سپريم ڪورٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو!

 

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت آهي، آئين ۽ قانون تي سپريم ڪورٽ آخري ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪندي آهي، يعني فريادي لاءِ داد رسي حاصل ڪرڻ جو آخري فورم آهي، 1948ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جو قيام ٿيو جيڪو 1937ع ۾ قائم ٿيڻ واري فيڊرل ڪورٽ آف انڊيا جي جانشين هئي، 1956ع ۾ پاڪستان جي پهرين آئين لاڳو ٿيڻ بعد اعليٰ عدالت جو نالو فيڊرل ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان رکيو ويو، موجوده سپريم ڪورٽ آئين پاڪستان 1973ع جي آرٽيڪل 189 تحت پاڪستان جي ٻين عدالتن سپريم ڪورٽ جي حڪمن ۽ فيصلن کي مڃڻ جون پابند آهن، آرٽيڪل 190 تحت رياست پاڪستان، سمورا انتظامي ۽ عدالتي حڪم سپريم ڪورٽ جي مدد سان لاڳو ڪرڻ جون پابند آهن، 1973ع جي آئين ۾ سپريم ڪورٽ جي جوڙجڪ، اختيار جو دائرو، اختيارن ۽ انهن جي هلائڻ جي باري ۾ تفصيلي شقون موجود آهن، ججن جي مقرري لاءِ اهليت، طريقيڪار، رٽائرمينٽ، عمر، هٽائڻ لاءِ بنيادي طريقيڪار، ججن جي سروس جا شرط ۽ ضابطا تفصيل سان بيان ڪيل آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ جي ججن مان هر هڪ جي مقرري صدر آرٽيڪل اي 175 تحٽ ڪندو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل طئي ڪري صدر کي رپورٽ ڪندي آهي ته آيا جج جسماني يا ذهني معذوري جي سبب ڪري پنهنجي آفيس جي فرضن کي صحيح طريقي سان انجام ڏيڻ کان قاصر آهي يا مسڪنڊڪٽ جو مرتڪب رهي ٿو، جنهن لاءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي رپورٽ بعد ۾ صدر جج کي عهدي تان هٽائي سگهندو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل وٽ ججن لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ / ضابطه اخلاق جاري ڪرڻ جو اختيار به آهي ۽ جنهن ضابطا اخلاق جي پيروري ڪرڻ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن تي لازم آهي. هن وقت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ عدالتي تاريخ جو اهم فيصلو ٻڌايو آهي جنهن فيصلي بعد سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ٿي ويو آهي، چيف جسٽس سميت 10 معزز جج صاحبان ان ايڪٽ کي قانوني قرار ڏنو، ڪيس جي ڪارروائي دوران جنهن ان ڳالهه جي نشاندهي به ڪئي ته جيڪڏهن عدالت عظميٰ ڪو ڪم نه ڪري سگهي، اهو پارليامينٽ ڪيو آهي، جنهن کي تسليم ڪري اڳيان وڌڻ کپي. چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار، بئنچن جو جوڙجڪ ۽ هم خيال ججن جهڙا معاملا نه رڳو ٻاهر بحث هيٺ هئا پر سپريم ڪورٽ اندر به انهن مسئلن تي آواز اٿي رهيو هو، عدالت ۾ ورهاست جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان عمل کي نه رڳو عوامي مڃتا ملي پر عدالت جو وقار به بلند ٿيو، سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏئي نه رڳو پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا آهن پر پارليمانيٽ جي بالادستي به قائم رکي آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنو عاقل

او آءِ سي جي نظر عالمي عدالت طرف ڇو؟

 

جيئن ته 19 آڪٽوبر تي جدي ۾ او آءِ سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عالمي عدالت تي زور رکيو ويو ته فلسطين اسرائيل جنگ کي روڪرائين جڏهن ته روس طرفان ٺهراءُ جمح ڪيو ويو پر ان خلاف ٽن ملڪن ووٽ ڏئي ان کي رد ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو ويو ته اسان جي جنگ فلسطينن سان نه پر حماس سان آهي، عالمي عدالت ڏي نظر ڪرڻ پنهنجي ڀاڻ کي رسن سان ٻڌي مارائڻ جي برابر آهي ڇو ته عالمي عدالت ۾ ويٽو پاور انهن ملڪن جو آهي جن جي معشيت ھلي ئي ھٿيارن ۽ ميزائيلن تي ٿي، پوءِ اھي ڇو جنگ بندي ڪرائيندا؟ جي او آءِ سي متحد ٿي اسرائيل جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ھا ته آمريڪا، فرانس ۽ برطانيا ھنن جي پيرن ھيٺ ھجن ھا، جنگ به بند ٿي چڪي ھجي ھا پر اسان جي ليڊرن کي آمريڪا جي غلامي ڪرڻي آهي، سو ڇو متحد ٿيندا؟ ڏٺو وڃي ته مسلم ملڪن مان ايران مسلمانن جي مدد لاءِ اڳتي اڳتي نظر اچي ٿو پر افسوس مسلمان ليڊر سعودي عرب ۽ يو اي اِي اڃا تائين نه ڪا امداد جو اعلان ڪيو آهي نه وري ڪنهن مدد جو! تحريڪ طالبان به پنهنجي منهن تي پٽي ٻڌيون ويٺا آهن، جيڪي چوندا آهن ته اسان مجاھد آھيون پر انهن پنهنجي مسلمان ڀائرن جي قتل کان سواءِ ٻيو ڪو جھاد ناهي ڪيو .ھاڻي اچون ٿا ته گڏيل قومن موجب غزه تي بمباري کان پوءِ اتان تقريبن 10 لک فلسطينين لڏپلاڻ ڪئي آهي، جن کي فوري امداد جي ضرورت آهي. غزه کان وزارت صحت طرفان تازن انگن اکرن موجب 3785 فلسطيني شھيد ٿي چڪا، شھيد ٿيندڙن ۾ 1524 معصوم ٻار ۽ 1000 عورتون ۽ 120 بزرگ شامل آهن. اسرائيل عالمي عدالت جي قانون کي ٿڏي اسپتال تي حملو ڪري ثابت ڪيو ته عالمي عدالت به اسرائيل سان گڏ آهي. ھاڻ اچون ٿا اسرائيل جي ظلم جي طرف ته انٽرنيشنل  هيومنٽيرين لا ايڪسپرٽ ۽ پروفيسر نيو دھلي سائوٿ ايشيا يونيورسٽي چيو آهي ته اسرائيل فلسطينن جي کاڌ کوراڪ ۽ بجلي، گئس، پاڻي بند ڪري سڌي سنئين انٽرنيشنل قانوني جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. اسرائيل جي ان قدم سبب سڀ کان وڌيڪ اسپتالون متاثر ٿيون آهن، غزه شھر ۾ الوفا اسپتال جي ميڊيڪل ڊائريڪٽر حسن خلف چيو ته بجلي بند ٿيڻ سبب جنريٽرن تي اسپتالون ھلي رھيون آهن، جن جو مدو ٻه يا ٽي ڏينهن آهي، ھن وقت غزه جي پٽي ۾ 100 نوان ڄاول ٻار بجلي تي ھلندڙ طبي سامان تي آهن، جيڪي جيئرا رھي نه سگھندا. ھن الجزيره کي ٻڌايو ته اھي تمام ننڍا ۽ ڪمزور ٻار آهن، اٽڪل 1100 مريض جيڪي ڊائلسز مشينن تي ڀاڙين ٿا ۽ اسرائيل ماس ڪلنگ ڪري رھيو آهي. اسرائيل انساني حقن سان گڏ چلڊرين رائيٽس کي به لتاڙيو آهي. فلسطينيي اين جي اوز جو بيان آهي ته ھڪ معصوم ٻار ھر 15 منٽن ۾ شھيد ٿي رهي آهي، ھن کان وڌيڪ ڪھڙي اسرائيل جي درندگي ۽ مسلمان ملڪن جي خاموشي بيان ڪجي؟ آخر ۾ مان اھو ئي چوندس ته او آءِ سي جو اجلاس گھرائي مسلمان ملڪ پاڻ ۾ متحد ٿي اسرائيل خلاف جنگ جو اعلان ڪن ۽ شھيد فسطينن جو حسساب وٺي غزه پٽي تي جبري قبضو واپس وٺن.

 

ياسين سنڌي/ نوابشاھ

 

سنڌ قبيلائي جهيڙن جي تاريخ سان ڀريل آهي!

 

اسين ڪيترا ته خوش نصيب آهيون، سنڌ ڌرتيءَ جا رهواسي آهيون، جنهن ۾ ڀٽائي جهڙو بزرگ، قلندڙ شھباز جهڙو ولي ۽ سچل سرمست جهڙا صوفي بزرگ سنڌ جي چئني پاسن کان ستل آهن. ڇا انهن جي ريتن رسمن کي اسان اڃا به نه سمجهي سگهيا آهيون، ڇو اسان پنهنجي مائرن جي جگر جا ٽڪرا غيرت جي نالي تي قتل ڪيون ٿا؟ اهڙيءَ طرح سنڌ قبيلائي جهيڙن جي تاريخ سان ڀري پئي آهي، اهي واقعا ڪڏھن سڱاوتي تڪرار ته ڪڏھن پيار جي پرڻي تان، ته ڪڏھن زميني تڪرار تان، ته ڪڏھن عام رواج معمولي ڳالهين تان ٿيندا رهيا آهن، جن سان سوين انساني جانين کي گولين جو کاڄ بڻايو ويندو آهي ۽ انهن جهيڙن کي روڪڻ بجاءِ ويتر وڌايو پيو وڃي، جنهن جو اهم سبب آهي اسان جو ڪمزور قانون. ھٺ ۽ ضد جيڪو اسان کي قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪندڙ باھ ۾ اڇلائي ڇڏي ٿو، جنهن مان نسل در نسل نڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ صرف صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته شايد اھڙا واقعا نه ٿي سگهندا، آخر اسان سنڌ جي ماڻھن ۾ جهيڙن واري مرض مان جان آجي ڪيئن ٿيندي؟ قبيلائي جھيڙن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ شڪارپور سرفهرست آهن، اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته انهن قبيلائي ۽ خانداني تڪرارن کي روڪڻ لاءِ ڪي معزز شخصيتون نظر نه اينديون آهن. سنڌ جي قومپرست ۽ برادري جي معزز شخصيتن کي گھرجي ته هو اھڙن واقعن کي ختم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن جيئن وڌيڪ رتوڇاڻ ۽ خاندانن جا خاندان، مائرن جا پٽ ۽ ڀينرن جي ڀائرن کي ڪنهن جي دشمني جي ور نه چڙهي سگھن. جيڪي جھيڙا سالن کان هلي رهيا آهن انهن ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي، جيئن سنڌ کي ٻيھر بزرگن ۽ ولين واري سنڌ سڏيو وڃي.

 

محمد علي سيٺار/ شڪارپور

 

سماج جي تعمير ۾ استاد جو ڪردار!‎

 

ڪنهن  به سماج جي تعمير ۽ ترقي، شعور جي بيداريءَ ۾ استاد جو تمام اھم ڪردار ھجي ٿو، ڇو ته گھر کان پوءِ ٻار جي ٻي درسگاھ مدرسو ۽ اسڪول ھجي ٿو، ھڪ استاد پنهنجي ٻار کي نه رڳو تعليم جي زيور سان آراسته ڪري ٿو پر ان سان گڏوگڏ ان کي سٺي ۽ خراب جي تميز به سيکاري ٿو، سماج جو ڪارگر فرد بڻائڻ ۾ به پنهنجو ڪردار  ادا ڪري ٿو، ٻار جي اٿي ويٺي، چال چلت، اخلاق ۽ ڪردار ٻڌائيندو آهي ته ان جي تربيت ڪيئن ٿي آھي! استاد پيغمبري پيشي سان سلھاڙيل آھي، ان کي پيغمبري پيشو ان ڪري چيو وڃي ٿو ته جيئن  خدا جا پيغمبر ماڻھن کي جھالت مان ڪڍي علم ۽ ڄاڻ جي روشني ۽ علم  ڏانهن راغب ڪندا ھئا، استاد يا معلم جو به فرض ۽ ذميواري آھي ته ھن وٽ جيڪو علم ۽ شعور آھي اھو پنهنجي شاگردن ۾ منتقل ڪري ۽ انهن لاءِ عملي نمونو بڻجي والدين ۽ سماج جو به فرض آھي ته اھي پنهنجي ٻارن کي استاد جي عزت ڪرڻ سيکارين، اھو پھريون سبق آھي. باقي ان کان پوءِ اسڪول ۽ مدرسي ۾ ٻار ان ئي استاد ۽ معلم کي پنهنجو رول ماڊل بڻائيندو آهي جيڪو پنهنجي پاڻ کي ان لائق بڻائيندو آهي، ڪنهن به ملڪ جي سائنسي، مذھبي، ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ادبي ترقي ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ۽ محنت استادن جي ھجي ٿي، جيڪي عالم، سائنسدان، انجنيئر، اديب، شاعر ۽ ڊاڪٽر پيدا ڪن ٿا ۽ دنيا ۾ اھي ئي معاشرا ترقي ڪن ٿا جتي استاد کي سندس جائز مقام ۽ عزت ملي ٿي ۽ استاد به عملي طرح استاد ٿي ڏيکاري ٿو. اڄ جي نفسا نفسيءَ واري دور ۾ جتي انساني قدر ختم ٿي رھيا آھن اتي ڪي استاد به پنهنجو فرض صحيح طرح ادا نه ڪندا آهن، انهن کي به پنهنجي پيشي سان انصاف ڪرڻ گھرجي پر  اڪثر استاد پنهنجو فرض سٺو نڀائي رھيا آھن، حڪومت کي گھرجي ته استادن جي جائز مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪري، اھي مستقبل جا معمار پيدا ڪندڙ آھن.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

 

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کي گذارش!

 

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ادارو تمام سٺو آھي ۽ صاف صفاف نج ميرٽ وارو ادارو آھي پر جڏهن لوڪل ڳورمنيٽ جي ڊپارٽمينٽ ۾ ٽائون آفيسر جي ٽيسٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪنڊڪٽ ڪئي ھئي، انهيءَ ۾ مون به ٽائون آفيسر بي پي ايس 16 جي لاءِ ٽيسٽ معذور ڪوٽا تي حيدرآباد ۾ ڏني ھئي پر انهي بلاڪ ۾ ڪافي اھڙن بيروزگارن کي سلپ الاٽ ٿي ھئي جيڪي معذور ڪو نه ھئا، صحيح ويٺا ھئا، انهن جي سلپ تي معذور  لکيل ھو، اھو عمل معذورن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي ۽ بلاڪ ۾ ويٺل انويجيليٽر به انهن کان پڇاڻو ڪو نه ڪيو پر انهي بلاڪ ۾ ڪاپي جي ڌم متل ھئي، انهيءَ بلاڪ ۾ ويٺل ڪافي اھڙا بيروزگار ھئا جن پيپر تي ڪجهه ڪو نه لکيو ھو، انهن کان مون سبب پڇيو ته انهن چيو ته اسان کي ڪميشن وارا پاڻھي پاس ڪندا، اسان بيگون ڀري پئسا ڏيـنداسين، منهنجي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کي گذارش آھي ته جڏهن چالان ڪميشن جو ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿئي ٿو، انهيءَ سان گڏ اورينجل معذوري وارو سرٽيفڪيٽ ۽ معذوري وارو ڪارڊ  به اپلوڊ ڪرڻ جو آپشن رکيو ويو آهي ۽ ٽيسٽ سينٽر تي اوريجل معذوري جو سرٽيفڪيٽ ۽ اورينجل ڪارڊ معذوري واري لوگي سان گڏ وٺي انهي جي فٽنيس ڏسي پوءِ ٽيسٽ سينٽر ۾ اچڻ ڏنو وڃي ها ته جيئن معذورن جي حقن تي ڌاڙا لڳڻ بند ٿين ها.

 

منيش ڪمار واسو/ مٺي

 

دادو ضلعي کي ترقياتي اسڪيمون ڏيو!‎

 

دادو ضلعي جو جوهي تعلقو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، تيل، گئس، معدنيات، پيٽرول، ڊيزل، ڪوئلو ۽ يورينيم واهي پانڌي جي کيرٿر جبل مان نڪري رهيو آهي، تيل، گئس ڪمپنين طرفان اربن رپيا ڪاڇي دادو جوهي جي ترقياتي ڪمن لاءِ ملي رهيا آهن، جيڪي پئسا ڀوتار پنهنجي اليڪشن مهمن ۾ استعمال ڪندا آهن، زرداري کي راضي ڪندا آهن، زرداري پنهنجي لاءِ جڳ پيو خريد ڪري دبئي ۾، هتي اسان وٽ اسپتال جي سهولت ناهي، ماڻهو تڙپي تڙپي مري رهيا آهن، ڪاڇي ۾ روڊ رستا ناهن، ڪاڇي ۾ گرلس ڪاليج، گرلس اسڪول ناهي، صحت جي ڪا به سهولت موجود ناهي، منهنجو سوال آهي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي چونڊيل نمائندن کان ته اوهان رڳو تيل گئس ڪمپنين طرفان ملندڙ فنڊز ڪٿي خرچ ڪندا آهيون؟ ڪاڇي ۾ ترقياتي ڪم زيرو آهن، ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن، ڪاڇي جا روڊ رستا تباھ ٿيل آهن، جيڪڏھن اوھان عوام جا چونڊيل نمائندا آهيون ته اچو عوام جي سامهون هڪ کليل ڪچهري ڪري ڏيکاريو، دادو وارو ڀوتار عوام سان ملڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪو عوام جا ڪهڙا مسئلا حل ڪندو؟ جيڪي چونڊيل نمائندا آهن، فقط چونڊن دوران ڪاڇي، جوهي، دادو ايندا آهن، چونڊ کٽڻ کان پوءِ اهي غائب ٿي ويندا آهن، اهي چونڊيل نمائندا عوام جا ڪهڙا مسئلا حل ڪندا؟

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

عام واهپي جي شين اگھن تي ضابطو ڪير آڻيندو؟

 

هن وقت جيڪي ڊالر کي پر لڳل هئا اهي ڪٽجي رهيا آهن، رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ تيل جي قيمت به گهٽجي وئي آهي پر عام واهپي جي شين جا اگھه اڃا به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سرمائيدارن جي هڪ هٽي قائم ٿيل آهي،

جن اڳيان حڪومت به مجبور نظر پئي اچي. ضلعو گهوٽڪي جيڪو سرداري ضلعو ڪوٺيو ويندو آهي پر اتي ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هي ضلعو چند سرمائيدارن جو ضلعو آهي، جتي سرمائيدارن کان سواءِ ڪنهن جي به نٿي هلي، هو

جيئن چاهصن پنهنجي مرضي موجب شين جا اگھه وٺن ٿا، هتان جا مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر رڳو آفيسن تائين محدود آهن، جڏهن نڪرن ٿا ته چند دڪاندارن تي ڪاوڙ ڪڍي انهن تي ڏنڊ هڻي موٽي وڃن ٿا پر هنن سرمائيدارن ۾ ڪو به هٿ نٿو وجهي، جيڪي دڪاندار کي وڌيڪ اگھ ڏين ٿا، هن وقت امير ضلعي گهوٽڪي جي ماڻهن جي معاشي حالت تمام خراب آهي،

هو غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، حڪومتي اعلان موجب هر شيءِ جا اگھه سستا ڪيا ويا آهن پر اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي، ميرپور ماٿيلو ۾ ساين ڀاڄين جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن،

هر ريڙهي واري جو پنهنجو اگھه مقرر آهي، اگھن جي لسٽ جو ڪو تصور  ئي ناهي ته ڪا هنن کي اگھن جي لسٽ ملندي آهي، هر دڪان توڙي ريڙهي تي اها حالت آهي پر اسان وارا ڪامورا آفيسن مان نڪرن ئي نٿا، جيڪي عوام جي ٽئڪس تي پگهارون کڻن ٿا، اهي عوام مٿان شاهي حڪم هلائڻ ۾ پورا آهن. سرمائيدارن ۾ ڪو هٿ نٿو وجهي،

ايتري قدر جو ڪجھ ڏينهن پهريان ڊي سي گهوٽڪي ريٽ لسٽ جاري ڪئي هئي پر هن وقت تائين ان تي عمل ٿي نه سگهيو آهي، ڊي سي گهوٽڪي کي گهرجي ته ان تي جلد ضابطو آڻي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي جيئن عوام کي ٻن وقتن جي ماني مهيا ٿي سگهي.

 

علي حسن چڍڙ/ ميرپورماٿيلو