ڪرپشن ڪھاڻيون ۽ ڪرپٽ ڪردار!
تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسيپل آفيسر جي عھدن لاءِ ورتل امتحان جا حيرت انگيز نتيجا سامهون اچڻ کان پوءِ سنڌ جي شعور کي ته ڏندين آڱريون اچي ويون آهن، وڏي محنت ۽ پڙھائي کان پوءِ سنڌ جي سوين اھل نوجوانن پاران ڏنل انهن ڪميشن جي امتحانن جا نتيجا پڌرا ٿيڻ کان پوءِ نوجوان حيرت ۾ ورتل آهن ته ڪو سندن حق تي ھي پڪي جا ڌاڙيل ايئن به ڏينهن ڏٺي ڌاڙو ھڻي سگھن ٿا؟ يقين ئي نٿو اچي ته ڪو ھي ادارو جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طور سڃاپجندڙ “ڪرپشن سروس” ۾ ڪيئن ٿو بدلجي سگهجي! نه رڳو ھن ڀيري پر ڪجهه سال اڳ پڻ مختلف عھدن تي ورتل امتحانن جا نتيجا پڌرا ٿيا ھئا ته ٻيو ته ٺھيو پر پاڻ چيئرمين جا به ڪيترائي ويجھا ماڻهو انهن سيٽن تن نوازيا ويا ھئا ۽ بعد ۾ عدالتي فيصلي تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي تالو لڳايو ويو ھو. تازو جڏهن اداري ٻيھر پنهنجو ڪم شروع ڪيو ته نوجوانن ۾ اھا اميد جاڳي ته ھاڻ شايد ميرٽ جو پلڙو ڀاري ٿيندو ۽ ڪرپشن، پنهنجا نوازي کي ٻنجو ايندو پر انتهائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته عدالتي پابندي کان پوءِ ٻيھر به ڄڻ ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو تالو ڪرپشن ڪھاڻين جي رھيل سفر کي جاري رکڻ لاءِ ئي کليو ھو ۽ اداري جيئن امتحان وٺڻ شروع ڪيا ته تازو آيل افسوسناڪ نتيجا به پنهنجي سامهون آهن. دراصل ٿيڻ اڳ به ايئن گھرجي ھا ۽ ھاڻ به ضرورت انهيءَ ئي ڳالهه جي آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي تالو هڻي نوجوانن جي اميدن مٿان پاڻي ڦيرڻ بدران بهتر اھو آهي ته انهن پنهنجا نوازي، ڪرپشن ۽ ھي لکن جي ٿيل واپار ۾ ملوث سمورن ڪرپٽ ڪردارن کي عبرتناڪ سزائون ڏئي ملڪي عدالتن کي مثال قائم ڪرڻ گھرجي ته انهن نااھل ماڻهن جن پنهنجو نور نچوئڻ بدران حرام جي پئسي سان غريبن ۽ مسڪينن جي ٻارن جي حق تي مھا منافقي سان ڌاڙو ھڻي اھي عھدا ماڻيا آهن انهن کي پنهنجي نااھليءَ جو احساس ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته اعليٰ عدالتي جاچ ھيٺ ھن رڪارڊ ٽوڙ ٿيل ڪرپشن ۾ عھدا وڪرو ڪندڙ ڪميشن ۾ موجود ڪرپٽ ڪردارن ۽ اھي نوڪريون وٺندڙ نااھلن جن لکين رپيا ڏئي پنهنجي پاڻ کي وڏو پڙھاڪو ثابت ڪرڻ جي نام نهاد ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، انهن کي سخت سزائون ڏئي انهن سان سنڌ جي غريب مسڪينن جي حق تي لڳل تاريخي ڌاڙي جو حساب چڪتو ٿيڻ کپي ته جيئن سنڌ جي شعور جو ميرٽ مٿان ڀروسو بحال ٿي سگهي. باقي جيڪڏهن اھو ممڪن ناهي ته پوءِ اھڙي اداري جو ھئڻ يا نه ھئڻ ڄڻ ته سنڌ جي شعور لاءِ “نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو” مثل آهي.
آفتاب سليمان/چمبڙ .
ميرپورماٿيلو ۾ سبزي وارن کي ريٽ لسٽ ڪير جاري ڪندو؟
ميرپورماٿيلو ضلعي گهوٽڪي جو ھيڊ ڪوارٽر شھر آھي پر افسوس ھن شھر ۾ ڪا به سھولت موجو ناھي ۽ ھتي سبزي منڊي ھٿ سان ختم ڪري انهن دڪانن تي قبضو ڪري شھر واسين کي ان سهولت کان محروم ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري ھتي سبزين جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪندا رھن ٿا ۽ ھتان جو ميونسپل عملو صرف ريڙھي وارن کان اوڳاڙي ڪندو رھي ٿو ۽ ڪڏھن به ھنن کي ريت لسٽ جاري ناھي ڪندو، ڪالھ مان سبزي خريد ڪرڻ ويس، اتي سبزي جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا، مون ھنن کان ريٽ لسٽ بابت معلوم ڪيو ته ھنن چيو ته اسان وٽ ڪا به ريٽ لسٽ ناھي، مون چيو ته مان ٽائون آفيسر سان ڳالھان ٿو ان تي هنن چيو ته ڀلي انهن سان ڳالھايو، مون ھن جي نمبر ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڀوتارن جو رکيل آفيسر جو نمبر ڪيئن کليل ھوندو؟ ڪجهه مھينا پھريان مون اي سي ميرپوماٿيلو کان سبزي مارڪيٽ جي لاءِ ھڪ ليٽر ٽائون آفيسر ڏانهن جاري ڪرايو ھو پر ھن وقت تائين ان تي عمل ٿي نه سگهيو آھي ڇو ته سبزي مارڪيٽ جي قائم ٿيڻ سان ھنن جو پيٽ ڪير ڀريندو؟ جڏھن ته ڏھرڪي ۽ گهوٽڪي ۾ سبزي مارڪيٽ قائم آھي پر ميرپورماٿيلو ۾ سبزي مارڪيٽ جو نه ھجڻ افسوس جوڳو عمل آھي. ٻيو ته ٺھيو ميرپورماٿيلو جي ريڙھين وارن کي ٽائون ڪاميٽي پاران ڪا به ريٽ لسٽ جاري نه ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آھي، ضلعي انتظاميه کي گهرجي ته ھنن ريڙھين وارن کي ريٽ لسٽ جاري ڪرائي ھنن کي سرڪاري اگھه مطابق سبزي وڪرو ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.
علي حسن چڍڙ/ ميرپورماٿيلو