندو آھي، ھن کي اھا پرواهه نه ھوندي آھي ته اسان کي ڪير ڪجهه ڪري سگهندو! ھن وقت اھڙا گهڻي تعداد ۾ اسڪول موجود آھن جن ۾ فرنيچر به ناھي، جنهن ۾ اسڪول بچو چڍڙ به آھي، ھن اسڪول جا ٻار ھيٺ ويھي تعليم پيرائن تي مجبور آھن. ڄڻ ته ھن ضلعي ۾ ڊي اي او پرائمري مقرر ئي ناھي، ڪئي ڀيرا ھن بابت آگاهه به ڪيو ويو آھي پر ھر ڀيري اھو جواب ملي ٿو ته ھن وقت اسان وٽ فرنيچر موجود ئي ناھي. اسان اعليٰ اختيارين کان اھو مطالبو ڪيو ٿا ته جلد کان جلد فرنيچر مھيا ڪيو وڃي، جيئن ھتان جا ٻار سولائيءَ سان تعليم پرائي سگهن.
علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو