جوھي جي آبادگارن کي پاڻي ڏيو!‎

جوهي جي مختلف شاخن ۾ پاڻي نه پهتو چنجاڻي مائنر جي آبادگارن پاران پاڻي نه پهچڻ تي شاخ اندر قرآن خواني ڪرائي انوکو احتجاج ڪيو، رئيس عبدالحميد گاڏھي، وڏيرو اشرف گاڏھي، گلڻ خان گاڏھي، طالب حسين گاڏھي، جهنڊو لغاري، امام علي رستماڻي انور گاڏھي، احمد زمان گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاخ اندر قرآن خواني ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن دانهيندي الزام هنيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب جوهي جي آبادگارن کي ڪتي فصل لاءِ پاڻي نه ملي سگهيو آهي مٿان وري چيٽ به متاثر ٿي رهيو آھي، هنن چيو ته منڍ جا بااثر زميندار سرعام لفٽ مشينون لڳائي پاڻي چوري ڪري رهيا آھن، آبپاشي عملدار انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ رشوت عيوض خاموش بڻيل آھن، هنن چيو ته جوهي جي چنجاڻي شاخ سميت ٻين شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي آھي، اڄ اسان شاخ اندر قرآن خواني ڪرائي بارگاهه الاهي کي دانهن ڏئي رهيا آھيون. اسان جون هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، هنن چيو ته آبادگارن قرض کڻي زمينون ٺاهيون. آبادگار، زميندار، هاري ڦاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ سميت اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته چنجاڻي مائنر سميت جوهي برانچ جي شاخن ۾ پاڻي پهچائي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آچر کان احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

زرعي ڀاڻ جا ھٿرادو وڌايل اگھهه گھٽايا وڃن!

سرھاڙي ضلعو سانگھڙ ۾ زراعت بابت وڏو شھر آھي ۽ زرعي ڪاروبار ۾ ضلعي ۾ پھريون نمبر شھر سمجھيو ويندو آھي پر  شھر ۾ پيڊي مالڪن شھر ۾ ھڪ ھٽي قائم ڪري ڇڏي آھي، ھر سال سرھاڙي ۾ واپاري ٻج ۽ زرعي ڀاڻ جا من پسند اگهه مقرر ڪن ٿا پر ڪير پڇڻ واو ناھي ڪڏھن به ضلعي انتظاميا ڪو نوٽيس ناھي ورتو ۽ نه وري ڪو شھر جو سيزن ۾ چڪر ھڻي ڪنھن واپاري کان ٻج ۽ ڀاڻ جي اگھهن جي پڇا ڪئي ھجي، جيئن ته هاڻي ڪڻڪ جي سيزن شروع ٿيڻ واري آھي جيئن ته سارين جي سيزن ۾ به آبادگارن کي شھر جي واپارين مارڪيٽ اگھهه کان تمام گھٽ اگھه تي ساريون خريد ڪيون ۽ ڦٽين جي سيزن ۾ به غريب آبادگارن سان ظلم ڪيو مارڪيٽ جي مقرر اگھه کان گھٽ اگھه تي ڦٽيون خريد ڪيون پر ٻج ۽ زرعي ڀاڻ جا من پسند ھٿرادو اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آھن، آبادگارن سان ظلم ڪري ٻنھين ھٿن سان ڦريو پيو وڃي سرھاڙي ۾ اينگرو ڊي اي پي ڀاڻ 14000 رپين ۾ وڪرو ٿي رهو آھي ۽ سرڪاري اگھه 7800 رپيا آھي، اينگرو يوريا 5000 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آھي، ان جو سرڪاري ريٽ 2150 رپيا آھي، آبادگار ۽ ھاري ويچارا پريشان آھن پر شھر جا واپاري ٻنھين ھٿن سان غريب آبادگارن ۽ هارين کي ڦري رھيا آھن ۽ واپارين  گودامن ۾ ڀاڻ اسٽاڪ ڪري ڇڏيو آھي مارڪيٽ ۾ شارٽيج جو سبب جاڻائي گودامن ڀري ڇيا آھن ۽ من پسند  اگھه ڪتي ڇڏيا آھن جنھن سبب آبادگار مھانگي اگھه تي زرعي ڀاڻ واپارين کان وٺڻ تي مجبور آھن، سرھاڙي ۾ برائي مهرباني آبادگارن ۽ هارين تي رحم کائي نوٽيس ورتو وڃي ۽ سرڪاري اگھه مقرر ڪيو وڃي ۽ آبادگارن جي بيچيني دور ڪئي وڃي .

 

اسـد زرداري/ سرھاڙي