سارين ۽ ڦٽين جا ڪرندڙ اگھه ۽ پريشان ھاري!

سنڌ ۾ ھميشه ھارين سان ماٽيلي ماءُء وارو سلوڪ ڪيو ويندو رھيو آھي، جڏھن به فصل پچي راس ٿيندو آھي ته ان جا اگھه ڪيرايا ويندا آھن ۽ سرمائيدارن کي فائدو ڏنو ويندو آھي، ھاري ويچارن کي جيڪا ھن ڇهه مھينا محنت ڪئي ان جو پورو اجورو به نه ٿو ملي جنهن جي ڪري ھاري ويچارا پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ به انتهائي ڏکيائيءَ سان پالي سگهن ٿا، دوا، کاڌ، ڀاڻ ۽ ٻجن  جا اگھه آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن پر فصل جي پچي راس ٿيڻ وقت ھميشه فضلن جا اگھه ڪيرايا ويندا آھن، جنهن سان ھارين کي وڏو نقصان پھچي ٿو، جنهن سان ھاري ويچارا ڏينهن ڏينهون قرضدار ٿيندا ٿا وڃن، جيڪڏهن ھارين سان اھڙو حشر رھيو ته اھو ڏينهن پري ناھي جو سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون، ڪو به اھڙو نه ھوندو جيڪو ٻنين کي آباد ڪري، ڇو جو ھاري پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ٻنيون ڪاهيندا آھن، جڏھن ھنن کي مناسب اجورو نه ملندو ته ھو ڪٿان ٻنيون ڪاهيندا؟ ھن وقت سنڌ اندر سارين ۽ ڦٽين جو فصل پچي راس ٿيو آھي، ھوڏانهن سنڌ حڪومت ۽ واپارين جي ھڪ ھٽي شروع ٿي چڪي آھي جنهن ۾ ھر ڏينهن سارين ۽ ڦٽين جو اگھه ڪيريو پيو وڃي، جنهن سان ھارين جو وڏو نقصان ٿي رھيو آھي، جنهن جي ڪري سموري سنڌ  جا ھاري سراپا احتجاج آھن. حڪومت کي گهرجي ته ھارين کي مناسب اگھه ڏنو وڃي جي چانورن جي اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻو آھي، ھن ڀيري عوام کي سبسڊي ڏئي اڳتي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن جا اگھه گهٽ ڪيا وڃن جيئن  سولائيءَ سان اگھه ڪنٽرول ڪري سگهجن.

 

علي حسن چڍڙ/ ميرپورماٿيلو

 

انسان ۽ معاشرو!.

چوندا آھن انسان ۽ معاشري جو پاڻ ۾ وڏو گھرو تعلق آھي ڇو جو انسان ھوندو پوءِ معاشرو ٺھندو آھي. اسان چوندا آھيون اسان جو ڪنهن سان ڪو تعلق ناھي پر حقيقت ۾ ايئن ناھي، انسان جو انسان ۾ ھر وقت ڪونن ڪو ڪم پوي ٿو پيو. انسان ملي ھڪ خاندان ٺاھيندا آھن ۽ خاندان ملي ھڪ معاشرو ۽ معاشرو ملي ھڪ قوم ٺھندي آھي. انسان چوندو آھي ته مان آزاد آهيان پر ھو آزاد ناھي ھوندو، ھو جيڪو ڪجھ ڪندو آھي ڪنهن مجبوري کان ڪندو آھي، ھو اٿي گھمي ڦري ٿو ان جو مطلب اھو ناھي ته ھو آزاد آھي. اڄ تائين انسان جيڪا ترقي ڪئي آھي ان ۾ به ٻئي انسان جو ھٿ آھي، انسان اڪيلو ڪجھ به ڪري ڪونه ٿو سگھي. دنيا جي عظيم سائنسدان البرٽ آئين اسٽائين جو چوڻ آھي “انسان جيڪو چاھي اھو ڪري سگھي ٿو پر ھو نٿو ڪري سگھي، جيڪو ھو چاھي ٿو.”

حسنين علي ڪلهوڙو/ڪنڊيارو

 

ميان جي آمد، ضمانت ۽ سياسي امانت وارو سوال!

(حصو ٻيون)

ميان جي موٽ کي سندس گرفتاري کان بچڻ لاءِ مليل ضمانت کي سندس پارٽي صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم شهبازشريف چوي ٿو ته ميان نوازشريف جي ضمانت حق آھي، ن ليگ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ۽ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چوي ٿي ته ن ليگ ۽ نوازشريف کي ختم ڪرڻ وارا گهڻا آيا ۽ گهڻا هليا ويا پر نوازشريف اڃا موجود آھي. اهڙن ئي بيانن سان سندس سياسي مخالف پ پ اڳواڻ چون ٿا ته نوازشريف جو ڀلي رياستي استقبال ٿئي پر چونڊون نه کٽيندا. فيصل ڪريم ڪنڊي چوي ٿو ته 20 هزار پوليس اهڪارن سان ميان جو استقبال ٿي ويندو، ان کان سواءِ بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته چونڊن کي هڪ شخص جي واپسي ڪري روڪيو ويو آھي. هن جي بيان مان اهو تاثر ٿو ملي ته ن ليگ قيادت ڪنهن ڊيل تحت واپس ٿي آھي. هن سموري سياسي صورتحال ۾ ميان جي ڏيھ واپسي سياست تي ڪهڙا اثر ڇڏي ٿي، اهو سوال هڪ ته پنهنجي اهميت رکي ٿو پر ان سوال جي پرک به اڃا صاف ۽ چٽي تڏهن ٿيندي جڏهن ميان پنهنجي استقبالي ڪيمپ يا جلسي کي خطاب ڪندو ۽ سندس اهو خطاب ۽ ان خطاب ۾ چيل ڳالهيون تعين ڪنديون ته ميان جي موٽ جا ملڪي سياست تي ڪهڙا اثر پون ٿا. اڳوڻو سزا يافتا وزيراعظم نوازشريف ڏيھ ڀلي اچي ۽ ڏيھ اچي ڀلي سياست ڪري ۽ سياست ۾ سرگرم ٿي اليڪشن جو حصو ڀل ڇو نه ٿئي ۽ ڪامياب ٿي ڀل اقتدار جو محور ڇو نه بڻجي پر ميان نوازشريف جيڪو هن ملڪ جي سياسي ۽ اقتداري ڪاريڊورز ۽ رازن رمزن جو وڏو رازدار پڻ آھي کي هيٺين ڳالهين کي ضرور منهن ڏيڻو پوندو، جنهن کان هن جو انڪاري ٿيڻ  ڏکيو هوندو. ميان نوازشريف لاءِ اهو عام تاثر آھي ته هو پورو اسٽيبلشمنٽ آھي ۽ ٿرو اسٽيبلشمنٽ سياست ۾ آيو آھي، جنهن کان شايد سندس حامي به انڪار نه ڪري سگهندا پر اتي اهو به تاثر به ميان نوازشريف قائم ڪيو ته پرويز مشرف جهڙي سخت جنرل کي منهن ڏئي جيل جلاوطني قبول ڪيائين ۽ ان کان اڳ به ڪيترن ئي جنرلن سان مختلف مرحلن تي اختلاف ڪندي اقتدار وڃايائين جنهن کان ڪو به سندس سياسي ۽ ذاتي مخالف انڪار نه ڪري سگهندو. نوازشريف جنهن تي مختلف اقتداري دورن ۾ الزام لڳندا رهيا آھن ۽ هو انهن الزامن سبب اقتدار به جتي وڃائيندو رهيو آهي اتي هن کي سياسي ۽ اقتداري عهدن لاءِ نااهليت کي به منهن ڏيڻو پيو اٿس. ان سموري ڏکي صورتحال ۾ ميان جي موٽ سياست جو ڏيهي تاثر ڪٿي بيهاريندي اهو اڄ لکين ماڻھن جي منهن جو سوال آھي؟ (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ ڪراچي

 

پرائيوٽ بئنڪن جي ملازمن سان ظلم!

پرائيوٽ بئنڪ جا ملازم جن کي وصولي (رڪوري) لاءِ آچر جي ڏينهن به موڪل ناهي ڏني ويندي، آچر جي ڏينهن بئنڪ ته بند هوندي آهي پر لون آفيسرن کي آفيس جي گاڏي ڏئي ڳوٺن ۾ وصولي ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ آچر جو ڏينهن آفيشل موڪل هوندي آهي پر بئنڪ ملازمن کي پنهنجي ڊيوٽي بچائڻ جي خاطر ان عذاب مان گذرندو پيو آهي پر ٻڙڪ ٻاهر ناهي ڪڍندو. جڏهن هي بئنڪ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته هوندو ته هو سفيد پوش لباس ۾ هوندو آهي ۽ گاڏيون وغيره به ملنديون اٿس پر جڏهن پئسا وصول ناهن ٿيندا ته انهن جا ڪلاس شروع ٿي ويندا آهن، برانچ مئنيجر کي ايريا مئنيجر تنگ ڪندو آهي ۽ برانچ مئنيجر لون آفيسر کي ايترو ته تنگ ڪندو آهي جو جيڪڏهن ڪلوزنگ تائين وصولي نه ٿي ته پئسا لون آفيسر کان پنهنجي کيسي مان ڀرايا ويندا آهن، پوءِ لون آفيسر پنهنجي ڪسٽمر کي ايترو ته تنگ ڪندو آهي جو ڪسٽمر پنهنجي زندگي جو ڏيئو به اجهائي ڇڏيندا آهن. هڪ بک ۽ بيروزگاري، پوءِ ڪسٽمرن وٽ هڪ اهوئي حل آهي يا ڪا آفت آئي ته لون ريشڊول ۽ رول اوور ڪري سال اڳيان ڪيو ويندو آهي ۽ ڪسٽمر کي جڏهن ٻن سالن جو مارڪ اپ ڀرڻو هوندو ته ڪسٽمر پئسا ڀريندو ناهي ۽ لون آفيسر جي مجبوري هوندي آهي، پوءِ لون آفيسر رات تائين به انهن جي در تي ويٺو هوندو آهي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي لون آفيسر جيڪڏهن ڪسٽمر سان جهيڙو ڪري ته بئنڪ وارا ان جي ڪا به مدد ناهن ڪندا، آئون ته ايئن چوندس ته لون آفيسر بئنڪ ۾ ايئن آهي جيئن زميندار سرڙيو هاري رکندا آهن، ايئن اچي ڪم ڪندا آهن. لون آفيسر جيڪي نوڪرين لاءِ ڀڄي ڀڄي آخري در بئنڪون ۽ پرائيوٽ ادارا هوندا آهن ته ان ۾ اچي ڪم ڪندا آهن، پوءِ مجبوري جي ڪري ئي پيا اها نوڪري ڪندا آهن. آئون بئنڪ جي بالا آفيسرن کي اها ئي اپيل ڪندس ته بئنڪ جي لون آفيسرن ۽ ٻين ننڍن ملازمن کي آچر جي ڏينهن ۽ شام جو ساڍي پنجين وڳي موڪل ڏني وڃي ته جيئن هو به سک جو ساھ کڻن ۽ پنهنجي گهروارن کي وقت ڏئي سگهن.

 

شير محمد نونڌاڻي/ميرپورخاص